بلاگ

پاڪ- عرب تعلقات

ايم. عالم بروهي

اڳوڻو سفير

دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ خلاف وڙهندو جيڪي سڄو سال مسلمان ملڪن لاءِ خطرو بڻيل آهن. بهرحال ٻارنهن مئي آچر 2017 تي سعودي عرب جي شهر رياض ۾ نالي ماتر عرب اسلامڪ آمريڪن سمٽ ٿي گذري، ان سمٽ کانپوءِ انهن خيالن کي وڌيڪ طاقت ملي جن تي اڳ ۾ ئي ڳڻتي ڏيکاري پئي وئي ته هن اتحاد ۾ ايران، شام ۽ عراق کي شامل نه ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ سني اتحاد بمقابلا شيعه اتحاد جي سازش جي بوءِ اچي رهي آهي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ شاهه سليمان بن عبدالعزيز پنهنجين تقريرن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو مرڪز تهران آهي ۽ ٻنهي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي اثر کي وچ اوڀر مان هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو ۽ اهو فوجي اتحاد ان لاءِ ئي جوڙيو ويو آهي.

هن سمٽ مسلمان ملڪن کي فرقي جي بنياد تي ٻن مخالف بلاڪن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. جنهن جو نتيجو مغرب جي ملٽري انڊسٽريءَ ڪامپليڪس کي ئي ملندو ۽ هن خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ وڌي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان ملڪن وچ ۾ فرقيوارانه گهرو ويڙهه ۾ اضافو ٿيندو. پاڪستان جو پنهنجي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف کي ان اتحاد جي اڳواڻيءَ لاءِ موڪلي ڏيڻ ۽ وزيراعظم جو ان سمٽ ۾ شامل ٿيڻ ان ڳالهه جي گواهي آهي ته پاڪستان ان تباهيءَ ۾ حصيدار بڻجڻ وارو آهي ۽ ان ۾ هن ايران سان ٻه طرفن لاڳاپن کي به قربان ڪيو آهي. هي عرب سني اتحاد خطي ۾ هڪ نئين اسٽريٽيجڪ ڳٺ جوڙ آهي جنهن کي اسرائيل جي لڪيل پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ۾ اهي سڀ ملڪ پنهنجي گڏيل دشمن خلاف اتحادي ٿيا آهن. هن نئين اتحاد آرگنائيزيشن آف دي اسلامڪ ڪانفرنس جي موت جو اڳواٽ ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان کي هن وقت تمام گهڻي دانشمنديءَ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي عرب ايران ڇڪتاڻ کان پاڻ کي پاسيرو رکڻ گهرجي ۽ اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ پاڪستان جيڪڏهن دير سان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته سعودي عرب ۽ ٻيا گلف جا ملڪ يقينن ان فيصلي کي خوشيءَ سان قبول نه ڪندا. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان هن وقت سخت مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي. اسٽريٽيجڪ اينالسٽ جو چوڻ آهي ته هن فورس جي ڪري ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويڇا اڃان وڌندا ۽ پاڪستان جي ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ سبب ايران اڃان به ڀارت کي وڌيڪ ويجهو ٿيندو.

پاڪستان حڪومت جو ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو انتهائي غير شفاف هو. ان فيصلي لاءِ اهائي  اميد ڪئي پئي وئي ته نواز شريف سعودي حڪومت جا ٿورا لاهڻ لاءِ ان قسم جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته ان ايڏي سنجيده معاملي تي ڪيبينٽ ۾ به بحث نه ٿيو. جنرل عبدالقادر هڪ وفاقي وزير ٽي ويءَ تي هڪ ڳالهه ٻولهه دوران جنرل راحيل شريف کي ان نالي ماتر اسلامي اتحاد جي آڇ نه قبول ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ڇو ته هن جي خيال ۾ اها آڇ آخر ۾ سندس ئي ساک لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. خواجه آصف دفاع واري وزير هڪ دفعو ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته پاڪستان حڪومت ايران سان راحيل شريف کي مليل آڇ جي باري ۾ صلاح مشورو ڪيو هو جنهن تي ايران کي ڪابه ڳڻتي نه آهي. جڏهن ته مسٽر مهدي هونر دُوست (Mehdi Honar Doost) پاڪستان ۾ متعين سفير ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ته پاڪستان حڪومت ايران کان ان معاملي تي نقطهءِ نظر ورتو هو ۽ ايران ان سلسلي ۾ سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هو ۽ ايران جي مطابق اها آرمڊ فورس مسلم ملڪن وچ ۾ ويڇا وڌائيندي. ان خبر کي ايراني خبر رسائيندڙ ايجنسي (IRNA) واضح نموني ڏيکاريو ۽ 3 اپريل 2017 واري ڊان ۾ به اها خبر ڇپجي هئي.

