بلاگنئون

سياسي عدم استحڪام

سدائين وانگي هاڻي به ملڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، عوام ٻه واٽي تي بيٺو آهي يا ملڪي سياستدان پاڻ ٻه واٽي تي اچي بيٺا آهن. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته سياستدانن جي هميشه وانگي هڪ ٽنگ جيل ۾ هوندي آهي ته ٻي ٽنگ ريل ۾ هوندي آهي. اهي اڃان تائين ان ڇڪتاڻ جو شڪار رهندا ٿا اچن ته ڪير غلط آهي ڪير صحيح آهي. انهن جي پائيدار سياست جو حل اڃان به انهن فوجي اسٽيبلشمينٽ جي عملدارن وٽ ئي آهي ته اهي جنهن کي رکن، جنهن کي ڪڍي ڇڏين، جيڪو انهن جي اک جو تارو هوندو اهوئي ديرپا حڪومت ڪري سگهندو، ڪرسي ان جي جنهن جي فوجي اسٽيبلشمينٽ، جي نه ته پوءِ اهو سياستدان به جيل ۾ ويندو، ريل ۾ هوندو، ڦاهي تي يا ڪال ڪوٺڙي ۾ هوندو. حالت اها به آهي ته جيڪي سرڪاري عملدار (نوڪري ڪندڙ) پاڻ حلف برداري کانپوءِ به سياست ۾ حصو وٺندا آهن يا جڏهن اهي پاڻ ئي سياست ڪن ته پوءِ ان حلف نامي يا قسم نامي جو ڪهڙو جواز رهجي ٿو وڃي؟ اهو سوال وري اهو به آهي ته ٻه واٽي تي اهي به آهن جن عملدارن کي حلف ۾ اهو چَوِرَايو ويندو آهي ته توهان سياست ۾ حصو نه وٺندا ته معنيٰ نه وٺندا. هڪ عام سرڪاري ملازم جڏهن سياست ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت، موافقت يا مصالحت نٿو ڪري يا ڪرائي سگهي ته پوءِ مٿئين ليول تي اهي سڀ قسمن قرآنن جي باوجود به سياست ۾ ڇو يا حرفتون ڇو؟ يا پوءِ حلف ناما ڪيڏانهن ويا. مثال طور: ڪورٽن ۾ جڏهن عام ڏوهاري، جوابدار يا ڪو فريادي کان قسم نامو ورتو ويندو آهي ته “تون هن مصحاف تي هٿ رک ۽ قسم کڻ ته تون جيڪو به چوندين اهو سچ هوندو ۽ سچ کانسواءِ ڪجھ به نه هوندو ته اهو فريادي، جوابدار، ڏوهي، ملزم يا مجرم به کانئن قسم کڻائي ته تون جيڪو ڪندين اهو انصاف هوندو ۽ انصاف کانسواءِ ڪجھ به نه هوندو”، پر اها ڳالھ ڪير نه ڪندو، ڇو ته اسان وٽ شيون سڌيون ناهن.

