عالمي بينڪ جي پاڪستان لاءِ ڏکيائين جي اڳڪٿي
عالمي بئنڪ پاڪستان کي خبردار ڪيو آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي ترقي جي شرح 0.5 سيڪڙو کان به گهٽ رهڻ جي اميد آهي، عالمي بئنڪ پاران ايشيائي ملڪن جي شرح نمو بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب ايندڙ سال ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي جي شرح منفي 7.7 سيڪڙو کان بهتر ٿي 4.5 ٿيڻ جي اميد آهي، ڪورونا بابت منفي اثرن جي ڪري سست ۽ غير يقيني معاشي بحالي سان گڏ ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ غربت ۾ اضافي جو امڪان آهي ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائگين ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهجي ٿو، رپورٽ ۾ پاڪستان جي حوالي سان چيو ويو آهي ته پاڪستان کي پرڏيهي قرضن جي ادائگين ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي لاءِ ورلڊ بئنڪ چيف اڪنامسٽ هينس ٽمر به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي لاءِ سٺي خبر ناهي ۽ مستقبل جي صورتحال انتهائي خوفناڪ آهي.

