وفاق پاران جوڙيل ڪاميٽي بابت مونکي اعتماد ۾ نه ورتو ويو , مراد علي شاه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پاران ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٺهندڙ ڪميٽي بابت مون کي ڪا اطلاع نه ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ٽي. وي تان خبر پئي ته وفاق ڪاميٽي جوڙي رهيو آهي. مون کي اها اطلاع به نه ڏني وئي آهي ته وفاقي ڪاميٽي ڇا ڪندي ۽ ان جو مينڊيٽ ڇا هوندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهي ڳالهيون ڪالهه قائداعظم جي 71 هين ورسي جي موقعي تي ٻڌايون. هن موقعي تي موجود سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪاميٽي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جي نگراني ۾ ڪم ڪندي وفاقي وزير فروغ نسيم جي ذميداري هوندي ته هو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ شهر ۾ ٻين ايجنسين جي نگراني ڪندو. ڪميٽي ان ڳالهه تي به غور ڪندي ته ڪا اهڙي اٿارٽي جوڙي وڃي جنهن جي مدد سان هي مسئلا حل ڪيا وڃن. هن موقعي تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهرن جو گند کڻڻ ۽ روڊن جي صفائي ڪرڻ لوڪل حڪومت جو ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪراچي شهر ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جوڙيو ويو هو ته ان وقت ڪراچي شهر ۾ روزانو 4000 ٽن ڪچرو پيدا ٿيندو هو جيڪو هاڻي روزانو 16000 ٽن تائين پهچي ويو آهي.