ڪهاڻيوننئون

ريخته ڪهاڻي: مائيڪل اينجلو

فلورينس کان آئي، مائيڪل اينجلو کي وري پنج سال ٿي ويا ھئا. روم کان دل کٽي ٿيڻ لڳي ھئس.

“روم ۾ ڪو چھرو ئي ڪو نه ٿو ھٿ اچي. چھري تي ڪو ڪردار ئي نٿو نظر اچي. مڙئي ھڪ جھڙا ٿا لڳن پيا.” ھن پوپ جولئس کي ٻڌايو ھو.

“منھنجي چھري تي توکي ڇا ٿو نظر اچي؟” جولئس پڇيو ھئس؛ “ھڪ ٻرندڙ ميڻ بتي!”

جولئس ٿوري وقفي کانپوءِ مرڪيو. اينجلو جي اُگرين ڳالھين ٻڌڻ جو ھو ھيراڪ ھو. “ھا! مون کي ڄاڻ آھي ته تون چوڻ ڇا ٿو چاھين. ھزارين ميڻ بتين ۾ ھڪ ٻرندڙ ميڻ بتي، جنھن کي ماڻھو پوڄا جي وقت گرجا جي آلٽر تي ٻاري ڇڏيندا آھن.”

اينجلو ماٺ ئي رھيو…

“حيرت آهي، خدا جي ايڏي وڏي جھان ۾ ھڪڙو چھرو ٻئي سان نٿو ملي ۽ توکي پنھنجي تصويرن لاءِ شڪليون نٿيون ملن، ماڊل نٿا ملن ۽ چئن مھينن کان تون يھوده جي لاءِ…”

سندس ڳالھ اڌ ۾ ئي رھجي وئي ۽ اينجلو، سينٽ پيٽرز کان ٻاھر نڪري ويو.

پوپ جولئس، اينجلو جي طبيعت کان واقف ھو. ھيءُ پنجون سال ھو. پنجن سالن کان اينجلو، سينٽ پيٽرز جي اسٽين چيپل جي قبي ۽ ڀتين تي پراڻي ۽ نئين عھد نامي جا اھم واقعا چٽي رھيو ھو ۽ ھاڻ پڇاڙيءَ ۾ اچي جولئس، اينجلو سان ڦٽائڻ نه پئي چاھيو. جولئس کي ياد ھو ته اينجلو، چرچ آف ھولي اسپرٽ جي ڪاٺيءَ تي يسوع جو “ڪرسيفڪس” اُڪيريو ھو ته ان جو ماڊل، اھو نوجوان ھو جيڪو ھولي اسپرٽ مونٽيسريءَ ۾ اچانڪ فوت ٿي ويو ھو.

ھيءُ برمانتي(Bramante)  نه ھو، جيڪو تخيل سان ڪردار پيدا ڪري. انھيءَ ڪري برمانتي جي ڪردارن جا خد خال سدائين ساڳي طرز جا لڳندا ھئا. ميديسي چواڻي؛ ‘اھي ساڳئي خاندان جا لڳندا ھئا.’برمانتي کي پاسي تي ڪري، کيس وري به اينجلو سان ئي ٺاھ ڪرڻو پئجي ويو ھو.

پنج سال اڳي جڏھن مائيڪل اينجلو روم کان واپس موٽيو ھو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ، سينٽ پيٽرز جي قبي ھيٺان ليٽي پنھنجي منھن پيو ڀڻڪندو ھو. ڪجھ نه ڪجھ ڳالھائيندو رھندو ھو. جولئس کي سندس ذھني حالت تي شڪ ٿيو ھو. ھڪ ڀيري، ھن ويجھو وڃي ڪن ڏئي ٻڌس ته ھو بائيبل جا ڪي واعظ دھرائي رھيو ھو.

“اھو ڇا ٿو ڪرين، اينجلو؟”

“اون!” ھن ڇرڪي ڏٺو ھو پوپ ڏانھن: “آيتن جون پٽيون پيو کوليان.”

جولئس ڄاتو پئي ته ھو ڇا ٿو چوي. انھن، سرن ۽ گاري مان، چُن سان ٺھيل ڀتين ۾ ھو چھرا ڳولهي رھيو ھو. يسوع جو چھرو، مريم جو چھرو، پطرس، يوحنا ۽ يھوده جو چھرو. اھي جن جو ھڏ- ماس جا پير ته نظر آيا پئي، ليڪن چھرا بائيبل جي آيتن ۾ ويڙھيل ھئا.

جبريل جي صورت جا ڪيئي خاڪا، ھن ڪاغذ تي ٺاھيا ھئا. جولئس پڇيو ھئس؛ “جبريل جو خاڪو ڪيئن ٺاھيو تو؟ اھو ته ھن خاڪي دنيا مان آھي ئي نه.”

“سندس آواز ٻڌو ھو. پراڻي عھد نامي مان.”

“ته پوءِ خدا جو آواز به ٻڌو ھوندو تو!” جولئس مذاق ڪئي ھئس.

