بلاگنئون

نسيم کرل افسانوي ادب جو چوٽيءَ جو ڪهاڻيڪار

نسيم کرل، ڳوٺ کرل تعلقي گمبٽ ۾ 29 جون 1939ع تي حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ کرل مان ۽ سيڪنڊري تعليم خيرپورميرس مان حاصل ڪري بي اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس استادن ۾ پناهه علي شاهه، احسان بروهي، اياز قادري، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا هئا. هو ڪاليج مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر  رهيو، هن قانون جي تعليم به حاصل ڪئي، پر روزگار ۾ سندس ڪرت زمينداري هئي، سندس شمار پنهنجي تر جي وڏن زميندارن ۾ هو. ادبي حوالي سان سندس نالو سنڌي ادب جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ آهي، هن ڪهاڻيون ڪالم ۽ چند مضمون لکيا. سندس مضمونن ۾ “ابنِ خلدون”، “سچو سچ چوان”، “بري هن ڀنڀور ۾”، “لالڻ واهه جا ڇيڙا” خيرپور جي ميرن جي رواداري، “هو جي وڻ وندر جا” آهن، نسيم جي پهرين ڪهاڻي جنوري 1959ع ۾ نئين زندگي ۾ ڇپي، جا پيريءَ مريدي متعلق آهي، ٻي ڪهاڻي  “پارٽنر” هاسٽل جي ماحول متعلق آهي، اهڙي ريت سندس شروع جي ڪهاڻين لکڻ مهل هُو اڃان شاگرد هو هاسٽل ۾ رهندي، “پارٽنر” ڪهاڻي لکيائين جنهن ۾  هاسٽل جي زندگيءَ جو بيان آهي.

نسيم کرل جي ڪهاڻين جا ٽي مجموعا “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” 1968ع، “چوٽيهون در” 1973ع ۽ “ڊمي” آهن، ٽنهي ڪتابن جون ٻٽيهه ڪهاڻيون گڏائي “نسيم کرل جون ڪهاڻيون” عنوان سان روشني پبليڪيشن 2007ع ۾ شايع ڪيو عبدالقادر جوڻيجي، ولي رام ولڀ ۽ نجم عباسيءَ جا نسيم جي فن تي ليک پڻ شامل آهن. جي “سهڻيءَ نسيم کرل” نمبر (1974ع) تان ورتل آهن، ان کانسواءِ سندس فن تي تاج جويي “نسيم کرل وڏو ڪهاڻيڪار وڏو انسان” ترتيب ڏنو جنهن ۾ سهڻي نسيم کرل نمبر، سوجهرو ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مواد ڏنل  آهي، جو 2005ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم شايع ڪيو. ڪشمير سومرو ايم اي سنڌي ۾ نسيم کرل بابت مونو گراف لکيو جو پڻ ڇپيل آهي.

“نسيم کرل جون ڪهاڻيون” ڪتاب ۾“مڪسڊ گرل”، “پهرين مراد”، “مجاور”، “آٿت”، “ڪرنٽ”، “اٽالو پڊنگ”، “اسلام عليڪم”، “دار الفلاح”، “پارٽنر”، “چوٽيهون در” “پهريون پهر”، “ڪافر”، “شبنم شبنم ڪنول ڪنول”، “زماني جي گردش”، “گٽس”، “ڪچو رنگ”، “گذريل واردات”، “زر ۽ زور”، “ڳڻ”، “ڪني آڱر”، “ڊمي”، “منڌ ٻوڙيو مهراڻ”، “مساوات”، “ڪوڙڪيون”، “خاڪي پنهنجي فطرت ۾”، “تنهنجي خوديءَ جو ڀرم”، “ننگر”، “منجهيل سُٽ”، “استاد ۽ شاگرد”، “سوکڙيون”، “لهرين جا لوڏا” ڪهاڻيون آهن. نسيم کرل جو جنم 29 جون 1939ع تي ٿيو، هن پهرين ڪهاڻي 1958ع ۾ لکي، جا جنوري 1959ع ۾ ڇپي سندس قتل زمينداري جهيڙي سبب 14 جولاءِ 1978 تي ٿيو، کيس 39 سال 15 ڏينهن حياتي ملي جنهن ۾ هن جي ڪهاڻيءَ جو سفر 19 سال هو، انهيءَ ٿوري عرصي ۾ لکيل مختصر ۽ معياري 32 ڪهاڻيون سنڌ ادب جو اهم سرمايو آهن، جو اڄ تائين نسيم سنڌي ڪهاڻيءَ جي پهرين صف جي ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. هيٺ ڪجهه ڪهاڻين تجزيو ڏيان ٿي.

