نياڻين جي تعليم جي اهميت ۽ ضرورت انهيءَ ڪري آهي جو عورت ئي آهي، جيڪا خاندان جي تعمير ڪري ٿي. هڪ پڙهيل ماءُ ئي پنهنجي اولاد ۾ اڃا وڌيڪ اعليٰ تعليم جو رجحان پيدا ڪندي آهي. سماج ۽ نسلن جي تعمير نياڻين جي تعليم کانسواءِ ناممڪن آهي. عورت جيئن ته ڪنهن به سماج جي آبادي جي اڌ حصي تي مشتمل آهي، پر ان جو ڪردار هڪ فرد جو به آهي ۽ مجموعي به آهي. عورت جو اثر هميشه اهم هجي ٿو، پر پڙهيل لکيل عورت اسانجي سماج کي بهتر، پرامن ۽ جيئڻ لائق بڻائي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پير صاحب پاڳاري نياڻين جي تعليم متعلق پنهنجن مريدن کي تلقين ڪئي آهي ته اهي پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارين. پير صاحب پنهنجي ان خطاب ۾ ٻيون به اهم ڳالهيون ڪيون آهن، پر هن پنهنجي مريدن کي خطاب ۾ نياڻي کي تعليم جي ڳالهه خصوصي طرح ڪئي آهي، هن جي خطاب جي اهم ڳالهه اها آهي ته: ڪجهه ماڻهن مون کي چيو ته پنهنجي نياڻين کي جماعت ۾ ڇو ٿا وٺي اچو. ته مون جواب ڏنو ته “جڏهن جماعت جون نياڻيون اچن ٿيون منهنجون نياڻيون به جماعت جون نياڻيون آهن، پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو، نياڻين وٽ تعليم نه هوندي ته اهي گهر ڪيئن هلائينديون ؟”.
نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾ انهيءَ خطاب ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. اهي سنڌ ۽ ملڪ جي تعليمي ماحول تي هاڪارو اثر وجهنديون. اسان وٽ نياڻين جي تعليم هڪ وڏو سوال پئي رهي آهي. اڄ به ملڪ ۾ تقريبن 32 سيڪڙو پرائمري اسڪول جي عمر جون ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن. تعليم يافته ڇوڪريون معاشرتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. جيئن پير صاحب چيو ته جڏهن ڇوڪريون تعليم حاصل ڪنديون آهن ته اهي نه صرف پنهنجي خاندان بلڪه سموري معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪن ٿيون. ڪنهن به پڙهيل لکيل ۽ سٺي معاشري لاءِ علم کانسواءِ ٻيو ڪو حل ڪونهي ۽ نياڻين جي تعليم انهيءَ ۾ وڌيڪ معنيٰ ۽ مقصد رکي ٿي. پڙهيل لکيل سنڌ ۽ پاڪستان اسانجي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو تعليم ئي آهي، جيڪا اسان کي نه صرف بهتر ماڻهو بڻائيندي، پر انتهاپسندي کان پڻ بچائيندي. جيڪڏهن هڪ نياڻي تعليم يافته آهي ته اها پنهنجي اولاد کي روشن خيالي جو گس ڏيکاريندي ۽ معاشري جو ترقي ڏانهن سفر اهڙي طرح ممڪن ٿي سگهندو. سنڌ صوبي ۾ تعليم جو بهترين انتظام موجود آهي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. ڳوٺ جي حد تائين پرائمري اسڪول موجود آهن ۽ تربيت يافته استاد ۽ تعليمي عملو موجود آهي. اها ڳالهه ڏک سان ڪرڻي ٿي پئي ته انهيءَ جي باوجود اسان وٽ تعليم جي سلسلي ۾ انگ اکر سٺا ڪونه آهن. سنڌ ۾ 44 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. انهن ۾ نياڻين جو تناسب به 50 سيڪڙو يقينن هوندو. انگ اکر ڏسجن ٿا ته لڳي ٿو اسانجو سماج اڃا جاڳيو ڪونهي. سنڌ جو تعليم جو شعبو موجود ته آهي، پر انهيءَ جي ڪم ڪار ۾ لڳي ٿو ته ڪٿي ڪا ڪمي آهي. اسين اسڪولن جي مالڪي ڪونه ٿا ڪريون ۽ خاص طرح نياڻين جي اسڪولن جي مالڪي نه آهي. انهيءَ ۾ تعليم جي شعبي سان گڏ اسانجو به ڏوهه آهي. اسين پنهنجي سماج ۾ عورتن جي تعليم جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون ۽ ٻئي طرف انهيءَ تعليم سان جيڪا روشن خيالي ۽ رواداري اسانجي سماج کي نصيب ٿئي ها، ممڪن نه ٿي سگهي آهي. ان جي جاءِ تي انتهاپسندي ۽ غير روادار قوتون معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيون آهن. پاڙيسري ملڪ افغانستان جو مثال آهي ته اتي نياڻين جي تعليم تي پابندي آهي. اها صورتحال اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته انتهاپسند انهيءَ حد تائين وڃي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ پير صاحب پاڳاري جو نياڻين جي تعليم جي متعلق بيان جي آجيان ڪجي ٿي ۽ اسين به پير صاحب جي تعليم لاءِ موقف تي متفق آهيون. پير صاحب جي اها ڳالهه وقتائتي آهي ۽ اسانجي پنهنجي سماج کي انهيءَ جي ضرورت آهي. تعليم جو ڦهلاءُ ئي اسانجو دفاع آهي.
100 سيڪڙو تعليم اسانجي ٻارن جو حق آهي ۽ نياڻين جي تعليم متعلق به ڪنهن به صنفي امتياز جي ضرورت نه آهي. تعليم عورت جو حق آهي ۽ اهو ان کان ڦريو ويو آهي. اسانجو سڄو معاشرو انهيءَ ڏوهه جو ڏوهاري آهي. اڃا به وقت نه ويو آهي، جيڪڏهن اسين تعليم ڏانهن واپس موٽون ته اسانجو سماج ۽ معاشرو ترقي جي راهه تي هلي سگهي ٿو. پير صاحب پاڳاري جو نياڻين جي تعليم متعلق اهو بيان وقتائتو آهي ۽ اسانجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ پيغام آهي ته اهي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارين ۽ خاص طرح نياڻين جي تعليم سڀ کان اهم آهي. نياڻين جي تعليم اسانجي خاندان، سماج ۽ معاشري کي بهتر ڪرڻ جو سبب بڻبي.