“ان جي خاموشي ٻڌي ھئي.”

جولئس کي پڪ ٿي وئي ھئي ته ھن صحيح مصور جي چونڊَ ڪئي آھي. “ٿِڙيل آهي.” ھن ‘ويٽيڪن’ ڪاميٽيءَ کي چيو ھو؛ “ليڪن اسٽين چيپل جي سڃاڻ فقط ھيءُ ئي ڪرائي سگھي ٿو.”

مريم جو ماڊل، اينجلو پنھنجي امڙ منجهان چونڊيو ھو ۽ ان ڏينھن چونڊيو ھو جنھن ڏينھن ھن پنھنجي امڙ کي ھڪڙي بانس تي پاڻيءَ جا ٻه ڏول لڙڪائي، ڪلھن تي کڻي ھلندي ڏٺو ھو. اھڙي ئي ڪا سگھي عورت ھوندي، جنھن نبيءَ جو ٻوجھ پنھنجي ڪُکِ ۾ کنيو ھوندو. باھ ٻاريو جڏھن سندس امڙ، سندس پيءُ جي وھنجڻ لاءِ پاڻي گرم ڪري رھي ھئي ته ھن وڏي غور سان امڙ جو چمڪندڙ چھرو ڏٺو ھو. باھ جي ڄِڀين پويان ٽمڪندڙ، ڳاڙھو، گرم ڪندن وانگي تتل چھرو… ڪاڳر تي ھن گھڻائي اسڪيچ ٺاھيا ھئا، سندس چھري جا.

ان رات چلھ آڏو ويٺل امڙ کي چيو به ھئائين؛ “تو يسوع کي ڄڻيو ڇو نه؟”

“ان ڪري جو تنھنجو پيءُ ملي ويو ھو. ھو ڏس! شراب پي ڌُتِ لڳو پيو آھي، وڃي سنڀالينس.”

پنھنجي پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ، ھن ان وقت ئي ھڪڙي پاٺي تي وڏو اسڪيچ ٺاھي، سندس پلنگ تي لڙڪائي ڇڏيو ته جيئن ھو به ڏسي وٺي ته پيئڻ کانپوءِ ھو ڇا ٿو لڳي. ھيٺان لکيو ھئائينس؛

“بابا! جي تون ھيئن نه ھجين ھا ته امڙ، مريم ھجي ھا.”

ليڪن سندس امڙ کي اھو اسڪيچ ڏاڍو وڻيو ھو. سدائين پاڻ وٽ رکيائين. پڇاڙيءَ تائين کيس چوندي رھي؛

“اھڙو ئي ھڪڙو بت ٺاھ نه پيءُ جو. ڏاڍو معصوم ٿو لڳي.”

۽ ھيءُ سدائين اھو چئي ٽاريندو رھيو…؛

“ڪو سنگ مرمر ئي نٿو ملي، جنھن جو ڪردار منھنجي پيءُ سان ميچ ٿيندو ھجي.”

اھا گھڻا سال اڳي جي ڳالھ آھي. تن ڏينھن ھو، بولوگنا ۾ رھندا ھئا. گھٽيءَ جي موڙ وارو پب، سندس مخصوص اڏو ھو ۽ اھو اڏو سندس پيءُ جو ھو. پيءُ مئخاني جي اندر ويھي پيئندو ھو ۽ اينجلو بوتل وٺي، پب جي ٻاھران اچي ويھندو ھو. آڏو ويٺل ٺيلھي واري کان ورائي ورائي، گرم گرم بيھي مڱ، وٺي پيو کائيندو ھو. ٺيلھي وارو جيترا ڀيرا بيھي مڱ توريندو ھو، ٿورا داڻا ٺيلھي کان ھيٺ زمين تي ڪري پوندا ھئا، جيڪي سامھون بيٺل ھڪڙو اگھاڙو ڇوڪرو ھر ڀيري کڻي، ٿالھ ۾ واپس رکندو ھو ۽ ھڪڙو داڻو وات ۾ پڻ وجھندو ھو ۽ وري اڳئين گراھڪ جو انتظار ڪندو ھو. انھيءَ رونشي جي ڏسڻ لاءِ ھي ورائي ورائي بيھي مڱ خريد ڪندو ھو. انھيءَ ٻار جا گھڻا ئي خاڪا ٺاھيا ھئائين ۽ گھڻن سالن پڄاڻان ‘ميڊونا آف برجيس’ جو بت ٺاھيائين ته ننڍڙي يسوع جي لاءِ انھيءَ ٻار جو ماڊل استعمال ڪيو ھئائين. ننڍڙو اگھاڙِڙَو يسوع.