سڀ کان پهرين اهو ڄاڻائينديس ته ڪهاڻي زندگيءَ جي هڪ واقعي هڪ پل جو اثرائتو تاثر آهي، ڪهاڻي قصو ناهي، جنهن ۾ ڊيگهه قائم ڪجي مختصر ڪهاڻي پنهنجي تاثر، ٻولي ڪلائيمڪس، حقيقت نگاري، دلچسپ انداز، آغاز، انجام، ٽيڪنيڪ، ڪردار نگاري، مڪالما نگاريءَ جي خوبين سان پنهنجي خالق جي خاص رنگ جي مظهر آهي. موضوع پلاٽ ۽ واقعن جي ڪهاڻيءَ ۾ خاص اهميت آهي، هڪ سٺو ڪهاڻيڪار زندگيءَ کي ويجهي کان پرکي مختلف رُخن کان پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي ڪهاڻي بڻائي پيش ڪندو آهي. نسيم کرل جون ڪهاڻيون پڻ سندس ماحول، مطالعي ۽ مشاهدي جي چوگرد گهمن ٿيون.

ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان نسيم جا ڪردار پنهنجي پنهنجي جڳهه تي فٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. دارالفلاح جي نيلم هجي يا آٿت جو رئيس، “پارٽنر” جو مؤمن هجي يا “چوٽيهون در” جو گيج ريڊر، “ڪافر” جو سيتل/عبدالله هجي يا مڪسڊ گرل جو شيخ هجي يا پهرين مراد جا عنايت ۽ پٽهنس ماڻڪ هجن سندس جو هر ڪردار ايئن آهي ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ.

مڪالما نگاريءَ ۾ پڻ کانئن مڪالما چورائڻ ۾ ماحول ۽ موقعي جي مطابقت پيش ڪئي اٿس. ڪهاڻي “ڪافر” ۾ لکي ٿو ته:

“جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گهر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو هو ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر پڌر ۾ به ٻه ٽي صفون بيهجي ويون، هن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي هئي يا جڏهن ڪو سرندڙ ماڻهو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاهيندو هو.”

“ٻئي ڏينهن عبدالله پنچائت ۾ ڏنڊ ڀري رکايل ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گهاري ۾ وهنجي پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب “پاڪ” ڪيو ته هوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپهريءَ جي نماز کانپوءِ هڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو مولوي صاحب، “ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان”، ٻئي چيو، سائين گڏهن کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته ڪي گهوڙا ڪونه ٿي پوندا!.”

آخر م مولوي اميد علي پنهنجي سونهاري کي هٿ سان سنواريندي چيو، “ها ابا، سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!”

