ملڪ جون سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ونگ بڻجڻ بجاءِ عوامي طاقت تي يقين رکن!
جڏهن اسان لفظ اسٽيبلشمينٽ استعمال ڪريون ٿا ته هر ڪنهن جو خيال صرف هڪ طاقتور اداري طرف وڃي ٿو، مطلب فوج ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن اداري پاڪستان جي تاريخ ۾ مارشل لائن ذريعي مختلف وقتن تي حڪومت ڪئي آهي، يا وري پنهنجي منظورِ نظر سياستدانن کي حڪمراني جي منصب تي ويهاري انهن جي ذريعي حڪومت جون واڳون پاڻ وٽ رکيون آهن. انهيءَ سان گڏ جوڊيشري ۽ سول بيوروڪريسي پڻ اسٽيبلشمينٽ جو حصو هونديون آهن. بدقسمتي سان ملڪي تاريخ ۾ انهن ٽنهي ادارن جو رويو جمهوريت پسند نه رهيو آهي. سياست کي ۽ سياستدانن کي طاقت سان روڪيندا رهيا آهن. ملڪ ۾ پهريون عام چونڊون به 23 سالن کان پوءِ ٿيون جيڪي به هڪ آمر جي دورِ حڪومت ۾ ٿيون هيون. انهن چونڊن کي پڻ نه مڃيو ويو. ان جو نقصان اهو ٿيو جو ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو. مغربي پاڪستان وارو حصو جيڪو هينئر اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي راند اڃا وڌي وئي. ميدان به انهن جو ته کلاڙي به انهن جا، عوام کي صرف تماشائي بڻائي اسٽيڊيم ۾ تاڙين وڄائڻ لاءِ ويهاريو ويو، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ سياسي نظام مضبوط نه ٿي سگهيو ۽ عوام سياسي طور تي بالغ نه ٿي سگهيو ۽ سياسي نظام ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو ويو. هاڻي جڏهن گذريل سورنهن سالن جي عرصي کي ڏسون ٿا ته نظر اچي ٿو ته انڌي منڊي جمهوريت جي تسلسل جي ڪري عام ماڻهوءَ ۾ سياسي شعور پيدا ٿيو آهي، پر سياسي پارٽين جا اڳواڻ يا ته سڌو سنئون اسٽيبلشمينٽ جا مقرر ٿيل آهن، يا وري ليڊر اسٽيبلشمينٽ طرف نهاري انهن کان پنهنجي فائدي جي لاءِ سهولتون حاصل ڪرڻ جي تمنا رکن ٿا. هاڻي ڪيئن ممڪن آهي ته اهي ادارا جيڪي حڪومتون ٺاهڻ ۾ مدد ڪن، اهي انهي سياسي پارٽي کي آزاد پاليسي جوڙڻ جي اجازت ڏين، جن سان ملڪ ۾ عام ڀلائي ٿئي ۽ جمهوريت مضبوط ٿئي. اهي ادارا انهي سياسي پارٽي کي يا انهي سياسي ليڊر کي ڪمزور پوزيشن ۾ رکي ملڪ ۾ موجود اسٽيٽسڪو کي برقرار رکي، طاقت پنهنجي هٿن ۾ رکي نه صرف پنهنجا فائدا حاصل ڪن ٿا، پر جمهوري عمل کي به ڪمزور ۽ سُست بڻائي ڇڏين ٿا، جنهن جو سڌو سنئون ڏوهه سياسي پارٽين ڏانهن وڃي ٿو. عوام جنهن کي طاقت جو سرچشمو چيو وڃي ٿو، انهي جي حيثيت نه 3 ۾ نه 13 ۾. پوءِ به گذريل 16 سالن جي ڪري ڪنهن حد تائين جمهوري شعور وڌيو آهي، انهيءَ کي پڻ ڪوڙي ۽ بدتميز پروپيگنڊا جي ذريعي انهيءَ رستي تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته بجاءِ انهي شعور اچڻ جي ڪري ملڪ جي عوام کي فائدو پوي، ملڪ جو عوام حصن ۾ ورهائجي ويو آهي ۽ ان جي طاقت ورهايل نظر اچي ٿي. عوام کي نفرت جي بٺي ۾ رکيو