اھي ساڳيا ئي ڏھاڙا ھئا، جڏھن پھريون ڀيرو مائيڪل اينجلو کي پوپ، سينٽ پيٽرز جي اسٽين چيپل ۾ پراڻي ۽ نئين عھد نامي جون تمثيلون چٽڻ جي لاءِ چيو ھو. اينجلو صرف ان ڪري ملاقات لاءِ روم پھتو ھو جو اٽليءَ جو ھر مصور ۽ سنگ تراش، ساڳئي ڪم لاءِ پنھنجي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ھو. تواريخ ۾ لافاني ٿي وڃڻ لاءِ، ھيءُ ھڪڙو ڪم ئي ڪافي ھو. ليڪن مائيڪل اينجلو لاءِ لافاني ٿي وڃڻ ئي ڪافي نه ھو. ھِن فاني حياتيءَ لاءِ پڻ ھن جا ٿورا شرط ھئا. کيس سنگ مرمر جي لاءِ پئسن جي ضروت ھئي. پوپ جولئس ٻئي، واعدو ته ڪيس، ليڪن پئسا ڏنائينس ڪونه.

“توکي پٿر سان ايڏي دل ڇو آھي؟ رنگن سان ڇو ڪونھي؟”

“رنگ، ٻين سان ملي پنھنجو رنگ ڇڏي ويندا آھن. ڦري ويندا آھن. سنگ مرمر، ائين ناھي ڪندو.”

پر ھاڻي ھو رنگن مان پڻ اوترو ئي بيزار ٿيو ھو، جيترو روم مان!

چار مھينا گذري چڪا ھئا. چيپل جي چٽسالي، ھاڻ آخري حصي تائين پھچي وئي ھئي. ھن عيسيٰ جو ‘لاسٽ سپر’، چٽڻ چاھيو پئي. ليڪن ھر ڀيري سندس تخيل ھڪ ئي چھري تي اچي خالي ٿي پئي ويو. يھوده! عيسيٰ جو تيرھون شاگرد، جنھن سون جي ٽيھن ٽڪرن عيوض، پنھنجي پير مرشد کي رومين حوالي ڪيو ھو. صليب تي چاڙھائي ڇڏيو ھئائينس.

جولئس ٻئي جي اُڻ تُڻ، پڻ وڌڻ لڳي ھئي.

اينجلو به سڄو سڄو ڏينھن ڪاڳر پيو ڪارا ڪندو ھو. پراڻا اسڪيچ ڪڍي، انھن کي ڦلھوريندو ھو، مٿن ڪم ڪندو ھو، ليڪن ڪنھن چھري مان به تسلي نه ٿيندي ھئس.

۽ ھڪ ڏينھن اوچتو، روم جي ھڪڙي ننڍڙي ۽ گندي پب ۾ کيس يھوده ملي ويو. گھرج کان وڌيڪ چمڪندڙ اکيون، اٻھرو، ڦڙت، ورائي ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن پيو ٿڪون اڇليندو ھو. عمر کان اڳي ئي منھن جي منجي موڪري ٿي وئي ھئس. ڳالھائيندو ھو ته لفظ ايڏو تڪڙا نڪرندا ھئس، جيئن کيسي ڦاٽڻ سان سمورا سڪا يڪساھيءَ ڪري پوندا آھن. ھڪڙي دينار جو ريزو وٺڻ آيو ھو اينجلو وٽان ۽ سندس بوتل جو ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويو ھو. اينجلو جڏھن ٻاھر نڪري رھيو ھو ته ھو ڪنھن ٻئي کان دينار جو ريزو گھري رھيو ھو.

اينجلو کيس پاڻ سان چيپل ۾ وٺي آيو، سودو طئي ڪرڻ لاءِ ۽ کيس ٻڌايائين ته پاڻ ڇا پيو ڪري. کيس يھوده جي شڪل ۾ چٽڻ ٿو چاھي. ھو لافاني ٿي ويندو. کيس چادرون ھٽائي ھٽائي سڄي ڀت ۽ ڇت ڏيکاريائين. ھو وائڙو ٿي سڀ ڪجھ ڏسندو رھيو. پوءِ پنھنجي انھيءَ خدمت لاءِ چڱا خاصا پئسا گھريائينس، جيڪي اينجلو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھو ڪجھ ڏينھن باقاعده ايندو رھيو چيپل ۾. اينجلو کيس ڊرائنگ روم ۾ پڻ سڏائيندو ھو. ھڪ ڏھاڙي اينجلو جا پراڻا اسڪيچ ڦلھوريندي، ھن ‘بولوگنا’ جي ٻار بابت پڇيس؛

“ھيءُ ٻار ڪير آهي؟”

“بولوگنا ۾ رھندو ھو. گھڻا سال اڳي جي ڳالھ آھي. ان کي ننڍڙي يسوع جي صورت ڏني ھئي مون.”

“ان جو نالو ياد آھي توکي؟”

“ھا! مارسولني!”

ھو ھمراھ مرڪيو. پنھنجي قميص جون ٻانھون مٿي ڪيائين. ٻانھن تي اڪريل نالو ڏيکاريائينس؛

‘مارسوليني.’

“مان اھو ئي يسوع آھيان، جنھن کي تون ھاڻي يھوده چٽي رھيو آھين.”

(‘دھوان’ تان ترجمي سان کنيل)

***