بلاگنئون

سچل جي شاعريءَ ۾ وجوديت جو عنصر

اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته سچل سرمست وجودي فلسفي جو پيروڪار هو، پر اهي ڪهڙا سبب هئا جنهن جي ڪري سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ وجوديت جو عنصر جھجھي مقدار ۾ موجود آهي. هن راز ۽ رمز کي سمجهڻ جي لاءِ سچل جي دور کي سمجهڻ بيحد لازم ۽ اَشدُ ضروري آهي. سچل سرمست ميرن جي دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.

هاڻي سچل کي سمجهڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته ميرن جي دور جو گھرائيءَ ۾ سياسي ۽ مذهبي مطالعو ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪلهوڙا حڪمران ڪمزور ٿيا ته ميرن سنڌ جي حڪمرانيءَ جون واڳون ورتيون. مير حڪمران ته ٿيا، پر پاڻ ۾ هنن جو ڪڏھن به ڪو اتفاق نه ٿيو. سو هو هڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ سدائين سرگردان رهندا هئا. يعني هو سدائين ان قول تي ڪارفرما هئا ته ‘پيرَ منهنجي پُڄاءِ باقي وڃي ڌوڙ پائن’. جيئن موجوده وقت ۾ سنڌ جي سياسي حالت آهي، ساڳي ڪرت ميرن سان به هئي. سنڌ جا موجوده حڪمران به ان ساڳي گورک ڌنڌي ۾ ملوث آهن ته مولا منهنجي پڄاءِ باقي وڃي کڏ ۾ پون. هِڪ وقتِ ميرَن جا اندروني اختلاف ۽ معاملا ايستائين وڃي پهتا جو مير فتح علي خان سڄي سنڌ کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ستن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو.

هنن اندروني سازشن ۽ اختلافن جي ڪري ميرن جي سياسي حالت اها هئي جو لوفر قسم جي ڏوهاري ٽولن کي به هو منهن نه پئي ڏئي سگهيا. جيئن شاھ شجاع الملڪ جهڙي سياسي يتيم ۽ غير اهم ماڻهو به هنن جي حڪمرانيءَ ۾ پناهه وٺڻ جي بهاني شڪارپور جو شاهه/حاڪم ٿي ويهي رهيو. اهڙيءَ طرح انگريز ته پوءِ به طاقتور هئا، اهي هنن کان مراعتون وٺڻ يا کڻي ايئن چئجي ته سڄي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي بهاني هر آئي ڏينهن نوان نوان ٺاھَ، سمجهوتا، عهد نامه ۽ راضي نامه پيا هنن سان ڪندا رهندا هئا. يعني هنن سان هر سمجهوتي تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ وري نئون سمجهوتو (ايگريمينٽ) پئي ڪيائون. انگريزن جي پوري دنيا تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ “ورهائيو ۽ حڪمراني” ڪيو رياستي پاليسي هئي. سو ميرن جي سنڌ تي گرفت پاڻ ۾ سخت ذاتي اختلافن ۽ رنجشن جي ڪري ڪمزور ڏسي سڄي سنڌ جي ماڻهن کي مذهب جي نالي تي منتشر ڪرڻ لڳا. هنن پهرين هندو ۽ مسلمانن کي ويڙهائڻ لاءِ ڪجهه حقيقتون ڪَٺيون ڪيون… پوءِ انهن حقيقتن Facts جي بنياد تي ڪجهه واقعا هٿرادو ڪرايا جنهن جي ڪري مذهبي جنونيت کي هٿي ملي.

