بلاگنئون

ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام

پاڪستان ۾ گذريل اونهاري جي ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام ڏياريندڙ هئي ته تبديل ٿيندڙ موسم مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي آڻيندي. گڏيل قومن جي 2023 جي سالياني رپورٽ ۾ آبهوا ۽ ماحوليات بابت تنبيهه هئي ته بارشن ۾ ڪجھ علائقا پاڻي جي کوٽ جو به شڪار ٿيندا ۽ هلندڙ سال ۾ ڪجھ علائقا وري وڏي ٻوڏ واري تباهي هيٺ ايندا. گذريل آگسٽ ۾ هڪ قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو هو. ان ڪري ته وڏي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ مون سون جي برساتن جي ڪري ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ رهيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا، اقوام متحده 9 جنوري 2023 تي جنيوا ۾ موسمياتي ڏمرن تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ دنيا اندر تبديل ٿيندڙ موسميات جي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف پاسن تي غور ڪيو ويو. گڏيل قومن جي اسپانسر ڪيل مختلف تحقيقن مان حوالا ڏيندي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ڌرتيءَ جي مسلسل گرمي هڪ وڏو خطرو آهي ۽ انسانيت جي ناڪامي تي افسوس ظاهر ڪيل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪاربن جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ موسمياتي ايمرجنسي سان لاڳاپو حاصل ڪرڻ لاءِ رپورٽ ۾ فوسل فيول جي استعمال کي گھٽائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو هو، ڇو ته ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ اهي عنصر خشڪي، ٻوڏ ۽ سخت بارشن جا سبب بڻجن ٿا.

گڏيل قومن جي رپورٽ (ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن) ۾ هڪ تحقيق جو حوالو ڏنو ويو هو، جنهن مان اهو ظاهر هو ته گرمي جي لهر 2060 جي ڏهاڪي ۾ وڌي ويندي WMO مطابق گرمي انساني سرگرمين سان ڳنڍيل رهي ٿي، جنهن سبب بدلجندڙ آبهوا سرد موسم لاءِ به خدشا وڌائي ڇڏيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ گرين هائوس گيس بليٽين مان پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ ٽن مکيه گيسز ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ ۽ ميٿين جو تفصيل آهي، جنهن 40 سالن ۾ هر سال جي لحاظ کان سڀ کان وڏو جمپ ڏنو آهي. اهو انساني سرگرمين کي هن موسمياتي تبديليءَ ۾ هڪ بنيادي عنصر طور ڏسي ٿي. ان ڪري سڀني ثبوتن جي آڌار تي هاڻي گهٽ ڪاربن واري معيشت ڏانهن هڪ شفٽ جي فوري ضرورت آهي. دنيا جون وڏيون معيشتون يوڪرين ۾ جنگ جي نتيجي کي توانائي جي بحران جو سبب سمجهن ٿيون، ڇو ته پراڻن پاور پلانٽن کي ٻيهر کولڻ ۽ نون تيل ۽ گئس جي زخيرن جي ڳولها مشڪل ٿي پئي آهي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ردِ عمل ۾ امير قومن کي ياد ڏياريو ته جيڪڏهن اهي ماضيءَ ۾ ٻيهر استعمال ٿيندڙ توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪن ها ته اهي فوسل فيول جي مارڪيٽ جي قيمت جي عدم استحڪام کان بچي سگهن ها. هڪ ٻئي بيان ۾ مسٽر گوتريس فوسل فيول انڊسٽري جي رويي کي ويهين صديءَ جي وڏين تماڪ ڪمپنين جي سرگرمين سان تشبيهه ڏني. ڇو ته تماڪ فوسل فيول وانگي تباهيءَ جا ذميوار آهن. ڳالھ اها به آهي ته گهريلو استعمال لاءِ گيس ۽ بجلي جو خرچ، وري آبهوا جي عمل کي هڪطرف رکڻ جو دليل به ڳرو آهي. گذريل جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اعلان ڪيو هو ته صاف ۽ صحتمند ماحول جي گهرج عالمي انساني حقن ۾ شامل آهي. مسٽر گوتريس اميد ظاهر ڪئي هئي ته هي تاريخي گڏجاڻي ماحولياتي ناانصافين کي گهٽائڻ، تحفظ جي فرق کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ماحولياتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ڪندي. اقوام متحده جي رپورٽ اهو به ٻڌايو هو ته گذريل نومبر ۾ مصر ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾ هڪ فنڊنگ ميڪانيزم قائم ڪيو ويو هو ته جيئن ڪمزور قومن کي موسمياتي آفتن جي ڪري ٿيل نقصانن جو پورائو ڪري ڏجي. ڇو ته اهي ڪمزور قومون ڏهاڪن کان اهڙين مصيبتن کي منهن ڏئي رهيون آهن، ان مصيبت ۾ غريب ملڪن جي مدد ڪرڻ هڪ وڏي اڳڀرائي هوندي. بهرحال اهو پڻ واعدو ڪيو ويو هو ته فاسل فيول کي ختم ڪيو ويندو ته جيئن گلوبل وارمنگ کي 1.5 درجا سينٽي گريڊ تائين گهٽائي سگهجي.