“ڪچو رنگ” ڪهاڻيءَ جو رئيس شاهنواز بظاهر ڦوڪيل ۽ ڦنڊيل، پر اندر مان سنڌ جي عام وڏيرن جيان آفيسر شاهيءَ کان مرعوب پنهنجي پٽ ذوالفقار عليءَ جي شاديءَ تي بُل کائيندي جوڻس کي چوي ٿو ته:

“خدا جو قسم، هتي هجي ها ته گولي هڻانس ها، مان اها ڳالهه ڪيئن سهندس ته ابن ڏاڏن جي گڏ ڪيل ملڪيت ۾ سڀاڻي منڊم جو پٽ حصيدار ٿئي، اهو به الائي ڪنهن جو؟ ڪو سڄو ڏينهن  ذوالفقار زال تي پهرو ڏيندو ڇا؟”

جنهن ننهن کي هوُ بد ڪردار چئي پنهنجو نٿو سمجهي ساڳيءَ ئي ننهن پارس کي پنجن سون جا نوٽ ڏيئي مٿو چُميس ٿو جو کيس خبر پوي ٿي ته هوءَ ڪليڪٽر جي ڌيءَ آهي، سندس سڄي ڪاوڙ صابڻ جي گجيءَ وانگر ويهي ٿي رهي ۽ اکين مان لالچ ليئا پائڻ لڳيس ٿي، ڇو ته ڪليڪٽر نياز احمد سان اٿڻ ويهڻ سان سندس اسٽيٽس وڌنڌو.

گذريل واردات جو انسپيڪٽر دريشاڻي پنهنجي نوڪريءَ جي وقت ۾ وڏي دٻدٻي سان هوندو آهي، پر رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ڪير کيس کنگهي به نٿو ڪيڏانهن ويون ڪچهريون ۽ ڪيڏانهن ويا سندس سلامي، سو پنهنجي پراڻي اردليءَ سان گذريل وارداتون بيان ڪندي دل وندرائيندو آهي، هيءَ ڪهاڻي موضوع جي حوالي سان نئين ته پيشڪش جي لحاظ کان به وڻندڙ آهي ڪوڙو خان اردلي ٽڪي جي ڪاسائيءَ کان گاريون کائي مٿي ۾ ڌوڙ وجهائي کيس دانهن ڏيندي آڀاري ٿو ته ڪاسائيءَ کي سبق سيکاري، پر انسپيڪٽر دريشاڻي پنهنجي حيثيت سمجهي ٿڌو شوڪارو ڀري چوي ٿو، “ڪوڙا خان”، “جي سائين.”

“جي ڪنهن ڏوهاري خلاف فرسٽ رپورٽ داخل ڪندا هئاسين ته ڇا ڪندو هو؟”

“سائين هو يا ته اسان کي منهن ڏئي جان ڇڏائيندو هو يا روپوش ٿي ويندو هو.”

“پاڻ کي به منهن ڏيڻ جي ڪا طاقت ڪانهي ڪوڙا خان، اچ ته تون ۽ مان روپوش ٿي وڃون.” نسيم کرل جي ڪهاڻين تي مختلف رايا آهن.

قمر شهباز موجب هو، “ڪهاڻيءَ جي فن جو ماهر ڪاريگر آهي” تاج بلوچ نسيم جي ڪهاڻيءَ کي سنڌي ڪهاڻي جي اوج ماڻڻ واري ڪهاڻي سڏيو. شوڪت شورو موجب، “نسيم جي ڪهاڻين جي ڪردار نگاري زبردست ۽ مڪالما شاندار آهن.” ڊاڪٽر قاضي خادم وٽ هو “سنڌ جو چيخوف” آهي.

