بلاگنئون

افغانستان: حقيقتون ۽ طالباني قصا گويون

2001ع کانپوءِ، ويهن سالن جي عرصي ۾ آمريڪا 145 بلين ڊالر افغانستان تي (بي مقصد) امداد جي صورت خرچ به ڪري چڪو هو، جنهن ۾ هنن جي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اها ڪوشش هئي ته اهي افغانستان کي وري ٻيهر تعمير ڪن، ڇو ته افغان حڪومتن ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو هو ۽ هي ماڻهن ۾ رهي، حڪومت ڪري اتي خوشحالي آڻيندا ۽ عام فلاحي ۽ بهبود جا ڪم ڪندا ۽ برطانيا وانگي جو جڏهن به اهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪري قابض به ٿيندا هئا يا انهن جي مٿان پنهنجو تسلط به قائم ڪندا هئا ته انهن ۾ تعليم، ترقي، ٽرانسپورٽيشن، صنعتن، زراعت  (ڀلي پوءِ اهي ڪالونائيزيشن جي ٽرينڊ ۾ به هئا) ۾ ترقيون وٺرائيندا هئا ۽ ائين هي آمريڪي به پاڻ مڃائيندا، پر الٽو هنن ٻه چاپڙائپ ڪئي ۽ افغانستان کي پهرين نور کان به ڪڍي ڇڏين. مائيڪل ڪوجلمين (جيڪو سائوٿ ايشين جو واشنگٽن افيئرز جي لاءِ نمائندو آهي) ان جي رپورٽ مطابق يو ايس جي اسپيشل انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان اهو ظاهر ڪيو هو ته آمريڪا جي بي مقصد سيڙپڪاري ۽ ڊالرن جي انڌاڌنڌ بارش به افغانين جي حالتن کي سڌاري نه سگهي، ايڏي وڏي سيڙپ ۾ به ڪجھه نه ٿي سگهيو، پر اتان جي ماڻهن ۾ رڳو خلفشار پيدا ٿيندو رهيو آهي، ڇو ته آمريڪا جي ڪوشش ۾ اهو به هيو ته هي افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسن جون حالتون صحيح ڪجن، انهن جي تربيت ڪجي، انهن جي دهشتگردن ۽ شدت پسنديءَ واري رجحان کي نيست ۽ نابود ڪجي، سولين گورنمينٽ جي سڀني ادارن ۾ بهتري آڻجي، اتان جي معيشت بهتر ڪجي، اتان جي سول سوسائٽيءَ ۾ بهتري آڻجي ۽ اتي اهڙي طرح گھڻو ڪجھه ڪري سگهجي پيو، ڇو ته پينٽاگون سرڪار تنهن مهل تائين 837 بلين ڊالر هڻي چڪي هئي، جنهن ۾ هنن رڳو جنگي خرچ کاٻار هلايا. ان دوران 2443 آمريڪي فوجي به مارجي چڪا هئا، 1144 الائيڊ فورسن جا ماڻهو به مارجي چڪا هئا ۽ 20666 آمريڪي فوجي زخمي به ٿي چڪا هئا، پر انهن کي ويھن سالن تائين اها خبر نه پئي ته ڪرڻو ڇا آهي، ان جنگ جو مقصد ڇا آهي؟ جتي 6600 هزار افغاني فوجي به انهن آمريڪي جهيڙن ۾ مارجي به چڪا هئا، 48 هزار افغاني شهري به مختلف بم ڌماڪن ۾، ڊرون حملن  ۽ خودڪش ڌماڪن ۾ مارجي ويا هئا ۽ هيل تائين 75000 افغاني شهري به زخمي ٿي چڪا آهن. 26 آگسٽ 2021 تي هڪ حملي ۾ 13 آمريڪي فوجي مارجي ويا وري بدلي ۾ ڊرون حملو ڪري آمريڪا 170 افغاني ماري وڌا، پوءِ اهي ڪير هئا جن خودڪش حملو ڪيو، طالبان يا غير طالبان)، پر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، جو اهڙي سول وار جو آخر مقصد ڇا هو؟

