بلاگنئون

ڪرپٽ مافيا جو موت

گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ صوبي ۾ ايم ڊيڪيٽ جي ٽيسٽ مسلسل ليڪ ٿي، يعني وڪامجي رھئي. جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي اھڙا شاگرد جيڪي اميرن جا ٻار ھئا، جيڪيKey  ملهه وٺي ميرٽ جو قتل ڪري مستحق شاگردن جو حق ماري رھيا ھئا ۽ ڪرپٽ مافيا يعني ڪجهه اھڙا ماڻهو ھئا وچ ۾ جيڪي پئسن تي ڏهن پندرھن لکن ۾Key  وڪڻي پيپر وقت کان اڳ ليڪ ڪري ڇڏيندا ھئا. ھن سسٽم ھوشيار شاگردن کي صفا مايوس ڪري ڇڏيو، پر ووٽ آھي “آئي بي اِي” اداري کي جنهن ھن ڪرپٽ مافيا کي ٻنجو ڏئي ميرٽ قائم ڪري سنڌ جي غريب، ھوشيار ۽ مستحق شاگردن سان انصاف ڪيو آھي.

سنڌ صوبي ۾ سال 2024 ۾ ٽيسٽ پھريان ٽيسٽ سنڌ جي نالي واري ميڊيڪل يونيورسٽيDOW  ورتي، پر افسوس جو ميرٽ نه ٿي. ھوشيار مستحق شاگردن  سان ناانصافي ٿي ۽ گھڻن شاگردن 200 مان 199/195 تائين مارڪون کنيون جيڪي يقينن ناقابل يقين  ھيون. جي ھا ڪجهه اھڙي ڪرپٽ مافيا ھئي جيڪا ڪجهه سالن کان لالچ ۽ حوس ۾ اچي شاگردن جي روشن مستقبل سان کيڏي ايم ڊيڪيٽ جي ٽيسٽ رات جي پيٽ ۾ آئوٽ ڪري  وڪڻي ڇڏيندي ھئي، جنهن جي ڪري ڪيترائي شاگرد ڊپريشن جو شڪار ٿي مايوس ٿي ويا، پر ووٽ آھيIBA  سکر جي معتبر اداري کي جنهن 9 ڊسمبر 2024ع تي ٻيھر ايم ڊيڪيٽ جي ٽيسٽ نھايت شفافيت سان ڪنڊيڪٽ ڪري شاگردن ۾ ميرٽ جي اميد جاڳائي آھي ۽ اسان کي ھن اداري تي پورو پورو يقين آھي ته انشاءَ الله ايم ڊيڪيٽ ۾ ميرٽ تي شاگردن جون داخلائون ٿينديون  ۽ ھوشيار مستحق شاگردن کي پنهنجا حق ملندا.

سنڌ ۾ هميشه کانIBA  سکر ئي اھو ادارو رھيو آھي جيڪو ڪڏهن به وڪاڻو ناھي. اسان کي فخر آھي ھن ايماندار اداري تي واقعي شينھن پٽ آھيو توھين ۽ ھي شفافيت ڪرپٽ مافيا لاءِ موت آھي موت.