نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ بي- ڪلاس ملي ويو
ڪالهه رات لنڊن کان نواز شريف ۽ مريم نواز گرفتاري لاءِ پيش ٿيا. ٻنهي اڳواڻن کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو جتي هنن کي بي- ڪلاس جي سهولت ڏني وئي آهي. ياد رهي ته بي- ڪلاس انهن قيدين کي ڏنو ويندو آهي جيڪي سماج اندر بهتر اسٽيٽس رکندا هجن يا انهن سرڪار جي ڪنهن سٺي عهدي تي خدمتون ڏنيون هجن. خبرن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اي ۽ بي- ڪلاس جا قيدي تعليم يافته هوندا آهن ۽ اهي سي- ڪلاس جي غير تعليم يافته قيدين کي تعليم به ڏيندا آهن. اي ۽ بي- ڪلاس جي قيدين کي مليل سهولتن ۾ ٽي وي، ايئرڪنڊيشنر، فرج ۽ اخبار شامل آهن، جنهن جو خرچ اهي پاڻ ئي ادا ڪندا آهن. ٻئي ڄڻا ڪالهه لنڊن کان ڏيهه پهتا، جتي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري بعد ٻنهي کي خاص جهاز ذريعي اسلام آباد پهچايو ويو ۽ اتان کان هڪ خاص بڪتر بند گاڏي وسيلي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. جتي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم هنن جو چيڪ اپ ڪرڻ بعد ٻنهي کي فٽ قرار ڏنو. واضح رهي ته ايون فيلڊ نواز شريف خلاف ڪل چئن ريفرنسن مان هڪ آهي، جنهن ۾ هن جا ٻئي پٽ، ڌيءَ ۽ اسحاق ڊار به شامل آهن.