اها به حقيقت آهي ته هاڻوڪي خوفناڪ انقلابي صورتحال ۾ آمريڪا وارا سڀ ڪجھه ڪري پئي سگهيا ۽ انهن ڦاٿل غير ملڪين ۽ ديسي ماڻهن کي آگسٽ 2021 واري انقلاب دوران آرام سان ڪڍي پئي سگهيا، جيڪي طالبان جي اوچتي انقلاب کانپوءِ ڦاسي پيا هئا يا اڙجي پيا هئا. ڇو ته انقلاب جي اهڙين هنگامي حالتن ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون هيون، ماڻهن جو وايون بتال ٿي ويون هيون ۽ انهن افغاني ماڻهن کي اسلامي انقلاب ۽ طالبان جي افعالن جي خبر ته هئي ته اهي جي اقتدار ۾ ايندا يا جڏهن انهن جي ڪنٽرول ۾ افغانستان آيو ته اهي ڪهڙا ترقيءَ جا سورج اڀاريندا، ڪهڙي علم، عقل، انقلاب، ايجاد، سائنس ۽ جدت جو ڳالهيون ڪندا، ماڻهن کي اها سڀ سُڌ پهرين کان هئي. اهڙا انقلاب ڀلا ايران ۾ به ته آيا هئا، انهن وٽ اهڙي صورتحال نه هئي جو انهن هٿيارن جي زور تي ماڻهن کي قائل ڪيو هجي، لڪي ڇپي ڀلي انهن ماڻهن جا مائينڊ سيٽ بدلايا به هجن، لڪ ڇپ ۾ مهم جوئي هلائيندا رهيا هجن، پر جڏهن انقلاب جو گهڙيون آيون ته ڀاڄ نه پئي، جو سڀ جو سڀ جا سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڄي نڪتا. انهن پهرين ماڻهن ۾ اهڙي ڳالھه پختي ڪئي جو اهي انهن جو ساٿ ڏين، ساڳي ڳالھه هنن کي به ڪرڻ کپندي هئي، اها ٻي ڳالھه آهي ته ايراني انقلاب ۾ 12000 مخالفن کي جيل به موڪليو ويو هو ۽ ڦاهين تي به چاڙهيو ويو هو. اروانڊ ابراهاميان جي ريسرچ (جيڪا هن 1999 ۾ برڪلي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي طرفان شايع به ڪرائي هئي) جي مطابق رڳو تهران ۾ 2781 ماڻهو مارجي ويا هئا، پر 1979 واري ان انقلاب جون راهون 1953 کان ئي هموار ڪيون ويون هيون ۽ تڏهن کان وٺي هنن شاھ محمد رضا پهلويءَ جي حڪومت ۾ ئي پنهنجا پير پختا ڪيا هئا. 1980 ۾ انور سادات جو مصر ۾ انقلاب به تعريف جوڳو هو، انهن پهرين ماڻهن ۾ پاڙون پختيون ڪيون پوءِ نعرو هين. اها ٻي ڳالھه آهي ته اسان وٽ ايندڙ ويندڙ حڪمرانن وانگي رڳو تختا اونڌا ڪرڻا هوندا اٿن ٻيو انقلاب معنيٰ ڌوڙ.

هڪ طرف طالبان جيڪي آمريڪا کان به ڪنٽرول نه ٿيا وري ٻئي طرف 3 لک افغان فوج جن کان طالبان جي مٿان هڪ گولي نٿي هلي. پنجشير هجي ازبڪ، قازڪ، هزارا يا ترڪ قبيلا هجن، انهن جي مٿان جڏهن طالبان حملا ڪيا ته جوابي ڪارروائي به انهن ڪئي، پوءِ افغان 3 لک فوجون ڪهڙي مرض جي دوا هيون؟ (اها به حقيقت آهي ته جي جرمني پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ نه هارائي ها ۽ آمريڪا ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ سوڀارو نه ٿئي ها ته دنيا جي شڪل ٻي هجي ها، ڇو ته جاپان، جرمني، فرانس ۽ روس جون طاقتون گھڻيون هيون، اهي ان مهل سلطنتِ عثمانيه جا همدرد ۽ اينٽي آمريڪن هئا ۽ ڪنهن به صورت آمريڪا سان سهمت نه هئا)، پر هاڻي ته طالبان سي آءِ اي جون زبردست ڳوٽون آهن، جيڪي جنهن مهل چاهن استعمال ڪري سگهن ٿا. انهن کي ڀلي گوانٽانامو ۾ يا ابو غريب جهڙن جيلن ۾ ساڙين، پر اندر ئي اندر ڊالر به انهن طالبان کي ارسال ٿا ڪن ۽ دنيا مان همدرديون به طالبان جي حق ۾ حاصل ٿا ڪندا وتن. 27 آگسٽ 2021 جي افغاني انقلاب دوران جوبائيڊن جي ولاديمير پيوٽن سان ملاقاتون ۽ زي جنگپنگ کي فون به هڪ ڪنسپائريسي هئي. ان دوران (سال 2021 جي آخر ۾) آسٽريليا جنهن فرانس جون آبدوز موٽائڻ يا سودو ڪينسل ڪرڻ به ان ڳالھه جي تنبيهه هئي ته آمريڪا هٿيارن جي ڊوڙ تيز ڪرڻ ٿو چاهي ته اوشنيا خطو به بمن گولن سان ٻري اٿي، آسٽريليا به ايٽمي طاقت ٿي پوي، جو انگريز آبادي دنيا مان گھٽبي ٿي وڃي ۽ ٻيون قومون وڌنديون پيون وڃن. انگريز دنيا جي آباديءَ جو 8 سيڪڙو وڃي رهيا آهن ۽ تنهنڪري گورا ڪريسي ڪنهن کي مڃي ئي نٿي، نه ئي ڪنهن کي سمجهن ٿا، پر دنيا جي 92 سيڪڙو آباديءَ تي ڪنٽرول ڪريو ويٺا آهن. آمريڪا کي اهو به خطرو آهي ته هي جيڪڏهن سول ۽ پراڪسي وارز ۾ جهڪا ٿيا يا انهن اهي چالون گھٽ يا ختم ڪيون ته اهي دنيا مان ئي ختم ٿي ويندا، ڇو ته دنيا جي آبادي ۾ وڏو حصو چين، روس، جرمن، عرب ۽ ڀارتي نسلن جو آهي.

