پاڪستان، عرب عماراتن کان به 6 ارب ڊالر قرض گهري ورتو

خبرن موجب عرب عماراتن جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان جي هدايتن تي عرب عماراتن جو وفد پاڪستان آيو، جنهن سان پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مالي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ پاڪستان پاران عرب عماراتن کان 6 ارب ڊالرن جي مالي سهائتا جي گهر به ڪئي وئي آهي. ملاقات کانپوءِ فواد چوڌري چيو ته عرب عماراتن پاڪستان جو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي جنهن سان اتصالات ڪمپني جي 800 ملين ڊالرن جي رهتن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ انهن پاران ملندڙ ڪنهن به مالي پئڪيج کي قبول ڪيو ويندو. پئڪيج بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته خبرن موجب چيو پيو وڃي ته عرب عماراتن جو پئڪيج به سعودي عرب جي ماڊل مطابق هوندو، جنهن مطابق عرب اماراتون 3 بلين ڊالر پاڪستان اسٽيٽ بينڪ ۾ رکندو ۽ 3 بلين ڊالرن جو تيل اڌار تي ڏيندو.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments