بلاگنئون

پروفيسر لطف الله بدوي: سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو

سنڌ جي ادبي تاريخ جا صفحا اها ساک ٿا ڏين ته علم ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي جن ناميارن قلمڪارن پاڻ ملهايو تن ۾ شڪارپور جي ڌرتي تي جنم وٺندڙ پروفيسر لطف الله بدوي به هڪ آهي، جنهن جون تحريرون سندس ڏاهپ کي نروار ڪن ٿيون. هو نه صرف نثر ۾ پاڻ ملهائي ويو، پر نظم ۾ به شاهڪار نقش ڇڏيا اٿائين. علمي ادبي خدمتن تي سنڌي ادب کي مٿس ناز آهي.

لطف الله بدوي جو جنم شڪارپور ۾ هاٿي در اندر ڪاسائين جي پاڙي ۾ 4 جولاءِ 1903ع تي ٿيو. سندس والد حاجي امام بخش “خادم” بدوي سنڌ جو مشهور استاد ۽ شاعر هو. لطف الله بدوي جي جيون ۾ جهاتي پائڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته پڙهڻ لائق ٿيو ته والد کيس خيرپورميرس جي ڳوٺ منگهنواري جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي هو پاڻ به استاد جي حيثيت سان تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. والد جي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ شڪارپور ۾ سنڌي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. هي اُهي ڏينهن هئا جن ڏينهن ۾ ننڍڙو لطف الله بدوي ماءُ جي وفات جو صدمو برداشت ڪري چُڪو هو.

شڪارپور سنڌ جو اهو تاريخي ۽ علمي شهر رهيو آهي جتي ماضي ۾ نه صرف دنياوي علم جي سکيا جا مرڪز هئا، مذهبي تعليم، واپار، فن حرفت ۽ موسيقي جي تعليم جي سکيا جا بهترين مرڪز عام هئا، سو لطف الله بدوي کي وڪٽوريا جوبلي اسڪول ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو ويو، جتي مرحوم عبدالرحمان ميمڻ سندس استاد هو. اُتان 1913ع ۾ فارغ ٿي ساڳئي سال انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو.

سنڌ جي ڀلوڙ شاعر امام بخش خادم جو وصال 18 جنوري 1918ع تي ٿيو ته گهر جو سمورو بار ننڍڙي لطف الله بدوي تي پيو. تعليمي سلسلي کي منقطع ڪري روهڙي پوسٽ آفيس ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٿورو وقت مس گذريو ته ملازمت ۾ دل نه لڳڻ سبب نوڪري ڇڏي شڪارپور آيو ۽ پنهنجي سئوٽ فقير ميان غلام علي “مسرور” بدوي جي صحبت ۾ راڳ جي محفلن کي يڪتارو کڻي سجايائين.

1920ع کان “جوڳي” تخلص اختيار ڪري شعر چوڻ لڳو. ساڳئي سال 20 آگسٽ تي شادي ڪيائين. ان ئي سال جيڪب آباد مان ورنيڪيولر فائنل پاس ڪري ٺل ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتي سنڌ جو عوامي شاعر عبدالڪريم “گدائي” سندس صحبت ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. ٺل کان علاوه سنڌ جي گهڻن ئي علائقن ۾ استاد مقرر ٿي قلم ۽ ڪتاب جو ساٿي ٿي قوم جي معمارن کي علم جي زيور سان سينگارڻ لڳو. 1925ع ۾ لائلپور (پنجاب) زرعي ڪاليج ۾ ٻن سالن جو ايگريڪلچر ٽيچرس ڪورس مڪمل ڪيائين ته اول گهوٽڪي ۽ پوءِ ميرپورماٿيلو ۾ ايگريڪلچر استاد مقرر ٿيو. ان پاسي سيد اظهر گيلاني سندس صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيا. 1948ع ۾ سکر جي اردو اسڪولن لاءِ انسپيڪٽر مقرر ٿيو ۽ 1949ع ڌاري روهڙي تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر بڻايو ويس.

شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سندس علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ 25 جنوري 1950ع ڌاري اتر سنڌ جي مشهور چيلا سنگهه ۽ سيتل داس ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ڪيو، جتان 4 جولاءِ 1958ع تي رٽائرڊ ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي جو فيلو مقرر ٿيو جتي ٻه ڪتاب لکيائين. پروفيسر لطف الله بدوي جي زندگي مسلسل جدوجهد ڪندي گذري، هن قوم جي ٻارن جي سنوار سان گڏ پنهنجا ٻار به اخلاق ۽ تعليم جي ميدان ۾ اهڙا تيار ڪيا جو هن خاندان جي سڃاڻپ ئي تعليم، ادب ۽ خدمت بڻجي وئي. سندس نينگر: پروفيسر احسان بدوي، سائين نور احمد ۽ پروفيسر غلام احمد بدوي جا نالا ادب ۽ تعليم جي ميدان ۾ اهڙا نکريا جو اڄ تائين ماڻهن جي واتان سندن احوال پيا ٻڌجن. پروفيسر لطف الله بدوي جي علمي ادبي خدمتن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي، هن تاريخ، ادب، تحقيق ۽ ترجمي ۾ جيڪي مثال ڇڏيا آهن سي تعريف لائق آهن. سندس ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد به وسيع آهي. پروفيسر غلام احمد بدوي مطابق ته “پاڻ مرزا قليچ بيگ کانپوءِ اها شخصيت آهن جن جي تصنيفن جو دامن نهايت وسيع آهي”.  سندس ٽيهارو ڇپيل ڪتابن کي سنڌي ادب ۾ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته سئو کان وڌيڪ اڻ ڇپيل ڪتاب پبلشرن جي نگاهه جا منتظر رهي هن وقت الائجي ڪهڙي حال ۾ هوندا؟

بدوي صاحب جي ڇپيل ادبي محنت ۾ جيڪو مقام سندس لازوال تصنيف “تذڪره لطفي” کي حاصل آهي سو گهٽ ناهي. ادب ۽ ادبي شخصيتن جي احوال وارو هي ڪتاب نه صرف تحقيق جي ميدان ۾ مشعل ثابت ٿيو آهي، پر شاگردن جو راهون به روشن ڪري ٿو. هن سنڌي زبان ۾ علامه اقبال کي متعارف ڪرائڻ ۾ به گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، “ارمغان حجاز” ۽ “جاويد نامه” جو سنڌي ترجمو ڪيو. جڏهن ته اقبال جي حياتي تي “حيات اقبال” اڄ به سندس خدمتن کي ظاهر ٿا ڪن. “ديوان صنعت”، “ڪنڊڙي وارن جو ڪلام” ۽ “ڪليات خادم” سندس ترتيب جا بهترين مظهر آهن. “احسن القصص”، “تاريخ اندلس”، “تاريخ هند و پاڪ” ۽ “پاڪستان جي شهريت” ۽ ٻيا اهم ڪتاب سندس قلم جي ڪمال کي ظاهر ٿا ڪن. “رت جا ڳوڙها”، “ڪامني”، “ابيلا”، “عروس عجم”، “موهن جو دڙو” ۽ ٻيا افسانوي ادب ۾ اڻ مٽ آهن. هو ڀلوڙ شاعر به هو “وصال جانان” ۽ “نغمه مستانه” سندس ڪلام جا مختصر پر بهترين مجموعا آهن، ان کان علاوه سندس سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام پڻ ڇپجڻ جون راهون نهاري ٿو.  بدوي صاحب ادب جي هر صنف تي لکي سنڌي ادب جي دفتر کي سينگاريو. سندس تحرير نهايت اهم موضوعن تي مشتمل ۽ اثرائتيون آهن. پير علي محمد راشدي سندس لاءِ لکي ٿو ته “جوڳي سنڌ جي ادب ۽ ڪلچر جو هڪ رنگين جزو هو” سنڌي ادب جي هن لازوال ڪردار شڪارپور ۾ 19 نومبر 1968ع تي وفات ڪئي. هو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري چُڪو آهي سندس ڇپيل يا اڻ ڇپيل ۽ ٽڙيل پکڙيل تحريرون منظر عام تي اچي پون ته نئون نسل هن قابل قلم ڌڻيءَ جي ڄاڻ مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهندا.

مدد؛ ماهوار نئين زندگي 1968ع ۽ 1979ع مختلف پرچا.

***