هڪڙو اڳواڻ (عمران خان) طالبان جي حمايت ڪري به پاڻ کي صحيح ثابت ٿو ڪري حالانڪه طالبان جي ڪري ملڪ کڏ جي تري ۾ وڃي پهتو آهي، هن جي دور ۾ ملڪ بليڪ لسٽ ٿيندي ٿيندي بچي ويو، پر طالبان جي پوءِ به پٺڀرائي پيو ڪري، وري ٻيو اڳواڻ (بلاول ڀٽو) علي اعلان انهن طالبان کي للڪاري ٿو، طالبان جي خلاف يو اين او جي پليٽ فارم تي به پنهنجي ملڪ جي وقار جي لاءِ آواز بلند ٿو ڪري، پنهنجي سياسي وفاداري جا ثبوت ٿو ڏئي ته اهي طالبان اسان جي ملڪ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن. وري هڪڙو اڳواڻ (شهباز شريف) جڏهن ڪرسي ٿو وٺي ته ان ڏينهن تي انتهائي جذباتي ٿي اهو چئي ٿو ويهي ته “مان ڪپڙا کپائي به غريب ماڻهن جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي پورت ڪندس” (پر چوندا آهن ته ڪاوڙ ۾ ڪو فيصلو نه ڪجي ۽ خوشيءَ ۾ ڪو واعدو نه ڪجي) وري اڃان ڪجھ مهينا مس ٿا گذرن ته اهوئي اڳواڻ اعلان ٿو ڪري ته مهانگائي وڌي ويندي، پر سوال اهو به آهي ته هن جا ڪپڙا ايترا مهانگا هجن ٿا جو اهي کپندا ته 30 ڪروڙ عوام جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو بندوبست ٿي ويندو يا اهو به هڪ مفروضو سمجهون يا ان کي سياست به چوندا آهن. ان ڪري عوام هر گهڙي هر ڳالھ لاءِ تيار رهي. وري هڪڙي سياسي اڳواڻ (مريم نواز شريف) اعلان ٿي ڪري ته شهباز شريف جڏهن به پيٽرول، گئس ۽ بجلي جون قيمتون واڌئيدو آهي ته هو روئي پوندو آهي، پر هاڻي ته عوام ٿو روئي! جو هر دفعي هي عوام کي چريو ڪري پيٽرول جون قيمتون ٽيھ ٽيھ رپيا وڌائي به ويا عوام جنهن جي عذاب ۾ اچي ويو ۽ ان کانپوءِ ڪيل مهانگائي لهي نٿي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي، پر جڏهن پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي اگهن لاهڻ جي ڳالھ ٿي اچي ته اتي ٽڪو پئسو ڪري مڙئي اگھن جي لاٿ ٿا ڪن ۽ عوام انهن کي ڏسندو رهجي ٿو وڃي. ان ڪري سوال اهو به آهي ته اهي جيڪي آءِ ايم ايف کان پئسا ٿا وٺن اهي وڃن ڪيڏانهن ٿا يا ڪنهن کي ٿا ڏين يا ڪنهن جا ڀڀ ٿا ڀرين؟ ڇو ته حڪمرانن ملڪ جي ڏيوالي جون ڌمڪيون ڏئي ڏئي هاڻي ته انهن حڪمرانن غريب ماڻهوءَ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جو الائجي ڪڏهن نڪرندو جو غريب ماڻهن جي جان ڇٽندي، جو هاڻي اماراتي عربن جو قرض “رول اوور” ڪرڻ تي شهباز شريف خوش ٿو ٿئي، پر جڏهن اهو قرض ڏيڻو پيو ته رپئي جو اگھ ايترو گهٽجي ويندو جو اهي ٻه ارب ڊالر پاڪستاني رپئي ۾ ٻيڻا چوڻا ٿي ويندا يا اهو قرض ايندڙ سرڪار جي ڳچيءَ ۾ ضرور هوندو جو هي ٽاري ويا ته ايندڙن کي گهران ڀري ڏيڻو پوندو.

هڪ ته سياست ۾ عدم استحڪام پنهنجي جاءِ تي، پر هيل تائين اها ڳالھ ڏٺي وئي آهي ته جيڪي به سياسي اتحاد ٺهن ڊهن ٿا اهي رڳو ان ڳالھ جي پڪ ڪرائيندآ آهن ته انهن اتحادن جي هوندي وقت جي سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ جي اهي اتحاد ڪنهن سياسي مفاد تحت ٽٽا به ته حڪومت نه ويندي. ان ڪري اتحادين جي راند رڳو هڪٻئي جي ڪرپشن، هڪٻئي جي سياسي لڪ ڇپ، هڪٻئي جي چوري، هڪٻئي کي سياسي تحفظ يا هڪٻئي جي سياسي پلاند لاءِ استعمال ڪندا ٿا وتن. ان ڪري اتحاد ڪڏهن به ملڪ جي وسيع تر مفاد يا عوام جي ڀلائي لاءِ نٿا ٺهن، اهي اتحاد پوءِ مصلحتن به چپ ڌَريو ٿا وتن، اهي سمجهن ٿا اڄ جو اتحاد سڀاڻي جون ڪجھ اميدون به کڻي ايندو. اهي سڀ اڳواڻ هڪٻئي جون چوريون لڪائي هڪٻئي کي طُول ڏئي ويندا آهن. حڪومتن جي ڊيگھ به انهن اتحادين جي مرهونِ منت هجي ٿي ته هڪٻئي جا هٿ مضبوط ڪري هڪٻئي جي همت افزائي ڪري پيا حڪومتون هلائيندا رهو. چوڻ اهو به آهي ته آءِ ايم ايف به رڳو مخالفن کي بُري ٿي لڳي، فوجي اسٽيبلشمينٽ جا جهيڙا به رڳو مخالف ڌر کي ڪرڻا ٿا پون، اها به حقيقت آهي ته جن ملڪن ۾ فوج، عدليا ۽ پارليامان هڪ ئي هَٿ ِوَسِ ۽ هڪ طاقت جي هيٺ هوندي آهي ته انهن ملڪن ۾ ڪجھ ٺاپر هوندي آهي، جن ملڪن ۾ فوج قسم کڻڻ کانپوءِ واقعي جيڪڏهن سياست ۾ پير نٿي پائي ته انهن ملڪن ۾ سياستدان ايماندار ۽ ملڪ ۾ قانون جي بلي بلي هوندي آهي، پر اسان وٽ اها مصيبت تمام گھڻي آهي ته فوج به سياسي پسنديدگي يا ناپسنديدگي جي ڪري ٻه اڌ لڳي پئي آهي. ائين به آهي ته جيڪو سيڪيولر طبقو آهي ۽ جيڪو مذهبي جنون ۾ ورتل آهي اهو به ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جيڪا خلق انهن جي پويان هوندي آهي، اها به ٻه اڌ هوندي آهي. ان ڪري ساڳيو حال عدليه جو به آهي ته اهي به جنهن کي پسند ڪن ٿا انهن کي ميڊيڪل جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڏئي به لنڊن روانو ٿا ڪن، جيڪي وري جنهن اڳواڻ کي پسند نٿا ڪن انهن جي خلاف پوءِ ڪجھ به چئي نٿا سگهن، يا ڪجھ به فيصلو ڏئي سگهن ٿا، پوءِ اهو وري سالن پڄاڻان پاڻ ئي مڃيندا آهن ته عدالت غلط ڪيو، ان ڪري اهي شيون ائين ئي پيون هلنديون، جيئن هلن پيون.

