ايڊيٽوريلنئون

سپر ٽيڪس جو معاملو ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾

            سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس جي متعلق سماعت دوران اهو سوال اٿيو ته سپر ٽيڪس مان گڏ ٿيل پئسا ڪٿي خرچ ٿيندا. ملڪ جي اعليٰ عدالت جي معزز جج جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ۾ چيو ته صوبن جو معاملو انتهائي اهم آهي. جڏهن پئسا پوري ملڪ مان گڏ ٿي رهيا آهن ته انهيءَ تي سڀني صوبن جو حق آهي. هن ايف بي آر جي وڪيل کان اهو پڇيو ته بنا قانون سازي جي اوهان سپر ٽيڪس لڳائي سگهو ٿا؟ ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ ڪيتريون ئي پٽيشنون داخل ٿيون آهن، جن ۾ سپر ٽيڪس جي قانوني حيثيت کي چئلينج ڪيو ويو آهي. اهي عرضداشتون ڪيترن ئي ٽيڪس ادا ڪندڙن داخل ڪيون آهن. انهن درخواستن ۾ سپر ٽيڪس جي آئيني ۽ قانوني حيثيت متعلق سوال اٿاريا ويا آهن.

            سپر ٽيڪس جيئن ته هڪ واڌو ٽيڪس آهي. گهڻو ڪمائڻ وارين ڪمپنين لاءِ هڪ طرح سان ڪارپوريٽ ٽيڪس آهي. هڪ طرف انهيءَ مان حڪومت کي اضافي آمدني ٿئي ٿي. ٻئي طرف سرڪار جو انهيءَ مان مقصد دولت جي ٻيهر تقسيم آهي. سپر ٽيڪس جو مستقبل ملڪ جي اعليٰ عدالت ايندڙ ڏينهن ۾ طئي ڪندي. آئيني ۽ قانوني بحث کي هڪ طرف رکندي اهو سوال اهميت رکي ٿو ته جڏهن عدالت ۾ اها ڳالهه ٿي ته صوبن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، انهيءَ ڳالهه جي گهڻي اهميت آهي.

            هتي اسين اها ڳالهه ڪريون ٿا ته جيڪا به آمدني ٽيڪس جي صورت ۾ ٿئي ٿي. اهو انڪم ٽيڪس هجي يا سپر ٽيڪس انهن جو فائدو سڀني صوبن ۽ وفاق کي ملڻ گهرجي. اهم عالمي مالياتي اداري ورلڊ بينڪ پاڪستان جي ٽيڪس نظام کي انتهائي غير منصفاڻو قرار ڏنو آهي، جتي عالمي بينڪ اسانجي رهنمائي ڪئي آهي. اپريل 2025 ۾ ورلڊ بينڪ جي ليڊ ڪنٽري اڪنامسٽ ٽوبياس هاڪ اسلام آباد ۾ “پاڪستان جو مالياتي رستو: شفافيت ۽ اعتماد کي فروغ ڏيڻ” جي موضوع تي ٿيل مباحثي ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وٽ گهڻا ئي اهڙا موقعا آهن، جنهن ۾ هو پنهنجي ٽيڪس جي آمدني کي وڌائي سگهي ٿو. جائيداد کي موثر طريقي سان ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ انهيءَ جي صحيح داخلا ڪري ۽ ٽيڪس لڳايو وڃي ته ٽيڪس نيٽ وسيع ٿي سگهي ٿو.

            عالمي بينڪ جي مطابق پگهاردار طبقي تي وڌندڙ بار انهيءَ صورت ۾ گهٽ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ٽيڪس نيٽ کي معاشري جي ٻين ڪمائيندڙ شعبن ڏانهن وسعت ڏني وڃي ۽ انهن جي سڄي آمدني کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي ته وفاقي ۽ صوبن جي آمدني ۾ بهتري ٿي سگهي ٿي، پر اسان وٽ ته ائين ٿي رهيو آهي جو سرڪار پينشرن تي به ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي ويچار ڪري رهي آهي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته ٽيڪس نظام ۾ اصلاح جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو موجوده نظام مان گهٽ مدت وارا فائدا ته حاصل ٿي سگهن ٿا، پر ڊگهي مدت تائين آمدني جي موقعن کي ضايع نه ڪجي. موجوده وزير خزانه ۽ خزاني واري وزارت ۽ خاص طور فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) مان اسان کي گهڻيون اميدون آهن ته اهي مستقبل لاءِ اهڙو ٽيڪس نظام تشڪيل ڏين، جيڪو ڊگهي مدت وارو به هجي ۽ انهيءَ مان آمدني ٿي سگهي. صوبائي سطح تي زرعي آمدني تي ٽيڪس کي عالمي بينڪ سٺي نظر سان ڏٺو آهي. جائيداد کان وٺي زراعت تي ٽيڪس اهڙا قدم آهن، جن سان ٽيڪس جي وصولي وڌي سگهي ٿي ۽ انهيءَ سان پگهاردار طبقي تي بار گهٽجڻ جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه ورلڊ بينڪ جي معاشي عالمي ماهر ڪئي آهي.

            عالمي بينڪ جي معاشي ماهر انهيءَ ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته 24 ڪروڙ ماڻهن جي آبادي ۾ رڳو 50 لک ماڻهو ٽيڪس ريٽرن فائل ڪن ٿا ۽ گهڻو ڪري ٽيڪس جنرل سيلز ٽيڪس (GST) جي صورت ۾ وصول ڪيو پيو وڃي. اسانجي ٽيڪس نظام جي اها تصوير آهي جيڪا دنيا جي اهم اداري ورلڊ بينڪ جي معاشي ماهر ڪئي آهي. اسين سرڪار کي اهو چئون ٿا ته اڃان به وقت آهي ته اسانکي ٽيڪس جي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ طويل رٿابندي ڪرڻ گهرجي. هتي اها ڳالهه واضح ڪجي ٿي ته ملڪ جو وفاق صوبن تي ٻڌل فيڊريشن آهي ۽ ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ صوبن جي حقن لاءِ جيڪي ريمارڪس آيا آهن انهن تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسين پنهنجي ملڪ پاڪستان جي سماج کي وڌيڪ انصاف ڀريو بڻائي سگهون.