بلاگنئون

قومي اسيمبلي کي آرڊيننس فيڪٽري نه بڻايو

قومي اسيمبلي ملڪ جو ايوان زيرين آهي، جنهن کي پاڪستان جو عوام سڌو چونڊيندو آهي. سينيٽ جنهن کي ايوان بالا چيو ويندو آهي، ان جي چونڊ اڻ سڌي طرح ٿيندي آهي.
صوبائي ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ ڪندا آهن ۽ ائين پارليامينٽ مڪمل ٿيندو آهي، جنهن ۾ صدر پڻ شامل هوندو آهي. تازين ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل قومي اسيمبلي جنهن جو اصل ڪم قانون سازي ڪرڻ آهي، ان کي سڀ کان پهرين کيس مليل ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اها پنهنجو اصل ڪم ڇڏي ڏيندي ته پوءِ قانون سازي ڪير ڪندو. قومي اسيمبلي جا ميمبر پاڻ ۾ وڙهڻ جي لاءِ ته ايوان ۾ چونڊجي نه آيا آهن. هن اسيمبلي ۾ به اميدون ته گهڻيون ئي آهن، پر جهڙي ريت اسيمبلي جي شروعات ٿي آهي ته اهي سڀ اميدون جيڪي پاڪستان جي عوام کي آهن، انهن ۾ نراسائي اچي ٿي وڃي. تازين چونڊن تي سڀني کي اهو اعتراض آهي ته اهي چونڊون شفاف نه ٿيون هيون. چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ قومي اسيمبلي جو ڪم آهي. جڏهن ته ٿيندڙ چونڊن ۾ تاريخ جون تمام گهڻيون بي ضابطگيون نظر آيون آهن ۽ سڀئي پارٽيون اها ڳالهه چئي رهيون آهن ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. ٿيڻ ته ائين کپي اهي سڀئي پارٽيون اسيمبلي ۾ گڏجي ويهن ۽ هڪ آئيني ترميم جي ذريعي اهڙو قانون ٺاهين جنهن جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو رستو روڪيو وڃي. چونڊون شفاف ٿيڻ کپن، چونڊون اهڙيون ٿيڻ کپن جنهن ۾ ملڪ جي عوام کي، ملڪ جي سياسي پارٽين کي چونڊن جي شفافيت تي يقين اچڻ گهرجي. هن وقت دنيا جا ادارا اسانجي چونڊن کي غير تسلي بخش ڪوٺي رهيا آهن، ان سڄي مسئلي جو حل اسانجي ايوان زيرين ۽ ايوان بالا وٽ آهي. قومي اسيمبلي اهڙي قسم جي قانون سازي ڪري ۽ ملڪ جا اهڙا کوڙ مسئلا آهن، جن تي قانون سازي جي سخت ضرورت آهي، پر 15 مارچ، 2024 تي قومي اسيمبلي اهي ستن ئي آرڊيننس پاس ڪري جائز قرار ڏئي ڇڏيو، جيڪي گذريل نگران حڪومت جي دور ۾ حڪومتي ڪاروهنوار هلائڻ جي لاءِ آندا ويا هئا، ان وقت قومي اسيمبلي وجود ۾ نه هئي. ان جي لاءِ اگر نگران حڪومت مجبوري ۾ اهڙا قانون آندا، جنهن تحت ڪجهه وقت لاءِ انهن کي حڪومت ڪرڻ ۾ آساني ٿي هئي، پر هن وقت چونڊن کانپوءِ اسيمبلي وجود ۾ اچي چڪي آهي، هو بجاءِ آرڊيننس کي جائز قرار ڏيڻ جي انهن کي بحث جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪري ۽ پوءِ سڀئي قومي اسيمبلي جا ميمبر انهيءَ تي پنهنجي راءِ زني ڪن، جيڪڏهن ملڪ جي مفاد ۾ آهن ته انهن کي اسيمبلي ۾ قانون سازي لاءِ آندو وڃي، جيڪڏهن ڪو آرڊيننس ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، جيڪو اسان کي نظر نه آيو. ائين محسوس ٿي رهيو هو. هڪ ئي وقت ست آرڊيننس پاس ڪرڻ ڄڻ ڪنهن فيڪٽري مان ڪا پيداوار ٻاهر اچي رهي هجي.
سياستدانن کي، سياسي پارٽين کي ايوان جي عزت ڪرائڻ جي لاءِ ان جو اصل ڪم يعني قانون سازي ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ڪندا ته پوءِ انهن کي ڪٿان نه ڪٿان فونون اچي وينديون ۽ پوءِ مجبورن انهن فونن جي چوڻ تي اسيمبلي کي هلائيندا. جيڪو نه صرف سياستدانن جي لاءِ پر ملڪ ۽ عوام جي لاءِ نقصانڪار آهي.