صحافت ڪنهن به سماج جو چوٿون ٿنڀ سمجهيو ويندو آهي، جيڪو سچ کي عوام آڏو پيش ڪرڻ، طاقتور حلقن کي للڪارڻ ۽ عام ماڻهن جي آواز کي مٿانهون ڪرڻ جو اهم ترين ذريعو رهيو آهي. تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا جرئتمند صحافي مليا آهن، جن پنهنجي قلم کي ڪنهن به دٻاءُ هيٺ نه آڻيندي، حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو، پر افسوس، اڄ صحافت جو اهو اصلي رنگ ڦڪو ٿي رهيو آهي. اُهو دور ياد ڪريو، جڏهن صحافي سچ جي ڳولها ۾ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا. ڪنهن دور ۾ صحافت رڳو اصولن تي هلندي هئي، جتي خبر جي تصديق، غير جانبداري ۽ تحقيق بنيادي شرط هوندا هئا. صحافي پنهنجي عزم ۽ ايمانداري سان معاشري جون اکيون ۽ ڪن هوندا هئا، پر آهستي آهستي صحافت جو رخ بدلجي ويو. مارڪيٽنگ، مفاد ۽ اثر و رسوخ جي سياست صحافتي دنيا تي قبضو ڪري ورتو آهي. مالڪن سياستدانن ۽ واپاري ادارن جي مداخلت صحافت کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو رستو هموار ڪري ڇڏيو آهي.
صحافت جو الميو اِهو آهي ته هاڻي ان ۾ هر ڪو داخل ٿي سگهي ٿو، جيڪي قلم جي عظمت کان بي خبر آهن، جيڪي صحافتي اصولن کان اڻ واقف آهن، سي به صحافي بڻجي چڪا آهن. ڏٺو وڃي ته اصل صحافي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا هوندا. اڄ جي دور ۾ ڪيئي اهڙا صحافي آهن، جيڪي خبر کي وڪڻڻ جو ذريعو سمجهن ٿا. انهن لاءِ سچائي جي ڪا معنيٰ ناهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا صحافت کي نئون رخ ڏنو، پر ان سان گڏ ڪيترائي مسئلا به پيدا ڪيا. خبرن جي تصديق کانسواءِ هلندڙ افواهون، فوري وائرل ٿيڻ واري ڪلچر ۽ ريٽنگ جي چڪر ۾ صحافت جي اصل روح کي نقصان پهتو آهي. صحافين جي جاءِ تي سياستدان، يوٽيوب وارا ۽ انفلوئنسرز اچي ويا، جيڪي بنا ڪنهن اصول جي صرف پنهنجي وڊيوز کي وڪامائڻ لاءِ صحافت جي نالي تي ڪجهه به چوندا رهندا آهن.
اڃان به ڪي اهڙا صحافي موجود آهن، جيڪي اصولن تي بيٺل آهن، جيڪي سچ ڳالهائڻ جي جرئت رکن ٿا. انهن کي هٿي ڏيڻ، حقيقي صحافت کي بچائڻ ۽ جعلي صحافين کي نيڪالي ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان کي حقيقي صحافت کي بحال ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان کي پڙهندڙن طور به ذميواري ڏيکارڻي پوندي. اسان کي صحافي چونڊڻ ۾ محتاط رهڻو پوندو، انهن کي سپورٽ ڪرڻو پوندو، جيڪي حق جي ڳالهه ڪن. صحافت جو اصل مقام صرف تڏهن بحال ٿيندو، جڏهن ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وري اصول ۽ معيار مقرر ڪيا ويندا. صحافت جو اصل روپ بحال ڪرڻ لاءِ صرف صحافين کي نه، پر عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جعلي خبرن کي رد ڪرڻ، معيار تي زور ڏيڻ ۽ صحيح صحافين جي حوصلا افزائي ڪرڻ ئي اسان کي انهيءَ بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. ڇا اسان ان لاءِ تيار آهيون؟
اڄ جي دور ۾ ڪيترائي اهڙا صحافي نظر اچن ٿا، جن جي نالي جي اڳيان “صحافي” لکيل هوندو، پر سندن عمل صحافت جي اصولن جي مڪمل ابتڙ هوندو. هي “ڪاپي پيسٽ صحافي” آهن، جن جو نه ڪو صحافتي پسمنظر آهي، نه ڪا تحقيق، نه ڪو قلم جو وقار، بس خبرن کي نقل ڪري، ڪڏهن ڪنهن جي چاپلوسي ته ڪڏهن بليڪ ميلنگ وسيلي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ڄاڻن ٿا.
