ڪورونا دنيا کي بيوس ڪري ڇڏيو

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ هڪ لک 5 هزار 722 ماڻهو فوت ۽ 17 لک 27602 کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن. آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد 19666 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته متاثر مريضن جو انگ 5 لک 6008 کان مٿي ٿي ويو آهي. فرانس ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 1341 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ گڏيل انگ 13 هزار کان وڌي ويو آهي، هڪ لک 24 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن. اسپين ۾ ڪورونا هڪ لک 61 هزار 852 کان وڌيڪ ڪيس رجسٽر ٿيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 655 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جرمني ۾ ڪورونا جا هڪ لک 22 هزار 855 کان وڌيڪ مريض متاثر ۽ 2700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ترڪي جي اهم شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. ترڪي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ هڪ هزار کان وڌي چڪو آهي. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 3 لک 90 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏيئي چڪا آهن
