گوادر جو ٻيٽ سمنڊ اندر ٻڏي ويو
2013 ۾ گوادر جي سمنڊ اندر زلزلي سبب ٺهندڙ ٻيٽ سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي. ان ٻيٽ کي زلزلا ڪوهه جو نالو ڏنو ويو هو، جيڪو بيضوي گول جي شڪل جو ٻيٽ هو. هن ٻيٽ جي اوچائي 20 ميٽر ويڪر 40 ميٽر ۽ ڊيگهه 90 ميٽر هئي. ريڪٽر اسڪيل تي 7.7 واري زلزلي سبب ٺهندڙ هي ٻيٽ اصل ۾ مٽي جو ٻيٽ هو، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشينو گرافي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آصف انعام چيو ته مان هن ٻيٽ کي 2013 کان جاچ هيٺ رکيو ويو هو ۽ مون کي اميد نه هئي ته اهو ٻيٽ ايتري دير تائين قائم رهي سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته هن علائقي ۾ ٻيٽ ٺهندا ۽ ٻڏندا رهندا آهن. گذريل 15 سالن ۾ اهو ٽيون ڀيرو آهي جڏهن بلوچستان جي سمنڊ ۾ ٻيٽ ٺهيو ۽ ٻڏو آهي. ڊاڪٽر آصف وڌيڪ ٻڌايو ته بلوچستان جي سمنڊ هيٺان سوين ميٽر اونهائي ۾ مختلف گيسون ڀريل آهن. جنهن کي جڏهن به ٻاهر نڪرڻ جو رستو ملندو آهي ته اهي گيسون زمين ڏانهن نڪري اهڙا ٻيٽ ٺاهي ڇڏينديون آهن ۽ اهو عام طور تي زلزلي سان ئي ٿي سگهي ٿو.

