آذربائيجان جيڪو جاگرافيائي طور تي هڪڙي ئي وقت ايشيا ۽ يورپ جو حصو آهي ان جو 95 سيڪڙو مغربي ايشيا ۾ اچي ٿو جنهن جي سرحد ڪيسپين سمنڊ سان اوڀر واري پاسي لڳي ٿي ۽ ان جو هڪ ننڍو حصو جيڪو لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو آهي، اتر ۾ ڪاڪيشين جبلن جي قطار سان ملي ٿو، جيڪا ايشيا ۽ يورپ کي ڌار ڪرڻ واري قطار به سمجهي وڃي ٿي. ان ننڍي حصي کي جيڪو يورپ سان لڳي ٿو ان کي گهڻو ڪري اوڀر يورپ جو حصو به سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري آذربائيجان ثقافتي طور تي ايشيا ۽ يورپ جو هڪ گڏيل امتزاج پيش ڪري ٿو. آذربائيجان 1991ع ۾ سوويت يونين کان آزادي حاصل ڪئي. آذربائيجان جو هڪ حصو ڪارا باخ جيڪو آرمينيا جي قبضي ۾ آهي. جنهن تي آذربائيجان پنهنجو حق سمجهي ٿو ۽ ان تان اڃان تائين دستبردار نه ٿيو آهي. آذربائيجان جي 96.9 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي ٻڌل آهي جنهن مان 85 سيڪڙو آبادي شيعه فرقي سان تعلق رکي ٿي ۽ 15 سيڪڙو آبادي سني فرقي سان تعلق رکي ٿي. آذربائيجان هڪ منفرد ثقافتي ۽ مذهبي شناخت رکي ٿو. هن سماج جي سڀني کان خوبصورت روايت اها آهي ته هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي مذهب ۽ ثقافت سان به تمام مضوبطي سان ڳنڍيل آهن ته ساڳئي وقت اهي سيڪيولر قدرن کي به انتهائي عزت ۽ احترام سان عمل ڪن ٿا. هن سماج ۾ سڀني کان وڏي ڳالهه اها آهي ته برداشت ۽ هڪٻئي جي مذهب کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هي هڪ مسلم گهڻائي وارو ملڪ آهي، پر ان هوندي به آذربائيجان هڪ سيڪيولر رياست آهي. هن ملڪ جو آئين مذهب کي رياست کان ڌار رکي ٿو ۽ انتهائي امن امان سان هلي رهيو آهي، جيڪو آذربائيجان جي سماج جي سڀني کان وڏي خوبصورتي ۽ طاقت آهي.
پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف هن وقت آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ويل آهي. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاڪستان جي صدر کي پنهنجي ملڪ ۾ دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي پاڪستان جي وزيراعظم قبول ڪيو ۽ هن وقت شهباز شريف آذربائيجان ۾ اتان جي صدر سان ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان سان طئي ڪيل معاهدن کي هڪ ئي مهيني ۾ آخري شڪل ڏني ويندي ۽ آذربائيجان پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم پاڪستان ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته هو اسلام آباد کي به باڪوءَ جي نموني تي هڪ خوبصورت شهر بنائڻ ۾ مصروف آهي ته جيئن ٻاهرين ملڪن کان سياح اچي پاڪستان ۾ پنهنجو وقت گذاري سگهن ۽ پرامن طريقي سان هتي گهمي ڦري سگهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته انهن معاهدن جو فائدو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم آذربائيجان جي علائقي ڪارا باخ واري مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو جيڪو هن وقت آرمينيا جي قبضي هيٺ آهي. معاهدن تي صحيحون ڪرڻ کان اڳ آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي هڪ تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سوڌو ٻنهي ملڪن جي وزيرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اعليٰ اختيارين پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ ايل اين جي جي خريد ۽ وڪري جي فريم ورڪ جي معاهدي ۾ ترميمي معاهدو، اسٽيٽ آئل ڪمپني آذربائيجان ۽ ٻين مفاهمي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. ان کان علاوه آذربائيجان جي شهر نض چيوان ۽ پاڪستان جي شهر لاهور جي وچ ۾ ثقافتي تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي به صحيحون ڪيون ويون. خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جو وزيراعظم هن وقت آذربائيجان جي صدر سان ڪيترائي معاهدا ڪري رهيو آهي.
ڪيتري نه سٺي ڳالهه ٿئي ها ته وزيراعظم شهباز شريف پوري ملڪ جي نمائندگي ڪندي سڀني صوبن جي لاءِ ڪونه ڪو معاهدو ڪري ان کي معاشي ۽ ثقافتي فائدو پهچائڻ جي لاءِ هڪڙو قدم اڳتي کڻي ها. لڳندو ايئن آهي ته جڏهن (ن) ليگ جو ڪو رهنما جڏهن وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل هوندو آهي ته اهو صرف گادي جي شهر ۽ پنجاب جو وزيراعظم هوندو آهي، ان کي اهو ياد ئي نه هوندو آهي ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، ان ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا صوبا به موجود آهن، انهن صوبن لاءِ به ڪي معاهدا ڪري فائدا حاصل ڪيا وڃن ته جيئن وفاقيت مضبوط ٿئي. افسوس جي ڳالهه آهي ته هن وقت اسان جي وزيراعظم لاهور لاءِ معاشي ۽ ثقافتي معاهدا ڪري پنجاب جي لاءِ فائدا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻين صوبن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن موقعن تي جڏهن وزيراعظم ٻاهر وڃي ٿو ته ان کي چئني صوبن جا وزيراعليٰ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ گهرجن ۽ انهن کي پنهنجن صوبن جي لاءِ معاهدا ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. جيڪڏهن وزيراعليٰ نه به وڃن تڏهن به اتان جا چيف سيڪريٽري وزيراعظم جي وفد ۾ ضرور شامل هجڻ گهرجن ته جيئن سڄي پاڪستان جي نمائندگي ٿئي ۽ پوري پاڪستان جي سڀني صوبن جي لاءِ ڪو نه ڪو معاهدو ضرور وٺڻ گهرجي يا صحيح ٿيڻ گهرجي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اسان اميد ٿا ڪريون ته وزيراعظم جو هي دورو ڪامياب رهندو، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ جيڪي معاهدا ٿيا آهن اهي ڪاميابي سان همڪنار ٿيندا ۽ پاڪستان پنهنجي هن نئين معاشي سفر ۾ آذربائيجان سان هڪ مضبوط دوست وانگر هم قدم هوندو.