نوبل اڪيڊمي هر سال فزڪس، ڪيميسٽري، معاشيات، ميڊيسن، ادب ۽ امن جي ميدان ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ ماڻهن/تنظيمن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ نوبل پرائيز ڏيندي آهي. امن هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان ڪنهن به علائقي يا خطي کي سماجي، معاشي، سياسي ۽ ادبي طور ترقي وٺرائي سگهجي ٿي. امن اهڙي ٻولي آهي جنهن سان جانور کي به انسان بڻائي سگهجي ٿو. جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان دنيا جي لٺ سردار بڻيل ملڪن وٽ وري پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتيءَ لاءِ امن جي ڊيفينيشن الڳ ته ٻاهرين دنيا جي ملڪن لاءِ الڳ آھي. هو پنهنجي ملڪ ۾ انسان ته ڇا، پر ڪنهن به جانور تي تشدد کي به ننديندا آهن ۽ قانون مطابق سزا ڏيندا آهن، پر ٻاهر جتي به جنگ يا جھيڙو ٿئي ٿو ته ان تي پنهنجي فائدي کانسواءِ ڪوبه ردِ عمل نه ڏيندا آهن، جنهن جو مثال اسرائيل آهي. وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي پرتشدد ڪارروائين تي ٻِڙڪ به ٻاهر ناهن ڪڍندا. بهرحال پوري دنيا ۾ امن ٿئي يا نه ٿئي، پر نوبل اڪيڊمي هر سال امن جو نوبل انعام ڏيندي آهي، جيڪو هن دفعي جاپان جي تنظيم نِهون نِدَنڪِيوNihon Nidankyo کي ڏنو ويو آهي.
نوبل اڪيڊميءَ جو بڻياد سائنسدان الفرڊ نوبل وِڌو، جيڪو پاڻ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هٿيارن جو وڏو واپاري هو، جيڪو عام ماڻهن جي نظر ۾ موت جي واپاري سان مشھور ھو. اتفاق سان هڪ ڏينهن هن جو ڀاءُ گذاري ويو ۽ اخبار جي رپورٽر وري غلطيءَ ۾ اها خبر هلائي تهAlfred Nobel, the merchant of death is died, today الفرڊ نوبل، موت جو واپاري اڄ مري ويو. هن جڏهن پنهنجي باري ۾ هيءَ خبر ٻڌي ته دنگ رهجي ويو. هن غلط خبر هن جي ذاتي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ هن جي زندگيءَ کي مَٽائي ڇڏيو. جڏهن هن کي پنهنجي اصليت جي خبر پئي ته هن ماڻهن جي ڀلائيءَ جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. بعد ۾ نوبل اڪيڊمي جوڙڻ جو فيصلو ڪيائين، جنهن جو ڪم اهو هو ته فزڪس، ڪيميسٽري، ميڊيسن، امن ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ايوارڊ ڏنو وڃي ته جيئن هو عام خلق جي زندگيءَ ۾ آسانيون ۽ سهولتون پيدا ڪن. ايئن ئي ٻي جنگ عظيم کان اڳ جاپان هڪ وڏو مليٽري سامراج ٿي اُڀريو، جنهن چينين ۽ اوڙي پاڙي جي ملڪن تي حملا ڪري سَٽي ڪُٽي ماري مڃايو. ايتري تائين جو وڃي آمريڪا جي پرل هاربر تي حملو ڪيائين. جاپان جي پرل هاربر تي حملي کانپوءِ آمريڪا وارن کي ردِ عمل ڏيکارڻو هو، سو آمريڪا وارن وڏي پئماني تي جوابي ڪارروائي ڪري ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ايٽم بم اڇلايا. آمريڪا جي ايٽمي حملن پوري دنيا ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو ۽ هو وڏي ۾ وڏو مليٽري سامراج ٿي ويو. هن دور ۾ سڄو يورپ رت ۽ گوليءَ جي راند ۾ ٻڏل رهيو. جنگ کانپوءِ دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي سڄي دنيا جي جنگين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايٽم بم استعمال ڪيا ويا. نتيجي طور جاپان جا لکين ماڻهو مري ويا ۽ ان مان نڪرندڙ تابڪاري اثرن جي ڪري معذور ٿي ويا. ايٽم بم مان نڪرندڙ زهريلي تابڪاريءَ لکين ماڻھن کي معذور ڪري ڇڏيو. انهن متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي جاپاني ٻوليءَ ۾ هباڪشاHibakusha سڏيو ويندو آهي. هنن ايٽم بم جي متاثر ٿيل ماڻهن 1956 ۾ گڏجي ڪري نِهون نِدَنڪِيوNihon Nidankyo تنظيم ٺاهي. هن تنظيم جو مکيه مقصد ايٽمي هٿيارن جو خاتمو آهي. هيءَ تنظيم پوري دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن، هائيڊروجن بمن ۽ ٻين خطرناڪ هٿيارن جي خلاف پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي آهي. پوري دنيا جي ملڪن کي اپيل ڪندا آهن ته هو هٿيار نه ٺاهين. ڇاڪاڻ ته هٿيار تشدد جي علامت آهن. هن تنظيم جي مسلسل پرامن جدوجهد جي ڪري هن کي 2024 جو امن جو عالمي ايوارڊ ڏنو ويو آهي.
ڇا نِهون نِدَنڪِيو کي عالمي امن جو ايوارڊ ڏيڻ سان واقعي به دنيا ۾ امن قائم ٿئي ٿو، واقعي به جنگين ۽ جهيڙن ۾ خطرناڪ تابڪاري خارج ڪرڻ وارا هٿيار استعمال نٿا ٿين، مختلف ملڪن ۾ شروع ٿيل جنگين ۽ جهيڙن کي ختم ڪيو وڃي ٿو؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو دنيا جي پرامن شهرين ۾ امن جا خواب ڏسندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. هو هنن جوابن جا منتظر آهن. هن وقت فلسطين، يوڪرين ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڻ اعلانيل جنگيون جاري آھن. امن جو عالمي ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ حقيقي معنيٰ ۾ عالمي امن به قائم ٿيڻ گهرجي.