خاصنئون

هوا ۾ موجود جراثيمن کي ختم ڪندڙ مشين تيار

آمريڪي يونيورسٽي آف مشي گن جي ماحولياتي انجنيئر ڪرسٽا وگنٽن پنهنجي ٽيم سان ملي ڪري هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جنهن جي مدد سان هوا ۾ موجود بيڪٽيريا ۽ جراثيمن کي ختم ڪرڻ ممڪن ٿي پيو آهي. هن مشين ۾ جراثيمن کي مارڻ لاءِ باهه جي جاءِ تي خالص آڪسيجن جو استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪا اسٽيٽڪ اليڪٽرسٽي جهڙو اثر پيدا ڪري ٿي. جنهن مان گذرندڙ هوا جلد ئي آئيو نائيزڊ (Ionized)  ٿي ويندي آهي. هن مشين ذريعي هوا کي صاف ڪرڻ جي عمل ۾ ڪجهه سيڪنڊن لڳندا ۽  هوا کي صاف ڪري سگهجي ٿو. هن مشين مان گذرندڙ هوا ۾ موجود جراثيم ناڪارا بڻجي وڃن ٿا ۽ اهي ڪنهن کي به بيمار بڻائڻ جي قابل نه ٿا رهن. پهرئين مرحلي ۾ هن مشين تي تجربا ڪري نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن  ٻئي مرحلي ۾ هن مشين کي عام ماڻهن جي استعمال لائق بڻايو ويندو ۽ مارڪيٽ ۾ آندو ويندو.