سدائين وانگي هاڻي به ملڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، عوام ٻه واٽي تي بيٺو آهي يا ملڪي سياستدان پاڻ ٻه واٽي تي اچي بيٺا آهن. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته سياستدانن جي هميشه وانگي هڪ ٽنگ جيل ۾ هوندي آهي ته ٻي ٽنگ ريل ۾ هوندي آهي. اهي اڃان تائين ان ڇڪتاڻ جو شڪار رهندا ٿا اچن ته ڪير غلط آهي ڪير صحيح آهي. انهن جي پائيدار سياست جو حل اڃان به انهن فوجي اسٽيبلشمينٽ جي عملدارن وٽ ئي آهي ته اهي جنهن کي رکن، جنهن کي ڪڍي ڇڏين، جيڪو انهن جي اک جو تارو هوندو اهوئي ديرپا حڪومت ڪري سگهندو، ڪرسي ان جي جنهن جي فوجي اسٽيبلشمينٽ، جي نه ته پوءِ اهو سياستدان به جيل ۾ ويندو، ريل ۾ هوندو، ڦاهي تي يا ڪال ڪوٺڙي ۾ هوندو. حالت اها به آهي ته جيڪي سرڪاري عملدار (نوڪري ڪندڙ) پاڻ حلف برداري کانپوءِ به سياست ۾ حصو وٺندا آهن يا جڏهن اهي پاڻ ئي سياست ڪن ته پوءِ ان حلف نامي يا قسم نامي جو ڪهڙو جواز رهجي ٿو وڃي؟ اهو سوال وري اهو به آهي ته ٻه واٽي تي اهي به آهن جن عملدارن کي حلف ۾ اهو چَوِرَايو ويندو آهي ته توهان سياست ۾ حصو نه وٺندا ته معنيٰ نه وٺندا. هڪ عام سرڪاري ملازم جڏهن سياست ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت، موافقت يا مصالحت نٿو ڪري يا ڪرائي سگهي ته پوءِ مٿئين ليول تي اهي سڀ قسمن قرآنن جي باوجود به سياست ۾ ڇو يا حرفتون ڇو؟ يا پوءِ حلف ناما ڪيڏانهن ويا. مثال طور: ڪورٽن ۾ جڏهن عام ڏوهاري، جوابدار يا ڪو فريادي کان قسم نامو ورتو ويندو آهي ته “تون هن مصحاف تي هٿ رک ۽ قسم کڻ ته تون جيڪو به چوندين اهو سچ هوندو ۽ سچ کانسواءِ ڪجھ به نه هوندو ته اهو فريادي، جوابدار، ڏوهي، ملزم يا مجرم به کانئن قسم کڻائي ته تون جيڪو ڪندين اهو انصاف هوندو ۽ انصاف کانسواءِ ڪجھ به نه هوندو”، پر اها ڳالھ ڪير نه ڪندو، ڇو ته اسان وٽ شيون سڌيون ناهن.