داعش سري لنڪا ۾ ٿيل ڌماڪن جي ذمي داري قبول ڪري ورتي
پرڏيهي خابرو ادارن پاران چيو پيو وڃي ته دهشت گرد تنظيم داعش سري لنڪا ۾ ٿيل ايسٽر جي ڏينهن تي سري لنڪا جي هوٽلن ۽ چرچن ۾ ٿيل ڌماڪن جي ذمي داري قبول ڪري ورتي آهي. جڏهن ته دعويٰ ۾ خودڪش بم ڌماڪا ڪندڙن جا نالا ۽ تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سري لنڪا جي حڪومت اڃان تائين پنهنجي بيان تي قائم آهي. جنهن ۾ حڪومت ڌماڪن جي ذمي داري مقامي شدت پسند تنظيم التوحيد تي لڳائي هئي.