جيئن هڪڙي واقعي ۾ ڪنهن هندوءَ “رَسو” لفظ ڳالهايو ته ان کي زوريءَ مسلمان ڪيو ويو. اهو چيو ويو ته هي اسان جي رسول جي ڳالهه ٿو ڪري ان ڪري هي ڪلمو ڀري مسلمان ٿئي نه ته هي مرتد آهي. ان واقعي کانپوءِ ڪيترن ئي هندن کي ڏاڍ ۽ زبردستي سان طهر ڪرائي مسلمان ڪيو ويو. اهڙي طرح جتي هندو گهڻائي ۾ هئا انهن به مُسِلن (مسلمانن) سان ڪينَ گهٽايو. اهڙا ننڍا وڏا واقعا ٿيندا هئا، پر انهن کي منظم طريقي سان انگريزن اُڀاريو ۽ هٿي ڏني. حالانڪه رسو يا رسي سنڌي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي “نوڙي”. ان کان علاوه مسلمانن ۾ موجود فرقن کي به هڪ ٻئي جي خلاف ڀَڙڪايو ويو. پوءِ جڏهن سڄي سنڌ ۾ اهڙن واقعن جي ڪري افراتفريءَ جو ماحول جڙيو پئي ته مٿان وري انگريز نئون عهد نامو پئي آندو. اهي عهد نامه ۽ ٺاھَ ايترا ته وڌي ويا جو مير نور محمد هڪ ڀيري عهد نامن سان ڀَريل صَندوق انگريزن جي آڏو رکي ته آخر هنن ايترن سارن ٺاهن جو ڇا ٿيندو؟ توهان پنهنجي فائدي جي لاءِ هر آئي ڏينهن ٺاهه ٺاهي وري ٻئي ڏينهن ڊاهيندا ٿا وتو. لارڊ آڪلينڊ جڏھن زوريءَ مير رستم خان کان بکر جو قلعو اهو عذر ڏئي ورتو ته جيئن ڪوئيٽا ويندي امن امان جو مسئلو نه ٿئي. هن واقعي کانپوءِ مير رستم اها دعا گهري ته جيڪڏهن ڪراچي، “حيدرآباد وارن ميرن کان انگريزن نه ورتي ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو”. ميجر آئوٽرام ۽ مير صوبدار خان جي وچ ۾ دوستيءَ به ميرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيا. ايتري تائين جو جڏهن ميجر آئوٽرام حيدرآباد آيو ٻين علائقن جي ميرن طرفان مليل سوکڙين پاکڙين کي کنگهين به ڪونه. هٿيون اهي واپس موڪلي ڇڏيائين.

سچل سرمست به سنڌ جي مٿين سياسي ۽ مذهبي حالتن کان اڻڄاڻ ڪونه هو. وڏي ڳالهه ته سچل سرمست جو ڏاڏو صاحب ڏنو فاروقي ته ميرن جو ملازم به ٿي رهيو هو. بعد ۾ ملازمت ڇڏي راڻيپور جي ڀرسان درازن ۾ اچي ديرو ڄمايو هئائين. ان ئي درازن کي سچل جا عاشق “درازن يعني رازن جو ڳجهه” ڪوٺيندا هئا. يعني سچل سرمست حڪمرانن جي حويلين کان وٺي ساري سنڌ جي سياسي، مذهبي، معاشي ۽ سماجي حالتن کان باخبر هو. ميرن جي دور ۾ مذهبي جنونيت ڪيتري هئي ان جو ذڪر انگريزن جي دلال نائون مل جي ڪٿا “يادگيريون” ۾ به اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو نائون مل مبالغا آرائي کان ڪم ورتو هجي، پر ان ۾ ڪجهه حقيقتون به ضرور هونديون. سچل سرمست جڏهن ماڻهن ۾ مذهبي جنونيت کي ويجهي کان ڏٺو ته هو وجوديت واري فلسفي ڏي راغب ٿيو. جنهن مطابق هي سڄي ڪائنات جو خالق ۽ ڪائنات ۾ موجود سڀ مخلوق “هڪ” آهن. هندو ۽ مسلمان به هڪ آهن ٻه ناهن. پوري دنيا ۾ رهندڙ ڪهڙي به رنگ، نسل، ذات، مذهب ۽ قوم سان وابسته سڀ ماڻهو “برابر” آهن. وجوديت جي پَرچار بايزيد بسطامي “سُبحاني مان اعظم شاني” ۽ حسين بن منصور حالاج “انالحق” جون سدائون بلند ڪري شروع ڪئي، پر ڪجهه نقادن انهن کي ٺَلهو نعرو سمجهيو، پر حقيقت ۾ وجودي فلسفي جو باظابطه طور باني محي الدين ابنِ عربيءَ آهي. ابنِ عربي اِندلس ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم به اتي ئي ورتائين. بعد ۾ سير ۽ سفر ڪندو اچي دمشق ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. تصوف جي فلسفي ۽ فڪر جو بانيڪار هو، جنهن جي ڪري کيس صوفي “شيخ اڪبر” جي نالي سان سڏيندا اٿس. هي پهريون عالم بزرگ هو جنهن تصوف تي علمي بحث ڪيا، ڪتاب لکيا ۽ دليلن سان ثابت ڪيو ته خالق ۽ مخلوق “هِڪُ” آهن “ٻَه” نه آهن. وُجوديت کي جيڪڏھن سادن لفظن ۾ بيان ڪجي ته ڪائنات ۾ موجود مخلوق خدا جو مظَهر آهي ۽ مختلف صِفتون صرف نالا آهن بارِ تعالي جي تَجلين جا. تنهنڪري خالق ۽ مخلوق هڪ شيءِ آهن، ٻه نه آهن. اهي اڳُ يا پوءِ، اَول يا آخِر ۾ هڪ ٿي وينديون. جڏهن ته شهودي فڪر موجب خالق ۽ مخلوق ٻه جدا حقيقتون آهن. جيڪي نه اڳ ڪڏهن گڏُ هئا ۽ نه ئي ايندڙ وقت ۾ گڏُ ٿيندا.