ڊائريڪٽر جنرل، انٽر پبلڪ رليشنز جي ميجر جنرل غفور، هڪ ٽوئيٽ ذريعي بيان جاري ڪيو ته رياست فيصلو ڪيو آهي، اڳوڻو چيف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اسلامڪ ملٽري اتحاد جي اڳواڻي ڪندو، ائين چئي هن بحث مباحثي وارا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا. ساڳئي وقت فارن آفيس به هڪ بيان جاري ڪيو ته پاڪستان پنهنجا وچٿرا لاڳاپا سعودي عرب ۽ ايران سان قائم رکندو. ڏسڻو اهو آهي ته  آخر اهي بيان ايران جي گمانن کي ڪيتري حد تائين دور ڪري سگهندا. ڏٺو وڃي ته هر ملڪ اهڙن فيصلن ڪرڻ ۾ آزاد آهي. جيئن ته برادر ملڪن جي وچ ۾ حساسيت کي نظر اندازنٿو ڪري سگهجي ان لاءِ پرڏيهي پاليسي جوڙڻ کان پهرين ان جي آئيندي تي پوندڙ اثرن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. ان فيصلي جا يقينن اولهه ايشيا ۽ وچ اوڀر واري خطي تي خراب اثر پوندا. ڪيترائي پرڏيهي پاليسيءَ تي کنيل فيصلا رياستن ۽ ان وقت جي رهنما جي ڳچيءَ لاءِ هميشه هڪ ڳٽ بڻجي ويندا آهن. اسان ماضيءَ ۾ گهڻائي اهڙا فيصلا ڪيا جن جي ڪري اڄ ڏينهن تائين پنهنجو ساهه منجهندي محسوس ڪريون ٿا جن ۾ سيٽو، سينٽو ۾ آمريڪا ۽ عرب ملڪن جي اتحادين سانMutual Assistance Treaty ۾ شامل ٿيڻ ۽ افغان جنگ جو حصو بڻجڻ شامل آهن. ڪيترن کي ڳڻتي آهي ته اهو اسلامڪ ملٽري الائنس هڪ دفعو وري مٿئين نموني ڳچيءَ جو ڳٽ ثابت ٿيندو.

هن وقت ايران، پاڪستان جي عرب ملڪن ڏانهن وڌندڙ لاڙي کي تمام گهرائيءَ سان ڏسي رهيو آهي، هن وقت ايران ڀارت سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪري رهيو آهي ته جيئن اولهه اوڀر ايشيا واري خطي ۾ اڀرندڙ نئين رياستي گروپ American China-containment Policy جو باقائده حصو بڻجي سگهي. اها صورتحال وچ اوڀر ۾ عرب ايران ڇڪتاڻ ۾ اڃان وڌيڪ واڌارو آڻيندي ۽ نئين اڀرندڙ اسٽريٽيجڪ الائنمينٽ لاءِ ٻئي طاقتون پنهنجي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ سرگرم ٿينديون. عرب ايران دشمني خطي ۾ فرقه بندي واري جهيڙي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سني عرب شيعه عرب سان مقابلي ۾ آهن جن کي پهرين گلف رياستن جي حمايت حاصل هئي پوءِ ايران جي. ان فرقيواريت جي باهه جا اُلا اسان جي ملڪ ۾ به ٻرڻ لڳا آهن. ان ڪري عرب ايران مسئلي تي پاڪستان جي ڪيترن ئي ڏکين وقتن ۾ غير جانبداريءَ واري پاليسي تمام عمده ۽ ساراهه جوڳي رهي آهي. اسان کي هاڻي به ساڳي پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ گهرجي.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته تقريبن ويهن سالن کان سعودي حڪومت جي پاڪستان جي معاملن ۾ گهڻي حد تائين دخل اندازي ٿيندي رهي آهي. هتان جون آرگنائيزيشنون پاڪستان حڪومت جي علم ۾ آڻڻ کان بنا سلافي سني اسلام ۽ وهابي  اسلام جو پرچار ڪنديون پيون وتن. هڪ وقت اهڙو به آيو هو جتي عربي کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ طور اختيار ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني وئي. شڪر آهي جو اسان جي ڪجهه دانشورن ان ڳالهه جو جلدي نوٽيس ورتو ۽ پنهنجو آواز بلند ڪري سعودي حڪومت جي مٿڀرائي قائم ٿيڻ کان اسان کي بچائي ورتو ۽ اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ڏي واپس موٽايو. ضياءُ الحق جي دور ۾ سعودي اثر رسوخ تمام گهڻي حد تائين پاڪستان اندر وڌيل هو ۽ اسان نالي ماتر مجاهدن ۽ سلافي سني اسلامسٽن کي سهولتون فراهم پئي ڪيون، سعودي عرب ۽ آمريڪا جي هٿن ۾ هڪ پتليءَ وانگر پئي کيڏياسين، جنهن جي بدلي ۾ اسان کي سعودي ريال ۽ آمريڪي ڊالر ملي رهيا هئا. سعودي انٽيليجنس ايجنسي جلد ئي اسان جي ڌرتيءَ تي پنهنجا سڌا سنوان لاڳاپا افغان رهنمائن ۽ مذهبي ادارن سان قائم ڪرڻ شروع ڪيا جنهن جي ڪري افغانستان ۾ جهادين کي سعودي عرب کان هڪ مستقل سپلاءِ لائين فراهم ٿي وئي.

