بلاگنئون

13 رجب المرجب ولادت باسعادت حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهہُ

امير المؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهہُه بني هاشم جو چمڪندڙ تارو، سندن خاندان حرم ڪعبه جي خدمتن جي حوالي سان مڪي جو هڪ اهم خاندان هو. زمزم جي انتظامن جي نگراني ۽ حاجين سان تعاون، مدد ۽ ان کان سواءِ بني هاشم کي الله تعالى جي حضور مان وڏي ۾ وڏو اهو شرف نصيب ٿيو جو آخري نبي سرور عالم صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم هن خاندان مان هو۔. حضرت علي جو والد ابو طالب ۽ ماءُ فاطمه ٻئي هاشمي هئا۔ اهڙي طرح حضرت علي ڪرم الله وجهہُه ٻنھيءَ طرف کان هاشمي هو۔، سندس خاندان جو سلسلو هن طرح آهي. حضرت علي پٽ عبدالمناف “مشهور حضرت ابو طالب” پٽ حضرت عبدالمطلب پٽ حضرت هاشم پٽ حضرت عبدالمناف هاشمي قريشي، سندن والده بيبي فاطمه بنت حضرت اسد آهي۔. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآلہٖه وسلم ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہُه جا والد صاحبان ٻئي سڳا ڀاءُ هئا، انهي ڪري حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہُه ٻئي سڳا سوٽ ٿيا ۽ سندن ڏاڏو ھڪ ئي هو (عبدالمطلب). حضرت علي ڪرم الله وجهہُه داماد “ناٺي” رسول الله صلي الله عليہه وسلم ۽ حسنين ڪريمين رضوان الله تعاليٰ عنھم اجمعين جا پڻ والد صاحب ۽ جنت خاتون جا خاوند آھن. ابوالحسن ۽ ابو تراب ڪنيت ۽ مرتضيٰ، اسد ۽ حيدر لقب هئا، جن مان پاڻ “ابو تراب” وڌيڪ پسند فرمائيندا هئا، ڇا ڪاڻ ته هي لقب سرور ڪائنات صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم جن عطا ڪيو هو۔، سندن آل محمد صلي الله عليہه وآلہٖه ۽ سادات سڳورن جو سلسلو به حضرت عليؓ جي پشت مان هلي پيو۔، بهادري، شجاعت ۽ دليري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ھئا، جنهن ڪري سندن نالو عرب ۽ عجم، بر ۽ بحر ۾ هڪجهڙو مقبول ۽ مشھور آهي۔، سندن هيبت، دٻدٻو ۽ جلال اڄ به اسلام دشمن قوتن لاءِ للڪار ۽ سگهارو آواز بڻيل آهي۔. حضرت ابو طالب ؓ ڏاڍو سخي انسان هو، وٽن هر وقت مھمانن جو اچڻ ۽ تمام وڏي خاندان جي ڪفالت جو ذمو هو. حضرت علي ڪرم الله وجهہُه جي پرورش جو ذمو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلہهٖ وسلم، حضرت جعفر جو ذمو حضرت عباس کنيو ۽ حضرت ابو طالب ؓ حضرت عقيل رضوان الله تعاليٰ عنھم کي پاڻ وٽ رکيو. حضرت علي ڪرم الله وجهہُه اصل نالو حيدر هو، ان ڪري جو سندس والده ماجده فرمائي ٿي ته، منھنجي والد جو نالو اسد هو ۽ ان کي حيدر به سڏيندا هئا،۔ ٻنھيءَ جي منعيٰ “شير” آهي۔ انهيءَ زماني ۾ قبيلن جي جنگن ۾ اهڙن نالن کي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو، تنھنڪري سندن والده حيدر نالي کي رکڻ پسند فرمايو۔. جڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهہُه پاڻ سڳورن صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم جي ڪفالت ۾ آيا ته، پاڻ “علي” نالو رکيائون۔ علي جو لفظ “عُلُوَ” مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي، مٿاھين وارو، بلندي وارو۔ حضرت علي ڪرم الله وجهہُه جي تعليم ۽ تربيت حضور اڪرم صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم جي گھر ۾ سندن زيرِ نظر ٿي، جنھن ڪري پاڻ شروعات کان ئي خير جي ڪمن ۾ مصروف ٿيا ۽ بت پرستي کان محفوظ رهيا. جڏهن حصور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم کي بظاھر نبوت جي نعمت سان نوازيو ويو ته، اسلام جي دعوت ۽ دين جي ڪمن جي شروعات ڪيائون ته پاڻ سڀ کان پھريان پنھنجي ويجهن مائٽن ۽ دوستن کي اسلام جي دعوت ڏنائون ته، مردن ۾ سڀ کان پھريان حضرت ابو بڪر صديقؓ، عورتن ۾ سڀ کان پھريان امان خديجہؓه ۽ ٻارن ۾ سڀ کان پھريان حصرت علي ڪرم الله وجهہُه دين اسلام ۾ داخل ٿي، حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم جي تائيد ڪئي۔ جڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهہُه اسلام ۾ داخل ٿا ته، ان وقت سندس عمر ڪجھه ڪتاب 8 سال، ڪجھه ڪتاب 10 سال ته وري ڪجھه ڪتاب 15 سال لکن ٿا (والله عالم). پاڻ صرف ونحو جا باني، تاريخ اسلام ۾ قاضي القضاۃ جو چمڪندڙ ستارو، جيڪو خلافت ثالثہه جي چويهھ سالن جي دور ۾ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس رهيا، جنھن کان بھتر ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهي، ان کي حضرت عليؓ چوندا آهن، جنھن لاءِ حضور صلي الله علیہيه وآلہهٖ وسلم فرمايو “اقضاهم علي” جيڪڏهن فيصلو ڪرائڻ گهرو يا فيصلي جي گهرائي معلوم ڪرڻ گھرو ته پوءِ عليؓ کي ڳولي لھو۔. بهادري اهڙي جو پاڻ سڳورن صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم فرمايو ته “من اسد الله” مطلب ته علي ڪرم الله وجهہُه خدا جي شيرن مان هڪ شير آهن۔، پاڻ ٽنھي خليفن رضوان الله تعاليٰ عنھم اجمعین جي دور ۾ مجلس شوريٰ جا رڪن اعليٰ مرڪزي سيڪريٽريٽ جا نگران اعليٰ، هر وقت مشورا ڏيندڙ، مدد گار ۽ دور خلافت ۾ سندن ڪليدي حيثيت رهي،۔ پاڻ بني ھاشم خاندان مان پھريان خليفا، خلفه راشدين ۾ چوٿين نمبر تي آهن،۔ پاڻ ؓ اسلام جي تاريخ جا بھترين خطيب هئا،۔ پاڻ ؓ مڪي جي انھن چند نوجوانن مان هئا، جيڪي پڙهي لکي سگهندا هئا ۽ بعيت رضوان جا ڪاتب به حضرت علي ڪرم الله وجهہُه هئا،۔ پاڻ ؓ فرمائيندا هئا ته مونکي قرآن مجيد جو الله سائين ايترو ته علم ڏنو آهي جو مونکي خبر آهي ته ڪھڙي آيت ڪٿي، ڪيئن نازل ٿي۔، پاڻ 786 حديثون حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم کان روايت ڪيون آهن، اهي سڀ جون سڀ صحيح هجڻ جو اعزاز به حضرت علي ڪرم الله وجهہُه وٽ آهي، جنھن مان حديث رسول صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم سان شغف هجڻ جو پتو پوي ٿو. حضرت علي ڪرم الله وجهہُه اعليٰ پائي جا مجاهد، پاڻ اسلام جي دعوت ۽ حفاظت جي لاءِ هر جنگ جي ميدان ۾ سوڀ ماڻي ايندا هئا ۽ خيبر جي جنگ جي حوالي سان حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم بشارت ڏني هئي ته هيءَ جنگ عليؓ شير خدا ڪرم الله وجهہُه ئي فتح ڪندو. پاڻ انهي ڏينهن قلعه خيبر جو دروازو پنهنجي مٿان رکي ۽ انھي تي مسلمانن چڙهي ڪري قلعي کي فتح ڪيو۔