خاص

فرانسيسي صدر ڄاڻي واڻي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان فرانسيسي صدر کي اسلام مخالف بيان ڏيڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته فرانسيسي صدر اسلام مخالف بيان ڏئي دنيا جي سمورن مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن. وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وڏي اڳواڻ جي سڃاڻپ هوندي آهي ته هو ماڻهن کي متحد ڪري جيئن نيلسن منڊيلا ڪيو. هن چيو ته هي وقت هو ته فرانس جو صدر ايمانويل ميڪرون قوم کي ورهائڻ بجاءِ اتنها پسندي کي روڪي ها، ڇو ته ورهاست ئي بنياد پرستي جو سبب ٿيندي آهي. عمران خان چيو ته اها تمام گهڻي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته فرانسيسي صدر پاران گستاخيءَ وارن خاڪن کي ڇاپيندڙ دهشتگرد چاهي اهي مسلمان هجن گورا نسل پرست نازي نظريو رکندڙ هجن جي بجاءِ اسلام جي پيغام کي نشانو بڻايو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فرانسيسي صدر اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ نشانو بڻائي صرف يورپ نه پر پوري دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا ۽ جهالت تي مشتمل بيان، نفرت، اسلامو فوبيا، انتها پسندي کي وڌائيندا.