پر حيرت اها به آهي ته هر اڳواڻ (وڏي سطح تي) اها ڳالھ بجا ٿو چئي ته ملڪ خطري ۾ وجھڻ وارا اهي هئا جيڪي سرڪار هلائي هليا ويا ۽ هاڻي اسان ملڪ بچائينداسين ۽ اهي ئي وري جڏهن لهي هليا ٿا وڃن ته اچڻ شرط اهو ٿا چون ته اسان ملڪ بچايو آهي ته پوءِ تباھ ڪنهن ڪيو؟ يا ملڪ کي هن هاڻوڪي صورتحال ۾ ڪنهن آندو؟ مثال طور: جيڪي به قرض پکا ملن ٿا اهي رڳو اشرافيا ۽ اُمراءَ جي عياشيءَ ۾ هليا ٿا وڃن ۽ انهن پئسن مان عام ماڻهن جي ٽڪي جي به ڀلائي نٿي ٿئي، ان ڪري جو بجيٽ جا خسارا غريب ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان ئي بچائي ٿا وٺن، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا به مهانگائي وڌائي پورا ٿا ڪن، پر ڳالھ رڳو اها سمجهائين ته قومي مفاد جي معنيٰ انهن وزيرن ۽ اميرن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڇا آهي؟ يا اهي ملڪ جي ڀلائي ڪهڙي ريت ٿا چاهين؟ اها ڳالھ به مڃون ٿا ته ملڪ جو ڏيوالو غريب ته ناهي ڪڍيو، پر ابتو غريب عوام جي کيسي ۾ آءِ ايم ايف جي قرضن جون قسطون ٿيون پون. غريب عوام کي ڪڏهن اهي قومي خزاني جا پئسا ڀانءَ ٿا پون جو ماڻهو ان ڳالھ جي شاهدي ڏين ته هي سرڪار يا اڳوڻي سرڪار ڪهڙا ڦاڙها ماري هلي وئي، پر ڳالھ اها به آهي ته هي سرڪار ڇا ڪندي، ايندڙ سرڪار تي عوام ڪيئن ڀاڙي ته اها ايندي ته اٽو ان مهل ٻه سئو رپيا ڪلو به ٿئي ته ڪير ڪڇندو يا پيٽرول پنج سئو رپيا به ٿيو ته عوام ڇا ڪري سگهندو يا ڪهڙي سرڪار آهي جنهن اچڻ سان سستائي ڪئي هجي، ان ڪري جيستائين ڪابه سرڪار مهانگائي نٿي ڪري تيستائين اهي پنهنجي سرڪار نه هلائي سگهندا يا جيستائين اهي عوام جي چيلھ نه ڀڃندا تيستائين اهي آرام سان نه ويهندا. ان ڪري ڳالھ آءِ پي پيز جي هجي يا ڳالھ آءِ ايم ايف جي قرضن جي هجي، پر عوام ان سموري وارتا ۾ فرنٽ مين آهي جنهن کي سرڪار جي پورت ڪرڻي پوندي.