هاڻي تقليد، تائيد ۽ مريديءَ کان هٽي ڪري سچل سائين کي سائنسي پيرا ميٽرس ۾ ٿا پرکيون. ايئن نٿا لکون ته عبدالوهاب ڄمندي ڄام هو، سچو سچيڏنو ھو، سرمست هو يا اويسي هو، پر عبدالوهاب پٽ هو، فقير صلاح الدين جو ۽ پڙهيو هو فقير عبدالحق وٽ..! هو فارسي شاعر حافظ شيرازيءَ وانگر قرآن شريف جو حافظ هو. هو پنهنجي ڪردار ۾ منهن تي بيباڪي ۽ رنديءَ سان سچ ڦهڪائي چئي ڏيڻ وارو هو.! تنهنجي ڪري هن کي سچو، سچيڏنو ۽ سرمست ڪوٺيندا هئا. هو وحدت الوجود جي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي پنهنجي شاعريءَ ۾ پرچارڪ ڪندو هو! جنهن جي ڪري هن جا مرشدَ عبدالوهاب به هو، حلاج به هو، شيخ عطار به هو ته شمس تبريز به هو. جيئن هيٺئين شعر ۾ شيخ عطار جي عظمت بيان ڪئي اٿائين:

احوال عشق لائي

سر سره بلائي.

سسي شيخ عطار جي، ٿو چوٽئين چلائي،

ڏٺو تماشو تيغ جو، ڪُوپَن ڪنڌ ڪپائي،

دين ڪفر مئون نڪري ٿو، “انالحق” الائي،

واديءَ ۾ وحدت جي، ڪوڙين سِر گنوائي،

سچوءَ کي تنهن صفت ۾، سائين مان سڏائي.

ايئن هو “اَويسي” به بعد ۾ ٿيو، جڏهن هن هي جهان ڇڏي ويل ڪامل مرشدن جي فڪر، تعليمات ۽ اعمالن ۾ فيض ورتو!

سچل سرمست جا مکيه شاگرد/طالب هئا نانڪ يوسف، يعقوب، فقير قادر بخش بيدل، شادي خان شهيد ۽ مير علي مراد خان ٽالپر. هنن شاگردن سان گڏ سچل جا همعصر شاعر هئا صديق فقير سومرو، خليفو گل محمد هالائي، آخوند عزيزالله، صوفي دلپت ۽ شاهن فقير. جنهن ماڻهوءَ کي اهڙن شاگردن جي صحبت ۽ همعصر شاعرن جو وايو منڊل هجي ته اهو چپ ڪيئن رهندو، اھو وڏي واڪي چئي ڏيندو:

جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،

سچو آهيان آءُ، جو ٻانهو ٻئي جو نه ٿيان.

يعني سچل سرمست رح عام رواجي ماڻھو نه هو. هو ٻين کان مختلف غير معمولي ڪردار ۽ شخصيت جو مالڪ هو. هو انهن سڀني کان مختلف هو جن دين ۽ ڌرم جي نالي بِدت جي بازار گرم ڪئي هئي. جيڪي مذهب کي واپار جو وکر سمجهي پاڻ کي معاشي فائدا ڏيڻ لاءِ وَٺُ وٺان ۾ هئا.

سچل سرمست فطرتن اڪيلائي “خلوت” پسند طبيعت جو مالڪ هو، پر پنهنجن رفيقن ۽ طالبن سان دنيا جهان جي تاريخ ۽ مذهبن تي بحث مباحثا ڪندو هو. جيئن هيٺئين ڪافيءَ ۾ دنيا جهان جي مذهبن تي اونهو اسرار ۽ دسترس اٿس. يعني هو هڪ ئي وقت اسلام، هندو ۽ عيسائيت مذهبَ جي مڪمل ڄاڻ رکي ٿو ۽ ان ۾ موجود هڪ جهڙائيءَ کي هائلائٽرHighlighter وانگر پوانٽ آئوٽPoint out  ڪري ٿو..! هيٺين ڪافي ۾ هو مُلا، قاضي، سيد، برھمڻ، محراب، تِلڪ، تسبيح، جڻيا، منبر و واعظ، پوٿيون و پٽائيون، زربفت، ليڙا، فتوائون، هنومان، ڏهيسر، رام، سيتا، لڇمڻ، نمرود، ابراهيم، فرعون، موسيٰ، بادشاھ ۽ گداگر کي شاعريءَ جو ويس پهرائي اسان تائين هڪ تاريخ بيان ڪري ٿو. هوئن به مغرب جي مفڪرن پنهنجو پيغام نثر ۾ ڏنو آهي ته مشرق وارن ساڳي ئي پيغام کي شاعريءَ وسيلي اظھاريو آهي.