سالن کان مڙهيل فرقيواريت پاڪستان اندر رهندڙ ماڻهن مان مذهبي برداشت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سلافي سني شيعا مسلمانن جي خلاف آهن، احمدين لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي ته ڪرسچين آباديءَ سان به غير انساني وهنوار جا واقعا رياست لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهن. شيعا رهنمائن ۽ هزاره ڪميونٽي جي مٿان ٿيندڙ خوني حملا ٻڌائين ٿا ته سلافي اسلام جو اثر پاڪستان ۾ وڌندڙ آهي ۽ عدم برداشت جو کلم کلا اظهار به آهي. ان سڄي عمل جي نتيجي ۾ ايران سان اسان جا دوستاڻه لاڳاپا متاثر ٿيا آهن. هاڻي سعودي حڪومت اسلام آباد ۾ راڄ ڪندڙ حڪومت لاءِ پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو کليو اظهار ڪرڻ لڳي آهي. سعودي حڪومت بينظير ڀٽو جي دور ۾ حڪومت کان ڪڏهن به مطمئن نظر نه آئي ۽ نه وري آصف علي زرداريءَ جي لبرل دور کي ڪڏهن پسند ڪيو. انهن اسان جي پاڙيسري ملڪ ايران سان خوشگوار ناتن کي هميشه شڪ جي نگاهه سان ڏٺو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کانپوءِ ايران سان اسان جي لاڳاپن ۾ اها گرم جوشي نه رهي آهي. ايران جي انقلابي مذهبي قيادت ضياءُ الحق جي افغانستان جي معاملي تي آمريڪا ۽ سعودي عرب سان ٿيل غير قانوني معاهدي کي شڪ جي نظر سان ڏسندي رهي آهي. ايران ۽ عرب قيادت اڻبڻت جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. پاڪستان ان تاريخي جنگ ۾ ڌر بڻيو ته نقصان کانسواءِ ڪجهه هٿ نه ايندس. اسان جي غير جانبداريءَ واري پاليسي ئي اسان کي محفوظ رکي سگهي ٿي ۽ مستقبل جي ڪنهن به تباهيءَ واري صورتحال کان بچائي  سگهي ٿي.

سعودي حڪومت پاڪستان جي حڪمران شريف خاندان سان پنهنجا لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط ڪيا. نواز شريف وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ عرب اعليٰ نسل جي ماڻهن کي گورنر آف پنجاب جيلاني جي ڪيبنيٽ ۾ فنانس منسٽر طور مقرر ڪيو. جنهن هتي متحده عرب امارات جي اميرن لاءِ شڪار جون سهولتون حاصل ڪيون ۽ رياستي زمين عرب اميرن جي نالي ڪرائي جتي هو پنهنجا محل اڏي سگهن يا زمين کي زراعت لاءِ استعمال ڪري سگهن. هن جا ذاتي تعلقات سعودين، حرارين، سلافي سني ۽ لبنان جي سياسي ۽ واپاري گهراڻن سان به تمام گهرا رهيا. اهڙن ذاتي لاڳاپن کيس 2000-1999ع تائين گهڻو فائدو رسايو ۽ کيس عمر قيد جي سزا کان بچائي ورتو. سعودي ۽ حرارين جي مشوري تي هن ڏهن سالن تائين پاڪستاني سياست کان الڳ رهڻ جو واعدو ڪيو پر پرويز مشرف جي NRO بينظير ڀٽو کي ملڪ واپس ورڻ جي اجازت ڏني اتي سعودي حڪومت پرويز مشرف مٿان زور ڀريو ته نواز شريف کي به ملڪ ورڻ جي موڪل ڏني وڃي. سعودي عرب جي اهڙي حمايت نواز شريف جي ذات تي وڏو قرض رهيو. انهيءَ حمايت جي نتيجي ۾ سعودي عرب پاڪستان کان اسٽريٽيجڪ ڪوآپريشن جي معاملي تي تمام گهڻي اميد رکي ويٺو. سعودي ڪنگڊم مسلم ليگ حڪومت جي هڪ ارب آمريڪي ڊالرن سان مدد ڪئي. سعودي حڪومت جي ان فراخدليءَ جو مقصد اڄ ڏينهن تائين سمجهه ۾ نه اچي سگهيو آهي. ان کانپوءِ جلد ئي شريف حڪومت بحرين جي امير سان هڪ لڪل معاهدي تحت پاڪستان جي رٽائرڊ هزارين فوجين کي بحرين جي سيڪيورٽي فورسز ۾ ڀرتي ٿيڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي جيڪي اتي وڌندڙ شيعا وڳوڙ کي قابو ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن. بحرين جي حڪمران ان مدد جي سلسلي ۾ انهن سڀني سني پاڪستانين کي جيڪي انهن ملٽري خاندانن سان لاڳاپيل هئا بحرين جي شهريت ڏئي ڇڏي، اهڙي پاليسي پنهنجي پر ۾ هڪ منفرد پاليسي هئي ڇو ته هتي ڪنهن به ڪم ڪندڙ غير عرب کي شهريت ڏيڻ جو قانون نه آهي.

