بلاگنئون

2024 ۾ ٿيندڙ عام چونڊون ۽ بي بنياد افواهن جي فيڪٽري سرگرم

اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ دير وارين ڳالهين کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن کي اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري چوڻو پيو آهي جو گذريل ٻن هفتن کان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ افواهه تي تواتر سان اها ڳالهه ٿيندي رهي آهي ته 2024 ۾ چونڊون ٿينديون به يا نه؟ خبر ناهي ته انهن افواهه ڦهلائندڙن ڪهڙن حلقن کي ۽ ڪهڙين سياسي جماعتن کي خوش ڪرڻ پئي چاهيو، افواهه سازي جي اها فيڪٽري ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري رهي آهي، هڪ طرف رياست ۽ نگران حڪومت اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته ملڪ جا معاشي ۽ مالي معاملا بهتر ڪجن. انهيءَ لاءِ اهي وچ اوڀر ۾ متحده عرب امارات کان وٺي سعودي عرب تائين سرمائيڪاري لاءِ مذاڪرات ڪري رهيا آهن ۽ معاهدا ڪري رهيا آهن. تازو سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ رکيل پنهنجي 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ کي هڪ سال لاءِ وڌيڪ توسيع ڏني آهي. ڪويت سان به اسانجا مختلف شعبن ۾ مالي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا آهن. ملڪ جڏهن بهتري جي طرف وڃي رهيو آهي، تڏهن اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي ملڪ کي افواهن ۾ گهيري ملڪي عوام توڻي غير ملڪي حڪومتن کي غلط پيغام ڏئي رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان افواهن جي هن سڄي معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ پيمرا کي حڪم ڪيو آهي ته جن پروگرامن ۾ مختلف تجزيه ڪارن اهڙي قسم جا افواهه ڦهلايا آهن انهن پروگرامن جا ٽرانسڪرپٽ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ۽ پيمرا خود جوڳو فيصلو ڪري. اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو وقتائتو آهي، کيس پنهنجي اداري جو وقار بلند ڪرڻو آهي، انهن الزامن کي زائل ڪرڻو آهي، جيڪي ان مٿان لڳي رهيا آهن ته اليڪشن ڪميشن چونڊون شفاف ۽ منصفاڻه نه ڪرائيندو. سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته ڪجهه صحافين کي انهيءَ افواهه جي ڪٿان خبر پئي، پيمرا جو ڪم آهي، انهيءَ جي تحقيق ڪرڻ. هاڻي پيمرا سڄي ڳالهه سامهون آڻي ته ڪهڙيون قوتون ان افواهه جي پٺيان آهن، جيڪي ملڪ جي ادارن ۽ عوام سان کيڏي رهيون آهن. 2024 ۾ ٿيندڙ چونڊن جي لاءِ ملڪ جا ٽي اهم ادارا چونڊن جي تاريخ ۽ پروگرام تي متفق رهيا آهن. ملڪ جي صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر گڏجي 8 فيبروري 2024، چونڊن جي تاريخ طئي ڪئي جنهن جي تصديق سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪئي. سپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ واضح ڪيو هو ته اليڪشن جي تاريخ تي ڪابه افواهه سازي نه ڪئي وڃي. پوءِ اهي ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي چونڊون نه ٿيڻ متعلق افواهه سازي ڪري رهيون آهن. هن کي دليري چئجي يا بي شرمائي جي انتها جو سماج ۾ افواهه ڦهلائي ڏڦير وجهڻ کي صحافتي آزادي قرار ڏنو پيو وڃي. اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي افواهه سازي جي هڪ هٿراڌو لهر هلائي پئي وڃي. ڇا اها افواهه سازي انهيءَ ڪري ڪئي پئي وڃي، جو ماڻهو پنهنجي ملڪ جي اهم ادارن تان اعتبار کڻي وڃن؟ اسين وري به اها ڳالهه ڪنداسين ته چونڊ ڪميشن وقتائتو فيصلو ڪيو آهي، ۽ پيمرا کي چيو آهي ته ڪوڙين خبرن ڦهلائڻ وارن پروگرامن جا ٽرانسڪرپٽ ۽ رڪارڊنگ اليڪشن ڪميشن کي مهيا ڪئي وڃي ته جيئن اليڪشن ڪميشن اهو فيصلو ڪري سگهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ڌرين جا ڪهڙا مقصد آهن. اسين سمجهون ٿا ته انهن جو مقصد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ووٽن جي فهرستن جي تياري ڪري ورتي آهي، پر افواهه ساز اهڙيون خبرون پيا گهڙين ته فهرستون ئي تيار ڪونهن. چونڊ ڪميشن ان سڄي ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته فيبروري 2024 ۾ ٿيندڙ چونڊن لاءِ سڀ ڪم مرحلي وار پنهنجي وقت تي ٿي رهيا آهن ۽ ايندڙ چونڊن جو شيڊيول ڊسمبر مهيني جي 10هين تاريخ تائين اچي ويندو. هڪ طرف اسانجا ادارا محنت پيا ڪن، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي صلاح سان چونڊ جي تاريخ جو تعين ڪيو آهي، ته پوءِ چونڊون نه ٿيڻ وارا افواهه ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وقتائتو فيصلو ڪري افواهن جي انهيءَ فيڪٽري کي بند ڪري ڇڏيو آهي، پر اسين اهو سمجهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن کي فيبروري 2024 ۾ ٿيندڙ اليڪشن جي متعلق افواهه سازي جي ذميدار ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي. اها ڪهڙي صحافت آهي، جنهن ۾ افواهه کي خبر بڻائي ماڻهن ۾ ڦهلايو پيو وڃي. اسانجو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته انهن افواهه ڦهلائندڙ ذميدارن جي خلاف قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ۽ ذميدارن کي قرار واقعي سزا ڏجي ته جيئن آئنده اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ويٺل ڪاريون رڍون پنهنجي برن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهن. اسين ملڪ ۾ استحڪام جا گهرجائو آهيون ۽ اليڪشن ڪميشن جي انهيءَ فيصلي کي وقتائتو سمجهون ٿا.