چَئون ميان عشقا ڪِيئَن، تُون سَوين سيلَ بنائِين ٿو!

يا تُون آھِين ذاتِ ديوانو، جو ڪيڏا ٺاھ ٺھائِين ٿو.

ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيد سڏائين ٿو.

ڪاٿَئِين مُغ برھمڻ تون، ڪاٿئِين ٻانگ ٻڌائين ٿو.

ڪاٿَئِين مُنھن ۾ محراب، ڪَاٿئين تِلڪ لائِين ٿو.

ڪاٿَئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.

ڪاٿئين پيرين آھِين پيادو، ڪاٿَئِين بور بَڇائِين ٿو.

ڪاٿئِين منبر واعِظي، ڪاٿَئَين پوٿيون پَٽائِين ٿو.

ڪاٿئِين زربفت قبائون، ڪاٿَئِين لِيڙا لڙڪائين ٿو.

ڪاٿَئِين ڏيئِي شرعي فتوى، ڪاٿئِين مَنصُور مارائين ٿو.

ڪاٿئِين ھَنومان ڪوٺائِين، ڪاٿَئِين ڏھيسر سڏَائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿئِين رام يا سيتا، ڪاٿئِين لَڇمڻ لَکائِين ٿو.

ڪاٿِئين نمرود ابراھيم ٿي، ڪيئي بيک بنائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿي فرعون يا موسيٰ، سڀ صورت ۾ سَمائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿي بادشاھ مُلڪ جو، سارو ديس دٻائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.

ڪاٿِئين مفتي تون “خدائي”، ڪاٿئين “اَناالحق” فرمائين ٿو.

شاھ ۽ سچل جو جيڪڏهن سوشل سائنس جي بنياد تي تقابلي جائزوComparative analysis  وٺنداسين ته ڪجهه شيون هڪ جهڙيون ته ڪجهه متفرق نظر اينديون. سچل سائين، شاھ لطيف وانگر سَماع ۽ ساز جي آواز جو عاشق هو. هن جي ڪنن ۾ جڏهن موسيقيءَ جو مڌُر آواز پوندو هو ته هو جهومي اُٿندو هو. مان ايئن غير سائنسي يا غير عقلي بنيادن تي مشهور ٿيل ڏند ڪٿائي ڳالهيون ڪو نه ڪندس ته جيئن تبلي ۽ ٿفڪي جو آواز سچل جي ڪنن تي پوندو هو اين ان وقت سچل سائين تي وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ هن جي زبان مان شعرَ پالوٽ ڪري نڪرندا هئس، پر ايئن ضرور چوندس ته ان وقت هو پنهنجا ٺاهيل/جوڙيل بيت بيساخته پڙهندو هوندو هو. سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اهي قصا ۽ ڪهاڻيون تمثيلي طور کنيون آهن جنهن کي شاھ سائين پڻ ڳايو هو! عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، ٻيجل راءِ ڏياچ ۽ سهڻي ميهار وغيره، پر شاهه ۽ سچل جو جيڪڏهن موضوعاتي مطالعو ڪنداسين ۽ وطن پرستيءَ جي ڳالھ ڪنداسين ته شاهه لطيف سچل کان وڌيڪ سنڌ پرست شاعر آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف پنهنجي پيغام کي، پنھنجي فڪر کي شاعريءَ جو روپ صرف ئي صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏنو آهي. شاھ لطيف ته عل العلان چيو ته “جي تون فارسي سکـئين ته گولو توءِ غلام”. جڏهن ته سچل سائين سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ فارسي، اردو، سرائيڪي، هندي، عربي ۽ پنجابيءَ ۾ به کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي. ٻيو ته سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ هر موضوع کي وجوديت جي فڪر ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪري پڙهڻ کانپوءِ ايئن ٿو لڳي ڄڻو سچل سرمست جي شاعري يڪسانيت جو شڪار آهي. جيئن هيٺين لفظن ۾ “ميلي” جهڙي عام تهوار کي بيباڪيءَ سان وجوديت جي رنگ ۾ رنگي ويو آهي.