ويو آهي، ۽ جڏهن انهي بٺي مان نڪري ٿو ته پاڻ جهڙي غريب طبقي جي لاءِ هن وٽ سواءِ ڌڪار جي، ڪاوڙ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. انهيءَ ڪري اسان جو ملڪ ترقي ڪري نه سگهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي اها روش رهي ته ويجهي مستقبل ۾ به ملڪ اندر ترقي ٿيندي نظر نه ٿي اچي، جڏهن اسين ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي سمجهون ٿا ته اتي سياسي پارٽيون ۽ سياسي اڳواڻ اسان کي انهيءَ ڏوهه جا برابر جا شريڪ نظر اچن ٿا، اهي صرف ماڻهن کي حڪمراني جي منصب تي پهچائڻ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ پوليٽيڪل ونگ وارو ڪردار ادا ڪن ٿا، پوءِ جيئن ڪنهن به ونگ ۾ مقرريون ۽ بدليون ٿينديون آهن، ائين ئي سياسي پارٽين ۽ سياسي حڪومتن جون به مقرريون ۽ بدليون ٿين ٿيون، جنهن جو نقصان نه صرف ملڪ کي پوي ٿو، پر جمهوريت کي ۽ سياسي پارٽين کي پڻ ڀوڳڻو پوي ٿو. سياسي پارٽين جي مضبوط نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت پنهنجون پاڙون مضبوط نه ٿي ڪري سگهي ۽ پوءِ سياسي ليڊر اسٽيبلشمينٽ جي دهل تي ناچ ڪن ٿا. هاڻي ائين نه ٿيڻ کپي. اسٽيبلشمينٽ صرف پنهنجو ڪردار ادا ڪري، تڏهن به اسين سندس ماضي ۾ ڪيل ڪردار کي نظرانداز ڪري سگهون ٿا ۽ سياسي پارٽين ۽ سياسي ليڊرن کي طاقت عوام کان وٺڻ گهرجي، عوام جيڪو فيصلو ڪري انهي مطابق حڪومت ٺهي تڏهن ئي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪري سگهندي. هاڻي اهو اسٽيبلشمينٽ جو فرض آهي ۽ وقت جي تقاضا به آهي ته 8 فيبروري 2024 کانپوءِ ايندڙ سياسي حڪومت کي پورا اختيار ڏنا وڃن، آئين مطابق مليل وقت جي وچ ۾ رنڊڪون نه پيدا ڪيون وڃن، چونڊجي آيل حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، نه صرف اسيمبلين کي، پر وزيراعظم کي به پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، هٿرادو طريقي سان حڪومتن کي ڪيرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، ان سان گڏ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي پڻ اهو وچن ڪرڻو پوندو ته انهن جا سياسي جهيڙا جمهوري انداز ۾ حل ٿيڻ کپن، جمهوريت جو حسن سياسي مخالفت ۾ هوندو آهي، اها برقرار رهي، سندن ترجيح ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي مضبوطي هجڻ گهرجي، جيڪا ذاتي مخالفت ۾ تبديل نه ٿئي ۽ حقِ حڪمراني جمهوري طور چونڊيل پارليامينٽ جي اڪثريتي پارٽي کي هجڻ گهرجي. هاڻي سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ونگ بڻجڻ کان صاف انڪار ڪن، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي حڪومتي ايوانن ۾ ويهڻ بجاءِ اپوزيشن جي بينچن تي ويهڻ نصيب ٿئي ٿو ته ان کي اتي ويهڻ گهرجي ۽ ملڪ جي مستقبل لاءِ آزاد سياست ڪرڻ گهرجي، اهڙي سياست ئي ملڪ ۾ تبديلي آڻيندي.

