اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم
اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم، نه باضابطه ٺهراءُ پيش ٿيو نه ئي گڏيل پڌرائي يا بيان جاري ٿي سگهيو. ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا طرفان ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ويو ته اسرائيل تي حماس جي حملي جي مذمت ڪن، آمريڪي ۽ اسرائيلي مطالبي جي باوجود ڪيترن ئي ميمبر ملڪن حماس جي حملي جي مذمت نه ڪئي، جنهن تي آمريڪا افسوس جو اظهار ڪيو. روس جنگ بندي ۽ ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته سلامتي ڪائونسل فلسطين بابت طئي ٿيل معاهدي تي عمل ڪري، چين جو چوڻ هو ته اها غيرمعمولي ڳالهه آهي ته سلامتي ڪائونسل ڪجهه نه چيو، عام شهرين جي خلاف ڪيل سمورن حملن جي مذمت ڪيون ٿا.