فليش فلڊ ۽ مون سون جي بارشن جي ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائن منهن ڪڍيو آهي، جنهن ۾ موسمي بخار، ڊينگي، مليريا ۽ ڊائريا پکڙيل آهن. ڇو ته ملڪ جي وڏي حصي ۾ جاري برساتن جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ وبائن جي پکڙجڻ جو سبب بڻيل آهي، جنهن کي ڪو هڪ ادارو اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سڄي قوم گڏ ٿئي، پر اسان جي اڳواڻن جي ڊوڙ خبر ناهي ته ڪهڙي پاسي آهي. مثال طور: 2022 جي ٻوڏ ۾ ان وقت جي وزيراعظم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيلي ڪاپٽر مان کاڌي پيتي جا پارسل اڇلائيندي ڏٺو ويو هو. هڪ ٻي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو هو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ۽ پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو شهباز شريف سان گڏ سکر ۾ قائم امدادي ڪيمپ ۾ وڃي رهيا هئا. سچ پڇو ته انهن ليڊرن ڪم ۾ دير ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته ٽن چئن هفتن کان شديد برسات ٿي رهي هئي. انهن کي اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ايترن ڏينهن کانپوءِ فوج کي مدد لاءِ ڇو گهرايو ويو هو ۽ اڳ ۾ ڇو نه گهرايو ويو. ان سان گڏ جڏهن ته سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان جا ڪجھ سياسي اڳواڻ ڪيترا امير آهن، اهي پنهنجي کيسي مان هڪ رپيو به خرچ نٿا ڪن ۽ ابتو وري چندي جي اپيل ڪري رهيا هوندا آهن. جيتوڻيڪ اهي خاموشي سان فنڊ ڏئي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي محسوس ڪن ٿا ته ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملڻ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا پارسل موڪلڻ سٺي ڳالھ آهي ته هو پنهنجي کيسي مان به عطيو ڪن ته جيئن سماج جا ٻيا امير ماڻهو به ان جو مثال ڏئي سگهن.

ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ سرڪار پاڻ بين الاقوامي ادارن کي زور ڀري ته اهي وقت سر امداد ڪن، ان ڪري ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ تباهي گهڻي ٿي آهي، اتي جا سسٽم بحال ڪرڻ ۾ مهينا لڳي ويندا ۽ جن ماڻهن جي روزگار جا ذريعا ختم ٿي ويا آهن، جيڪي “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا” واري ڪارِ ۾ هئا، انهن جو گذران مشڪل ٿي پيو آهي، ان ڪري ته فليش فلڊ رڳو انهن ماڻهن کي ٻوڙيو آهي جيڪي ڪچي جا رهواسي هئا، باقي شهري ۽ پڪي آبادي کي پاڻي پائي نڪري ويو ۽ انهن جا جهڳا نه ڊٺا، پر اهي ماڻهو جن جا بيٺل فصل تباھ ٿي ويا، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ هڪ ته مهانگائي منهن ڪڍندي ۽ ٻيو ته اناج جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، جو جيستائين وري ربيع جا فصل اچن، جنهن جي لاءِ ايندڙ ڇھ مهينا معيشت تي بار پوندو، جنهن جي لاءِ حڪومت يوٽيلٽي بلن ۾ مهينن جي ڇوٽ ڏئي ته جيئن ماڻهو ساهي پٽي وري پنهنجا ڪاروبار، ڌنڌا، زمينون ۽ روزگار سنڀالين. ان کان به وڏي ڳالھ ته ڊيم بارشي ۽ موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ناهن ٺاهيا ويندا، جو ستلج ۽ راوي ڀرجي اچن ته ڊيم وري اولھ طرف سنڌو تي اڏيا وڃن يا مينهن ڪراچيءَ ۾ وسي ته ڊيم وري پنجاب ۾ ٺاهيا ويندا، پر دريائن جا قدرتي رستا بحال ڪيا وڃن، ان ڪري ته پنجاب دريائي ڪچن علائقن کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ درياءَ ڪينال جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. اسان وٽ ڪچو وري به ڪچو آهي، جو اهو اشرافيا جي “ڪيٽين” ۾ ورهايل آهي، جنهن جي ڪري ڪجھ بچت ٿي ٿي وڃي ۽ مٿان وري بچاءُ وارا بند به پڪي جي حفاظت لاءِ ڪافي آهن، جيڪي انتظام پنجاب کي به ڪرڻ کپن ته جيئن بارشي پاڻي نيڪال ٿي وڃي.

هڪ ٻي حقيقت مڃڻي پوندي ته راوي ۽ ستلج وارا علائقا ميداني آهن جن ۾ هاڻي ڪوبه ڊيم نٿو اڏي سگهجي ۽ ٻي حقيقت اها به آهي ته ڀارت ان تي اڳ ۾ ڊيم ٺاهي ويٺو آهي جو جڏهن پاڻ مصيبت ۾ هوندو ته ڊيمن جا دروازا کولي پنجاب کي ٻوڙيندو رهندو ۽ جنهن کي اسان سدائين آبي دهشتگردي سڏينداسين. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته صرف هٿيار ئي جنگ جو ذريعو ناهن رهيا، پر موسمياتي تبديليون به ملڪن جا ملڪ ساڙي خاڪ ڪري ٿيون ڇڏين، جنهن کان بچڻ جي همت آمريڪا ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن کي به ناهي ته اهي ڪو بچاءُ ڪري سگهن. ڪڏهن ڪيليفورنيا ۽ هواوي کي باھ ۽ سونامي تباھ ڪري ٿي ڇڏي ته آسٽريليا جا جهنگ ٻري ٿا پون، انهن جي جاءِ تي اسان ته وري جيتامڙا ملڪ آهيون، جن جي معيشت ۽ نظام ڀُتا آهن، جيڪي هڪ سَٽَ نه سهي سگهندا، پر چوڻ ۾ اسان وري به ايٽمي طاقت آهيون، جيڪا ڀارت ۽ اسرائيل جا رافيل به ڪيرائي سگهي ٿي. هاڻي موسمياتي تبديلين جي ڪري دريائن جا فطري لنگھ بحال ڪرڻا پوندا ۽ آباديءَ جي پيھ جي ڪري اهڙا علائقا آباد ڪيا وڃن جتي “ورٽيڪل” ترقي ممڪن هجي، ان ڪري ته هوريزونٽل (پکڙيل) ترقي زمين جو ساھ ٿي ٻوساٽي ۽ دريائي لنگھ به بند ٿي ڪري، جنهن جي ڪري اسان جهڙن ملڪن کي هر سال مالي ۽ جاني نقصان ڏسڻا پوندا. ٻيو ته ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ ضروري آهي، ان ڪري ته دنيا جي ترقي يافتا ملڪن وٽ توانائيءَ جا متبادل موجود آهن، اهي پن بجلي، سولر انرجي ۽ ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۾ ڀڙُ آهن، پر اسان وٽ اڃان تائين “هائيڊل” بجلي تي زور آهي، هاڻي اسان کي ٻين متبادل ذريعن تي غور ڪرڻو پوندو، جيڪي سستا به آهن ۽ صوبن جي وچ ۾ به ڪنهن قسم جي ڇڪتاڻ جو سبب نٿا بڻجن. ان ڪري سرڪار بروقت قدم کڻي ته جيئن تباهيءَ کان بچي سگهجي.