ايڊيٽوريل

بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر

بلوچستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر ملڪ جي ساڃاهه وند ۽ پرامن شهرين ۾ تشويش جي صورتحال پيدا ڪئي آهي. بلوچستان ۾ قومپرست تحريڪ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا جيئن ته پراڻا به آهن ۽ انهن ۾ عسڪريت پسندي به شامل رهي آهي. هڪ طرف مرڪز جو انڪار ڪندڙ قوتون آهن ٻئي طرف رياست آهي. مسئلي کي جيڪڏهن چڱيءَ طرح ڏسجي ٿو ته محسوس ائين ٿو ٿئي ته طاقتور ڌرين کي ۽ ملڪ جي سياسي رهنمائن کي انهيءَ جي حل جي ڄڻ پرواهه ئي نه رهي آهي. بلوچستان جيئن ته ملڪ جو ايراضي جي لحاظ کان وڏو صوبو آهي ۽ انهيءَ جي جاگرافيائي اهميت بين الاقوامي سطح تي انتهائي اهم آهي. بلوچستان صوبي جون سرحدون ايران ۽ افغانستان سان ملن ٿيون ۽ ملڪ ۾ گذريل ويهن سالن کان چين جي مدد سان ٺهندڙ ون بيلٽ ون روڊ جو مرڪز به بلوچستان آهي.
جيئن گوادر جي گهري سامونڊي بندرگاهه ۽ ان سان لاڳاپيل ايئرپورٽ ۽ ٻيو انفرااسٽرڪچر ملڪ جي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي ۽ اها اميد به ته ملڪ ون بيلٽ ون روڊ جي ذريعي دنيا سان وڏي پئماني تي واپار، بار برداري جون سهولتون سڄي دنيا لاءِ فراهم ڪندو. مواصلات کان مٿي ٻي ڪابه طاقت ڪونهي جيڪا دنيا جي ملڪن کي هڪٻئي سان جوڙي رکي ٿي. جيئن ته بلوچستان ۾ قومپرست تحريڪ گذريل صديءَ جي 70ع جي ڏهاڪي ۾ طاقت ۾ هئي، انهيءَ وقت به انهيءَ تحريڪ ۾ عسڪريت پسندي به شامل هئي، پر نئين صديءَ ۾ انهي تحريڪ جو اڀار اسان جي پنهنجي غلطين جي ڪري ٿيو آهي. سڀني کان وڏي غلطي اڪبر بگٽي جي جان وٺڻ وارو عمل هو. جنهن کانپوءِ قومپرست تحريڪ عسڪري تحريڪ ۾ بدلجي وئي. تازو بلوچستان ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڏهن ضلعن تي دهشتگردن جو حملو اسان جي حڪمرانن جي اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ عليحدگي پسندن پنهنجن حملن لاءِ اڪبر بگٽي جي ورسيءَ واري ڏينهن کي چونڊيو آهي. بلوچستان جي جاگرافيائي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ ون بيلٽ ون روڊ جا منصوبا پنهنجي تڪميل تي پهتا آهن. اهو سڀ عالمي طاقتن جي هڪٻئي سان مقابلي بازي جي ڪري ڪوبه فائدو نه ڏئي رهيا آهن. گوادر جي بحري بندرگاهه ۽ بين الاقوامي ايئرپورٽ تڪميل تي پهچي ويا آهن. انهيءَ سڄي عمل جو چين سان گڏ اسان کي به وڏو فائدو پهچڻو آهي، پر عالمي منظر نامي تي وڏين طاقتن جي چين سان ڇڪتاڻ به بلوچستان ۾ دهشتگردي جو هڪ سبب آهي.
هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته بلوچستان جي عليحدگي پسندن کي بنياد پرستن جي مدد به حاصل ٿي آهي. بلوچستان ۾ جيئن ته تحريڪون ۽ سياسي پارٽيون گهڻو ڪري روشن خيال ۽ لبرل آهن، پر عالمي طاقتن جي انهيءَ جنگ ۾ بلوچ عليحدگي پسندن ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪٺ حيرت انگيز آهي، پر لڳي ٿو ته عالمي طاقتن کي نه پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي پسند آهي ۽ نه انهيءَ جي ترقي، جنهنڪري انهن اسان جي ملڪ ۾ هڪ طرف صوبي خيبر پختونخواهه ۾ اسان جي مٿان دهشتگردي مڙهي آهي ۽ ٻئي طرف بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي هيءَ تازي لهر حيران ڪندڙ آهي، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته عالمي طاقتن جا پنهنجا منصوبا ۽ پنهنجا ارادا آهن، شايد اهي خطي ۾ امن چاهين ئي نٿا. بنگلاديش ۾ تازو برپا ٿيل تحريڪ جنهن جي به شاگردن جي هٿان اڳواڻي ڪرائي وئي ۽ اتي هلندڙ نظام کي هيٺ ڪيرائي انارڪي پيدا ڪئي وئي. بلوچستان ۾ به نوجوان شاگردن کي ئي استعمال ڪيو پيو وڃي. دهشتگردي جي تازي لهر ۾ خودڪش بمبارن ۾ هڪ خاتون ماهل بلوچ به شامل هئي. ڏٺو وڃي ته ملڪي ۽ عالمي طاقتن پروپيگنڊا ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن کي به انهيءَ رستي تي آندو آهي جتي اهي پنهنجون جانيون ڏيئي رهيا آهن. رياست کي ان صورتحال کي سمجهي جلد ئي پنهنجون اکيون پٽڻ گهرجن. بلوچستان جو مسئلو جيئن ته پراڻو آهي ۽ حل ٿيڻ گهرجي، پر ائين ته نٿو ٿي سگهي ته انهيءَ جو حل دهشتگردن جي نقطهءِ نظر جي حساب سان ٿي سگهي، پر اسين سمجهون ٿا ته سرڪار کي بلوچستان جي ماڻهن خاص ڪري اتي جي نوجوانن جي مسئلن کي سمجهڻو پوندو ۽ انهيءَ کي حل ڪرڻو پوندو. دل تي هٿ رکي ڳالهه ڪجي ته انهن عسڪريت پسندن سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٿي سگهي ٿي، جيڪي بسن مان ماڻهن کي لاهي انهن جي نسلي ۽ صوبائي شناخت ڏسي انهن جون جانيون وٺي رهيا آهن. اهڙين ڏکين حقيقتن جي باوجود رياست کي بلوچستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. دهشتگرد فطري طور تي چاهيندا هوندا ته لڙائي جاري هجي ۽ دهشتگردن جي همت افزائي ڪندڙ ۽ انهن جي مالي ۽ عسڪري امداد ڪندڙ ايجنسيون ڀلي اها ڀارت جي “را” هجي يا ڪنهن به مغربي يا مشرقي ملڪ جي انٽيليجنس ايجنسي. ڀارت جيئن ته شروع کان ئي اسان جي وجود جو دشمن آهي ۽ اهو صاف ظاهر آهي ته بلوچ عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي پٺيان انهيءَ جا ناپاڪ ارادا آهن. علائقي ۾ پاڪستان ۽ چين جي برتري پاڙيسري ملڪ کي به پسند نه آهي. ان سڄي صورتحال ۾ جيئن اسين سمجهون ٿا ته ون بيلٽ ۽ ون روڊ جي پهرين مرحلي جون سڀ اسڪيمون تڪميل ٿي ويون آهن، پر پاڪستان ۽ چين دهشتگردي جي حالتن جي ڪري انهيءَ مان فائدو نه وٺي رهيا آهن. اسين سمجهون ٿا ته اسان جي ملڪ کي دنيا جي ملڪن سان گڏ هلڻو آهي، ترقي ڪرڻي آهي، انهيءَ ڪري وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اها مسئلي کي دانشمندي سان حل ڪن ته جيئن بلوچستان ۾ گوادر جي بحري بندرگاهه بين الاقوامي ايئرپورٽ، بلوچستان جون معدنيات ۽ ريڪوڊڪ منصوبي تي عمل ٿي سگهي. بلوچستان جي غربت ۽ احساس محرومي جو حل اتي ئي آهي ته بلوچستان جا ترقياتي منصوبا فعال هجن ۽ شايد عالمي قوتون ۽ مقامي عسڪريت پسند اهو نٿا چاهين، پر مستقبل ۾ اسين هڪ بهتر بلوچستان ڏسي رهيا آهيون جيڪو ون بيلٽ ون روڊ جي ترقي ۽ پنهنجي معدني وسيلن مان ترقي جي راهه تي اڳيان هلندو. اسان جي رياست کي بلوچستان جي عوام خاص ڪري نوجوان کي اعتماد ۾ وٺي اڳيان هلڻو پوندو.