پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

پاڪستاني معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي کي ترقي ڏياري وڃي: ورلڊ بينڪ

ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ (C100) جي هڪ سيمينار ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان جي معيشيت ۾ ڪراچي کي بنيادي اهميت حاصل آهي. جڏهن ته ڪراچي جي اهميت باوجود ان جو انفرا اسٽرڪچر ڪافي خراب آهي. جنهن کي بهتر بنائڻ لاءِ ورلڊ بينڪ سنڌ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري، ٽرانسپورٽ، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي صلاحيت بهتر بنائڻ لاءِ ورلڊ بينڪ قرض ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾  بليو ۽ گرين لائين بسن جي خريداري لاءِ ورلڊ بينڪ 40 ڪروڙ ڊالر جو قرض ڏيندو. واٽر بورڊ جي ڪم کي بهتر بنائڻ لاءِ 12 سالن جي عرصي ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا. ورلڊ بينڪ جي اندازي مطابق ڪراچي جي انفرا اسٽرڪچرکي بهتر بنائڻ لاءِ 10 ارب ڊالر جي سيڙپ جي ضرورت آهي، جنهن مان 70 کان 80 سيڪڙو ورلڊ بينڪ خرچ ڪندو.