نجم عباسي کيس هڪ ئي طبقي جي موقعن جي اپٽار ڪندڙ ليکڪ چيو آهي،

منهنجي نظر ۾ ته نسيم کرل جيڪي لکيو اهو سندس ماحول، مطالعي، مشاهدي، لکڻ جي ذوق، شوق ۽ تخليقي قوت  جو مظهر آهي، ماحول مطابق هن جو اٿڻ ويهڻ وڏيرن، زميندارن، پيرن، ميرن، آفيسرن، هارين، نارين، ڪڙمين، ڪاسبين، ڪمدارن، پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۽ ادبي حلقن ۾ هو. هر سٺي ليکڪ جيان هن  مطالعي ۾ اردو ۽ انگريزي  ادب به پڙهيو. اديب دوستن کي پنهنجون ڪهاڻيون پڙهائي داد حاصل ڪري اڳيان وڌنڌو رهيو، کيس قدرتي ڏات جا حاصل هئي، ان ۾ سهڻو ڏانءُ پيدا ڪرڻ لاءِ نسيم کرل محنت ڪئي لکيل ڪهاڻي بار بار پڙهي پوءِ فيئر ڪري مطمئن ٿيندو هو. ٻوليءَ جي استعمال جي لحاظ کان سندس هڪ مختلف اسلوب آهي، جنهن به ماحول، تر ۽ طبقي جي هُن ڪهاڻي لکي ٻولي بلڪل هُوبهو اها استعمال ڪئي. جيئن “پهريون پهر”، “ڊمي”، اٽالو پڊنگ ۽ “ڪرنٽ” “اپر ڪلاس جون ڪهاڻيون آهن ته سندس پيش ڪيل ٻوليءَ ۾ پڻ انهيءَ طبقي جي نمائندگي آهي، ساڳي ريت “پهرين مراد”، “ڳڻ”، “گذريل واردات”، ماحول مطابق عوامي ڳوٺاڻي محاوري ۾ آهن.  وٽس ٻوليءَ جو استعمال ڪهاڻيءَ جي ماحول، موضوع ۽ ڪردار جي مطابق آهي، شهرن جي تهذيب يافته سوسائٽي جي ڪهاڻين ۾ سندس ٻولي اُن ريت آهي ته ڳوٺن جي نج ماحول مطابق هُن سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڀنڊار پيش ڪيو آهي، فقط ڪهاڻي پهرين مراد ۾ ئي انيڪ پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جيئن “پراوا ننگ تڪڻ”، “نڪ تي مرلائڻ”، “ڀانن جا ڀڙوا”، “کلي جو زيپٽ”، “ڇوڏا لاهڻ”، “اگهاڙي ترار هئڻ”، “اوڀاريون لهواريون ڪرڻ”، “گوهيون ڪرڻ”، “تاڪ لڳڻ”، “ککر ۾ کڙو هڻڻ”، “وڙ وجهه هئڻ”، “نڪا هم نڪا تم”، ”مک ترڪڻ“، ”لاک لهڻ“ ۽ ٻيا آهن. “پهرين مراد”، “ڳڻ”، “گذريل واردات”، “چوٽيهون در”، “ڪچو رنگ” ۾ عوامي لهجو ۽ عوامي ٻولي آهي، نسيم جي ڪهاڻين ۾ واقعا ايئن ٿا محسوس ٿين ڄڻ بلڪل حقيقي هجن فقط انهن کي فڪشنائيز ڪيو ويو آهي، سندس سڄي ڪهاڻي واقعي جي چوگرد ڦري ٿي، هن واقعن کي دلچسپ نوعيت سان بيان ڪيو آهي.

هُن ڪردارن جو نفسياتي مطالعو پنهنجي اونهي مشاهدي سان ڏنو آهي، ابراهيم کرل مقالي، “نسيم کرل جي ڪهاڻين جي ڪردارن جو نفسياتي جائزو” جي نتيجي ۾ ڄاڻايو آهي ته، “نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي نفسيات هڪ اهم موضوع آهي، نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ هيٺين طبقي کان ويندي اوچي طبقي جي سوسائٽي جي ڪردارن جي نفسيات بيان ڪئي وئي آهي، عورت جي نفسيات کي نسيم کرل مختلف حوالن سان پيش ڪيو آهي، نفسياتي طور نسيم کرل جي حقيقي زندگيءَ جا اولڙا پڻ ڪهاڻين ۾ ملن ٿا.”

نسيم کرل جي لکڻ جو عرصو مختصر رهيو، زندگي هن کي وڌيڪ مهلت ڏئي ها ته هو انهيءَ کان وڌيڪ موضوعن سان افسانوي ادب سنڌي پڙهندڙن کي ڏئي ها، سندس ڪمهلي موت سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪيو.

***