، انهي کانپوءِ ان دروازي کي چاليهه ماڻهن به کڻڻ چاهيو ته نه کڻي سگهيا هئا۔. جنگ خندق جي موقعي تي عرب جا نالي وارا جانٺا بهادر ضراد، جبيره، نوفل ۽ عمرو بن عبدار هڪ سوڙهي هنڌان کاهي ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔. عمرو بن عبدار کي حضرت علي ڪرم الله وجهہُه هڪ ئي وار ۾ جهنم رسيد ڪري ڇڏيو ھو. هن کي هڪ هزار سوارن جي طاقت جي برابر سمجهيو ويندو هو. نوفل کاهيءَ ۾ ڪري پيو، جنهن کي پڻ حضرت علي ڪرم الله وجهہُه جهنم واصل ڪيو۔ ضراد ۽ جبيره جنگ ڇڏي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا،۔ غزوه تبوڪ جي موقعي تي حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهہُه کي مديني طيبه ۾ اهلبيت جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪيو۔ ويو، جنهن تي حضرت علي ڪرم الله وجهہُه عرض ڪيو ته، اي! الله جا رسول الله صلي الله عليه وسلم توهان مونکي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ خليفو بڻائي وڃو ٿا؟، حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم فرمايو ته “علي ان لاترضيٰ ان تکون مني بمنزله هارون من موسيٰ” ڇا توهان راضي ناهيو ته توهان کي منهنجي منھنجي دل ۾ اهو مرتبو حاصل ٿئي، جيڪو حضرت موسيٰ عليہه السلام جي دل ۾ حضرت ھارون عليہه السلام جي لاءِ هو۔، جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم مڪي کان مديني هجرت ڪئي ته، پاڻ صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم سان گڏ ڪثير تعداد ۾ صحابہه اڪرام رضوان الله تعاليٰ عنھم اجمعین به هجرت ڪئي هئي، مديني ۾ حضور صلي الله علیہيه وآلہٖه وسلم مھاجرن ۽ انصارن جي ڀائپي قائم ڪئي ته، اُن موقعي تي آخر ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهہُه بچيا، سندن پاڻ لاءِ ڪو به انصار ڪون هو، جيڪو ڀاءُ ٿئي، اُنھي وقت حضرت علي ڪرم الله وجهہُه فرمايو ته اي! الله جا رسول صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم منهنجو ته ڪوبه ڀاءُ ڪون ٿيو، آئون ته رهجي ويس۔ ٻنھيءَ جھانن جا سردار مسڪرايا ۽ فرمايائون ته “انت اخي في الدنيا والااخرۃ” علي توهان هِن دنيا ۽ هُن دنيا ۾ منھنجا ڀاءُ آهيو، ۔جنگ احد جي موقعي تي ڪافرن حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم تي ٽي ڀيرا حملو ڪيو، هر ڀيري حضرت علي ڪرم الله وجهہُه کين نيست ۽ نابوت ڪري ڇڏيو، جنھن تي حضور صلي الله عليہه وآلہٖه وسلم ڏاڍا خوش ٿيا ۽ الله جي حضور دعا گهري، فرمايائون ته “علي انت مني وانامنڪ” علي تون مون مان آھين ۽ آئون تو مان آهيان، علي تون منھجو آهين ۽ مان تنھنجو آهيان، علي آئون جنھن جو آهيان تون به ان جو آهين، جنھن جو تون ناهين، ان جو آئون به ناهيان۔ حضرت علي ڪرم الله وجهہُه هڪ جليل القدر صحابي رسول جيڪو هڪ ئي وقت قاري، قاضي، عالم، عابد، فاضل، حاجي، صوم صلات جو علمبردار، جنھن جي زندگيءَ جو هر پھلو مشعل راھه آھي، جنھن جا فضائل ته ايترا آهن، جو لکڻ لاءِ ھڪ مڪمل زندگيءَ هجي ته به شال پورا ٿين، جنھن اسلام جي لاءِ ھر قدم تي جهڙي طرح لازوال ۽ بيمثال قربانيون ڏيئي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي، انهي جو مثال ملڻ مشڪل آھي۔. پاڻ سندن ولادت باسعادت 13 رجب المرجب تي ڪعبة الله ۾ ٿي۔. ھي هڪ بابرڪت ۽ ڀلارو ڏهاڙو آهي، هيءَ مبارڪ هستي اسلام جو جياپو آهي۔، اچو ته سندس زندگيءَ جي هر پهلو مان لاڀ حاصل ڪري اھلبيتؓ سان سچي محبت ڪري پنھنجي دنيا ۽ آخرت سنواريون.