ايراني رهنما کلم کلا بحرين جي شيعه آباديءَ جي حمايت ڪري رهيا آهن. يقينن اها ڳالهه ايران کان لڪل ڪونهي ته پاڪستان شيعه احتجاجن خلاف ڳجهيءَ ريت بحرين جي مدد ڪندو ٿو رهي. ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي. هن وقت جيو پوليٽيڪل لوڪيشن جي اعليٰ درجي جا مزا ماڻي رهيو آهي. اسان کي نهايت ئي خبرداريءَ سان هلڻو پوندو ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪرڻ جو جوکو نٿو کڻي سگهي ۽ کيس ايران- عرب ويڙهه کان ڏور رهڻ گهرجي ۽ غير جانبداريءَ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ گهرجي. اهو ئي واحد طريقو آهي ته خطي ۾ اسين پنهنجي برتري به قائم رکون ۽ پنهنجا مفاد به حاصل ڪري سگهون ٿا.

ايران کي پاڪستان جي سر زمين تان جندالله ۽ هاڻي جيش العدل طرفان ڪيل آپريشن تي سخت ڳڻتي آهي. اهي ٻئي سني سلافي دهشتگرد گروهه آهن جيڪي ايران جي علائقي سيستان ۽ ايراني بلوچستان خطي ۾ ايراني اختيارين خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن. انهن گروهن طرفان ايران حڪومت مٿان اهو الزام آهي ته اختياريون اتي رهندڙ سُني آباديءَ سان اڻبرابريءَ وارو سلوڪ ڪري رهيون آهن. جندالله جي رهنما جي دبئي مان گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ان کي ايران آندو ويو ۽ سزاءِ موت ڏني وئي ۽ هاڻي ان گروهه کي ڪافي حد تائين ڪمزور ڪيو ويو آهي. ايران جو اهو الزام آهي ته پاڪستان جون انٽيليجنس ايجنسيون آمريڪا جي چوڻ تي انهن گروهن کي مدد ڏئي رهيون آهن. پاڪستان ۽ ايران افغانستان جي مسئلي تي ڪڏهن به هڪٻئي جي موقف کي نه مڃيو آهي ۽ ڪوبه معاهدو نه ڪيو آهي. ايران پاڪستان جو تمام اهم ۽ ويجهو پاڙيسري ملڪ آهي خاص ڪري هن خطي جي اقتصادي وڌندڙ اثررسوخ جي ڪري جيڪو يوريشيئن ۽ سينٽرل ايشيا کان يورپ تائين هوندو.

ايران عرب اڻبڻت ۽ عرب گهريلو جنگ واري صورتحال ۾ پاڪستان جو اڄ به ائين ئي غير جانبداريءَ وارو رويو هئڻ گهرجي جيئن گذريل وقتن ۾ رهيو آهي. اسان وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪوبه حل ڪونهي ته اسين ايران سان پنهنجا لاڳاپا وري بحال ڪريون ۽ عرب گهريلو ويڙهه کان پاڻ کي پاسيرو رکون. ……(پورو ٿيو)……

نوٽ: (هي آرٽيڪل انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن کي زاهده ابڙو ترجمو ڪيو آهي).