تاريخ وري ورجائي ٿي، تاريخ وري اٿل ٿي کائي، جو 180 سال اڳ برطانيا به افغانستان تي حملو ڪيو هو جڏهن برطانيا جو اوج هو، جڏهن برطانيا کي ناڪامي ٿي ته وري انهن 1878 ۾ ٻيهر افعانستان تي حملو ڪيو، (معنيٰ افغانستان اندر حملن ۽ جوابن جي تاريخ پراڻي آهي) وري فلپائن ۾ 1899 کان 1902 تائين آمريڪا جنگ وڙهي پر هارائي ويا ۽ ان جنگ تي “رِڊِيارِڊ ڪِپِلنِگ” جو هڪڙو نظم “وائيٽ مَينز بَرڊَن” تعريف جوڳو آهي، جيڪو 1899 ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ هن آمريڪا کي انتباھ ڪيو هو ته هنن کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ ٿيا به يا جان ايف ڪينيڊي وانگي بائيڊن کي سڄي رات رات پريشان نٿو ٿيڻو پوي، جو ڪينيڊيءَ جي زال “جَيڪي” جي مطابق ويٽنام مان جنگي ناڪاميءَ جي ڪري “ڪينيڊي” سڄي سچي رات ٽيبل تي مٿو رکي سوچيندي سوچيندي سمهي پوندو هو، پر بائيڊن کڻي ايترو پريشان نه هو (پر هاڻي ٽرمپ ضرور آهي) جو سڄو بار هنن جي مٿان آهي. وري افغاني صورتحال ۾ آمريڪي ڪنهن ڳالھه جو ذمو به نٿا کڻن (جي کڻن ٿا ته حرفتون نه هلن) معنيٰ جيڪي ٽرمپ جي دور ۾ دهشتگرد هئا جن جي ڪري پاڪستان ٽيررسٽ فائنانسنگ جي ڪري گري لسٽ مان ذري گھٽ بليڪ لسٽ ٿيڻ وارو هو (پر بچي ويو) پوءِ اها ٻه چاپرائپ ڇو؟ اها ڳالھه جي هي ويھه سال پهرين ڪن ها، ويھه سال پهرين جي انهن طالبان کي فيڪٽريون، صنعتون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، فلاحي ادارا، ڪمپينون، ناڻي جي بهتريءَ جا اقدام، ڪينال ۽ بجلي گهر ٺاهڻ ڏسيا وڃن ها ته هي گھٽ ۾ گھٽ خطي جي ترقي جا سبب به بڻجن ها، ان ڪري جو جيستائين اهي پاڙي وارا ملڪ ترقي نه ڪندا تيستائين اسان به ترقي نه ڪري سگهنداسين. ڇو ته هر پنجين ڏهين سال افغانستان يا ڪشمير ۾ اهڙا جنگي حالات اڀرن ٿا، جن جي ڪري سڄو بار اسان جي مٿان ٿي ٿو پئي. مثال عمران خان 76 وين يو اين او جي اجلاس ۾ آن لائين شريڪ ٿي افغانين جي حالت تي ڳالهائي ويٺو، حالانڪه آمريڪا هر دفعي وانگي ڌُر هو ته جيئن جنگ مچي، ڇو ته آمريڪا ملڪن کي ٽوڙي، مروڙي، گهرو جنگين ۾ ڦاسائي، هٿيارن جا ڪاروبار وڌائي، ڳالهيون اڙائي پنهنجو تسلط ۽ هٿيارن جو کَپُ قائم رکڻ ٿو چاهي بائيڊن اختياريون طالبان واري انقلاب دوران تقريبن 124000 ڦاٿل افغانين کي ڪڍي پئي سگهيون، آمريڪا وٽ ايترا ذريعا ته هئا (پر نيت نه هئن) ته اهي ماڻهن کي جهازن جي ذريعي يا روڊ رستي ڪڍن ها (پر ڊرون حملن جو رستو جو هموار ڪرڻو هئن.