ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ منشيات کپائيندڙ گروهه گرفتار
ڪراچي پوليس دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ 15 ڄڻن تي ٻڌل هڪ گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ خاتون ڪائونسلر به شامل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هي گروهه ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ خاص طور آئيس نالي منشيات وڪرو ڪندو آهي. 15 ڄڻن جي گرفتاري بعد ان ڪمپني جي به نشاندهي ٿي وئي آهي جيڪا سمنڊ ۽ هوائي رستي منشيات کي ملڪ ۾ آڻي رهي آهي. ايس ايس پي اظفر مهيسر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هي گروهه آئيس، هشيش ۽ هيروئن وڪرو ڪندو آهي، هن گروهه جا ڪجهه ميمبر منشيات جي عادي ڇوڪرين سان زيادتي به ڪري چڪا آهن. ان کان علاوه متحده سان تعلق رکندڙ عورت ڪائونسلر شهناز کي به هن گروهه جي ساٿاريدار هجڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي اظفر ٻڌايو ته هنن ڏوهارين جي قبضي مان اٺ پستول، اٺ ڪلو هشيش، 500 گرام هيروئن، 500 گرام آئيس هٿ آئي آهي. جڏهن ته 5 ٻيا ملزم گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جن ۾ ٽي عورتون به شامل آهن.