ميلو ٿيندئي ميلو ٿيندئي، نينهڙو لايو،

جڙيا جاني، مون سان  ميلو  ٿيندئي!

سچل سرمست “اويسي” هو. جنهن جا فڪري مرشد فارس جو حسين بن منصور حالاج، نيشاپور جو فريدالدين عطار، تبريز جو شمس ۽ شيراز جو حافظ آهن. هي سڀ صوفي “مرڻ کان اڳ مرڻ، فنا ٿيڻ ۽ پاڻ کي حقُ “انالحق” سمجهڻ وارا هئا. دنيا کي ترڪ ڪرڻ سُنت ۽ خدا جي عشق کي فرض سمجهڻ وارا صوفي فقير هئا. انهن جو اثر سچل سرمست جي هيٺين سٽن ۾ توهان کي نظر ايندو.

ورهه وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن،

“مَوتوا قَبلَ اَن تموتوا تو” ايئن مَن مارِن.

يا

سر ڏيو سَنو پرا، وٽي ورهه وٺن،

“ترڪ الدنيا سنته طلب المولي فرض” هو دل ڌرنِ.

سچل سرمست قرآن شريف جو حافظ هو. سندس کي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عُبور حاصل هو. اهوئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ فارسي فقرا ۽ قرآن شريف جون آيتون ڪثرت ۾ ملنديون. جيڪڏهن ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته سواءِ ڪجهه شاعريءَ جي باقي سچل جي سڄي شاعريءَ ۾ توهان کي عربي ٻوليءَ جا جُملا ضرور ملندا.

جيئن مُهڙ ۾ مون ڳالهه ڪئي آهي ته سچل جي دور ۾ مذهبي جنونيت جا ڪجهه واقعا رونما ٿيا هئا. ڇو جو مذهبي رهنمائن جو گهڻي قدر زور دوزخ جي خوف ۽ جنت جي دلاسن تي هو.  جنت جي لالچ ۽ دوزخ جي ڀوَ انسانيت کي ڏاڍو ڇيھو رسايو. اهڙي ڪيفيت ۾ سچل سرمست فرمايو:

مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري بزرگيءَ، بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،

اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

سچل کان اڳ جنهن به ماڻھوءَ مذهب جي انساني ڀلائيءَ واري تشريح ڪئي. يعني خالق ۽ مخلوق کي هڪ سمجهيو، “ھم اوست” سمجهيو ۽ سماج ۾ موجود برائين تي برملا ڳالهايو. انهن تي مُلحد، دَهرئي، ڪافر ۽ زنديق هئڻ جون فتوائون ۽ فرمان جاري ڪيا ويا. ايئن سچل جي سيني تي به تهمتن جا تير وسايا ويا. سچل جي تن، من ۽ روح کي ريزا ريزا ڪيو ويو. جنهن جي جواب ۾ سچل جي سيني مان هڪ طويل ڪافي نڪتي ته مان جوئي آهيان سوئي آهيان…!

ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان،

ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي

ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو پنٿُ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي

ڪو ميراثي ڪَلونَتُ چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو مُلان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي

ڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو رَدِ چوي ڪو بَدِ چوي، ڪو بيديني بيحد چوي

ڪو مُشرڪ ڀي مُلحِدُ چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شِرُ ڀريو شيطان چوي

ڪو بزرگ ڪو مستان چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو سُستُ ڪو چست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي

ڪو عاشق روزِ الست چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رهنماءُ رفيق چوي

ڪو غرقيءَ منجهه عميق چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو رنگ ڪوئي بيرنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي

ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي

ڪو ازلي مست موالي چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اها برحق چوي

مون کي مرشد عبدالحق چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو خاص چوي ڪو عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي

ڪو “سچو” سچو نام چوي، آءُ جوئي آهيان سو ئي آهيان.

آخر ۾ اهو ئي ته شاعر سماج ۾ موجود ڀلائين ۽ برائين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪندا آهن. انهن جي شاعري انهن جي دور جي عڪاسي آهي. ايئن ئي سچل جي شاعريءَ ۾ وجوديت جو عنصر به ان دور جي عڪاسي ڪري ٿو. تنهنڪري تنهن دور ۾ انهن برائين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۽ ڀلائين جي پرچار ڪرڻ لاءِ سچل سرمست وجودي فڪر کي صحيح سمجهيو ۽ پنهنجو پيغام وجوديت ذريعي ئي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي…!