اهي صحافي صرف لفظن جا سوداگر نه آهن، پر ڪيترائي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن. منشيات جا اڏا، فحاشي جا مرڪز، جوا جا اڏا، غير قانوني قبضا، اهي سڀ انهن جي پٺڀرائي ۾ هلن ٿا. سندن واپار خبرون وڪڻڻ نه، پر سماج کي گمراهي ڏانهن ڌڪڻ به آهي. ڪنهن به خبر کي بغير تصديق جي وائرل ڪرڻ الزام تراشي سان ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ، ڏوهارين، واپارين ۽ سياسي ماڻهن کان لفافا وٺي سندن چمچاگيري ڪرڻ، سماجي براين کي ختم ڪرائڻ بجاءِ انهن جي پشت پناهي ڪرڻ، لفافا، بليڪ ميلنگ ۽ صحافتي اصولن جي تباهي ڪاپي پيسٽ صحافين جو بنيادي اصول “پئسا ڪمائي، سماج کي وساري ڇڏڻ” هوندو آهي. کين سچ سان ڪا به دلچسپي ناهي، نه وري انهن کي ڪنهن خبر جي تصديق جي ضرورت هوندي آهي. جنهن ڏنو لفافو، اهو ٿي ويو سٺو ماڻهو، جنهن نه ڏنو، ان جي خلاف ڪوڙي مهم هلائڻ سندن ڪاروبار هوندو آهي.
اڄ جا جعلي صحافي براين جا واپاري بڻجي ويا آهن. افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. صحافت هميشه اصولن تي هلڻ گهرجي، پر هتي اصولن کي پئسن جي ترازو ۾ توري وڪيو پيو وڃي. صحافين کي عوام جو خدمتگار ٿيڻ گهرجي، پر اهي عوام کي بيوقوف بنائڻ جو ڪم ڪن ٿا. صحافت کي واپس پنهنجي اصل واٽ تي آڻڻ لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي.
(1) صحافين جي صحيح تصديق: جعلي صحافين جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ کين پريس ڪارڊ ڏيڻ کان روڪڻ.
(3) عوام جي شعور جي واڌاري: عوام کي سمجهائڻو پوندو ته هر ڪو “صحافي” لکيل پڙهيل اصل صحافي ناهي.
(4) صحافتي ادارن جي ذميواري: اصل صحافتي ادارا پنهنجي صفن مان اهڙن جعلي صحافين کي نيڪالي ڏين.
(5) سوشل ميڊيا تي سختي: ڪوڙيون خبرون هلائڻ وارن خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي. جعلي صحافي صرف لفافا نٿا وٺن، پر معاشري جو حقيقي نقصان ڪيڏو نه وڏو ڪن ٿا.
اڄ ضرورت آهي ته انهن خلاف سخت موقف اختيار ڪجي ۽ حقيقي صحافت کي بحال ڪجي. سماج کي نئين راهه ڏيکارڻ لاءِ صرف قلم نه، پر ايمانداري جي به ضرورت آهي، ڇو ته جيڪو صحافي وڪامي ٿو، اهو صرف پنهنجو ضمير نه، پر سڄي قوم جو مستقبل وڪڻي ڇڏي ٿو، پر ادارن کي ڪير سمجهائي؟ هي سڀ کان اهم سوال آهي، ڇو ته صحافت جو زوال صرف ڪاپي پيسٽ صحافين جي ڪري نه، پر انهن ادارن جي ڪري به آهي، جيڪي انهن کي پناهه ڏين ٿا، انهن کي صحافتي پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا ۽ سندن ڏوهن تي اک نٿا ڇڏين. صحافتي ادارا، جيڪي ڪنهن دور ۾ حق ۽ سچ جي علامت هوندا هئا، هاڻي پنهنجن ئي اصولن کان ڦري ويا آهن. انهن جو مقصد صحافت کي اڳتي وٺي وڃڻ نه، پر پنهنجي اقتصادي فائدي کي وڌائڻ آهي. جيڪڏهن ڪو صحافي بي ايماني ڪري، لفافو وٺي يا ڪوڙي خبر هلائي ته ادارا ان تي ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ان کي تحفظ ڏين ٿا. ڪيئي صحافتي ادارا خود انهن جعلي صحافين جي ڪمائي تي هلن ٿا.
ادارن کي صحيح واٽ تي آڻڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا:
(1) عوامي دٻاءُ: جيڪڏهن ماڻهو جعلي صحافين جا چينل يا اخبارون پڙهڻ ۽ ڏسڻ بند ڪري ڇڏين ته ادارن تي اثر پوندو. سوشل ميڊيا تي مهم هلائي، اهڙن جعلي صحافين کي بي نقاب ڪيو وڃي.
(2) قانوني قدمن تي زور: صحافتي ادارن کي قانوني ضابطن ۾ آڻڻ ضروري آهي.
اهڙن ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جيڪي جعلي صحافين کي پناهه ڏين ٿا. حقيقي صحافين کي اڳتي آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ادارا صحافت جي اصل واٽ تي هلن. ايماندار صحافين کي وڌيڪ واڌاري جا موقعا ڏيڻ گهرجن.
صحافتي تنظيمن کي خاموش تماشائي نه، پر اصل واچ ڊاگ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهي اهڙن جعلي صحافين خلاف قدم کڻن، جيڪي صحافت جي نالي تي ڌنڌو ڪن ٿا. جيستائين ادارا پاڻ سنجيده نه ٿيندا، تيستائين صحافت جي بهتري ممڪن نه ٿيندي، پر جيڪڏهن عوام، حقيقي صحافي ۽ قانوني ادارا گڏجي ڪم ڪن ته جعلي صحافين کي وائکو ڪري سگهجي ٿو ۽ ادارن کي مجبور ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ذميواري صحيح طريقي سان نڀائين. سوال اهو آهي: ڇا اسان تيار آهيون؟