ايڊيٽوريلنئون

ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ واڌ

            جيئن ته ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم گذريل 25 سالن کان جاري آهي، پر پوليو جو خاتمو اسان وٽ نه ٿي سگهيو آهي. 17 جنوري جمعي جي ڏينهن ٺٽي ۾ پوليو جو هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، انهيءَ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن جو انگ وڌي 73 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي نظام ۾ سڀني رڪاوٽن جي باوجود لکن جي تعداد ۾ پوليو ورڪرز سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿا. عالمي مدد جي تحت پاڪستان کان علاوه سڄي دنيا مان پبلڪ هيلٿ جا نمايان ماهر به انهيءَ پروگرام ۾ اسانجي ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. پوليو هڪ پکڙجندڙ وائرس سان ٿيندڙ بيماري آهي، جيڪا گهڻو ڪري پنجن سالن جي عمر جي ٻارن کي متاثر ڪري ٿي. هيستائين دنيا ۾ ٽي ملڪ اهڙا آهن، جتي پوليو وائرس موجود آهي. انهن ۾ اسانجي ملڪ سميت نائجيريا ۽ افغانستان اهڙا ملڪ آهن، جتي انهيءَ جو 100 سيڪڙو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي.

            پاڪستان جي اها خوشنصيبي رهي آهي ته سال 2021 کان 2022 تائين ملڪ ۾ پوليو جو صرف هڪ ڪيس رهيو هو ۽ اميد اها پئي ڪئي وئي آهي ته اسان وٽ پوليو جو خاتمو يقيني آهي، پر سال 2024 ۽ 2025 ۾ پوليو جا ڪيسز 73 ٿي ويا آهن. انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن، پر بنيادي سبب پوليو مهم جي خلاف هلايل بي بنياد مهم آهي. اها مهم ته پوليو جا ڦڙا انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اها مغربي سازش آهي. نتيجي ۾ خيبر پختونخواهه صوبي کان وٺي سنڌ صوبي تائين پوليو ٽيمن تي حملن جا واقعا سامهون آيا آهن. پوليو جي خلاف مهم جي ڪري ائين به ٿيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ڦڙن پيارڻ کان انڪار پڻ ڪيو آهي. اهڙا والدين به آهن، جن پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪن ڪيسن ۾ ته انهن پنهنجن ئي ٻارن جي معذوري کي ڏٺو. جيڪو پوليو جي بيماري جو لازمي نتيجو آهي. سڀ ڄاڻن ٿا ته اسانجو پوليو جي ڦڙن پيارڻ وارو نظام بهترين آهي ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جي نظرداري هيٺ اهو پروگرام هلي ٿو ۽ پوليو ورڪرز جي سڀني ٻارن تائين پهچ يقيني آهي، پر والدين انهن سان تعاون نٿا ڪن. نتيجي ۾ 22-2021 ۾ جڏهن اميد پيدا ٿي ته اسانجي سماج مان پوليو جو خاتمو ٿي ويندو، پر ڏک جي ڳالهه آهي ته ائين نه ٿي سگهيو. انهيءَ جو بنيادي سبب اسانجي سماج ۾ ذهني افلاس آهي. ٻئي طرف ائين چئجي ته صحت جي طرف اسانجو رويو بهتر نه آهي. پوليو ورڪرز ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦڙا کڻي ٻارن کي پيارڻ جي مهم تي نڪتل هوندا آهن. اهو سڄو عمل اسين پنهنجي اکين سان ڏسون ٿا، پر اهڙا والدين به آهن، جن کي پنهنجي اولاد جي پرواهه ناهي. پوليو معذور ڪندڙ بيماري آهي، جيڪا ٻارن کي سموري زندگي لاءِ معذور ڪريو ڇڏي. ٻئي طرف ڇاڪاڻ جو پوليو وائرس پکڙجندڙ آهي. انهيءَ ڪري اسان وٽ پوليو جو پروگرام بهتر نموني سان هلائڻ جي باوجود ان جو نتيجو جيئن پوءِ تيئن خراب نڪري رهيو آهي.

            ٺٽي ۾ پوليو جو هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيڻ پوليو جي خاتمي جي مهم لاءِ هڪ چئلينج وانگي آهي. ڇاڪاڻ جو پوليو جا ڪيس وڌڻ سان اسان جي حڪومت کي پوليو جي خاتمي جو نظام خبر ناهي ايندڙ ڪيترن سالن تائين جاري رکڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو دنيا پوليو جي بيماري جو خاتمو چاهي ٿي ۽ ڊبليو ايڇ او انهيءَ تي تحقيق به ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ جي فنڊنگ به ڪري رهيو آهي. عالمي ادارن جو اسان جي نظام تي اعتبار قائم رهي، انهيءَ لاءِ لازمي آهي ته اسان کي صحت جي شعبي ۾ انتظامي طرح بهتر آڻڻي پوندي جيئن اسين پوليو سميت ٻين وچڙندڙ بيمارين کان پنهنجي ٻارن کي آجو ڪري سگهون. اسين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ملڪ جي هر ضلعي جي ارباب و اختيار کي ايترو ضرور چونداسين ته اهي پوليو جي خاتمي لاءِ ماڻهن سان رابطو ڪري انهن جون غلط فهميون دور ڪن ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو ٿي سگهي.