بلاگنئون

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

سنڌ ڌرتي جي سچي سپوت، بهادر ارڏي هاري مزدور رهنما ۽ مظلوم عوام جي حقن خاطر طويل جيلون ڀوڳيندڙ عظيم هستي انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي سندس جدوجهد تي شرڌا انجلي (ڀيٽا) پيش ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد جي مرڪز نبي سر روڊ شهر هڪ عاليشان پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سوين سياسي شخصيتن، اديبن، ساڃاهه وندن، هارين پورهيتن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان کان اگ ڪامريڊ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ دعا گهري وئي. ان موقعي تي ڪراچي مان آيل عوامي ورڪرز پارٽي جي رهنما ۽ ريلوي ورڪرز يونين جي چيئرمين ڪامريڊ منظور رضي، ڪامريڊ محمد نسيم رائو جنرل سيڪريٽري ريلوي ورڪرز يونين ۽ وائيس چيئر انٽرنيشنل ورڪرز فيڊريشن، ڪامريڊ يادگار ڪاميٽي جي رهنما سريش ڪمار ساڌواڻي، رئيس علي حسن خان نون، خالد مجاهد چانڊيو، اعجاز ڀاڻپوٽو، پهلاج ڪولهي، لالچند ڪولهي، حاڪم گشڪوري، ميئن ساند، هريش سوٽهڙ، حيات مياڻو، سليم خاصخيلي، جواهر لال ڀيل، سميت ٻين حاضري ڏني، جنهن بعد شهر ۾ ڪامريڊ جي نياڻي مهرالنساءِ لغاري جي زير صدارت ورسي جو پروگرام شروع ٿيو، پروگرام جي شروعات مذھبي رواداريءَ کي مدنظر رکندي تلاوت قرآن مجيد، گائتري منتر ۽ لطيف سائين جي وائي سان ڪئي وئي، جنهن کي امان مهرالنساءِ، ڪامريڊ منظور رضي (عوامي ورڪرز پارٽي رهنما ۽ چيئرمئن ريلوي ورڪرز يونين)، ڪامريڊ محمد نسيم رائو (جنرل سيڪريٽري ريلوي ورڪرز يونين ۽ وائيس چيئر انٽرنيشنل ورڪرز فيڊريشن)، سريش ڪمار ساڌواڻي (ڪنوينر ڪامريڊ غلام محمد لغاري يادگار ڪاميٽي)، حاجي محمد حسن خان لغاري، مير حسن آريسر، ملڪ محمد چانڊيو، خالد جوڳي، حاجي ساند، سائين ڪريم بخش شيخ، علي اڪبر راهمون، محمد سعيد ميمڻ، جلال ڪوري، ڪامريڊ فيض ڪيريو (صدر هاري فرنٽ، عوامي ورڪرز پارٽي  سنڌ)، ڪامريڊ امان الله لغاري (هاري اڳواڻ عوامي ورڪرز پارٽي)، گل منير ولهاري، خالده منير، نصير ڪنڀر، اڪبر ڀرگڙي (سنڌ ساگر پارٽي)، رئيس علي حسن خان نون، خالد مجاهد چانڊيو، اعجاز ڀاڻپوٽو، پهلاج ڪولهي، لالچند ڪولهي، ڀار مل ڪولهي، جواهر لال ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪيو.

انھيءَ موقعي تي ڀاءُ گل منير ولھاري لاڀائتي صلاح ڏيندي چيو ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي نالي سان نبي سر ۾ لائبريري پڻ قائم ڪئي وڃي ته جيئن ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي منشور کي اڳتي وڌائي سگھجي، جنھن جي موٽ ۾ ايڊووڪيٽ ملڪ محمد چانڊيو ۽ يونين ڪائونسل شھيد بختاور جي چيئرمين سعيد ميمڻ پاران نبي سر ۾ جلد ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي نالي سان لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته پنڊال ۾ موجود ڪامريڊ منظور رضي صاحب لائبريري لاءِ ھڪ ھزار ڪتاب ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو، اميد آھي ته جلد ئي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي نالي سان لائبريري جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو، انشاءَ اللہ جڏهن ته ڪيترن ئي شاعرن انقلابي شاعري ٻڌائي.

ڪامريڊ غلام محمد لغاري تعلقي ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ غلام علي فقير لغاري جي ھڪ غريب ھاري محمد خان لغاري جي گھر 31 جنوري 1917 ڌاري جنم ورتو ۽ شروعاتي تعليم پنھنجي ئي تر مان سنڌي عربي فارسي ٻولين ۾ حاصل ڪئي. ڪامريڊ جو ٻالڪپڻ وڏيرا شاهي جي تسلط، دٻاءُ ۽ طبقاتي درجابندي جي مخالفت ۾ گذريو، زميني خدائن جي جوڙيل نظام خلاف جنگ جوٽڻ جو منشور کڻي پيدا ٿيل ڌرتي جو سپوت ڪامريڊ غلام محمد پنھنجي سياسي سفر جي شروعات خاڪسار تحريڪ ذريعي ڪئي جيڪو سندس پهريون دفعو جيل وڃڻ جو سبب پڻ بڻيو، پر جيل جون سلاخون سندس ارادن کي ڪڏھن به جھڪائي نه سگھيون، ويتر مضبوط ڪنديون رھيون، سندس منشور ھو ته ھاري، پورھيت، ڪڙمي، ڪنجهي ۽ مزدور طبقي کي وڏيرن جاگيردارن جي دٻدٻي کان آجو بڻائي کين برابري جا حق ڏيارڻ تائين جدوجھد جاري رکجي. انھيءَ وقت ۾ سنڌين جي اڪثريت اڻ پڙهيل ھئي جيڪا پڻ وڏيرن جاگيردارن ۽ پوليس جي دھشت وچان خوفزده ھئي. ڇاڪاڻ جو پوليس وڏيرڪي ونگار وهندي عوام ۽ ھارين مٿان بربريت جي انتھا ڪري ڇڏيندي ھئي. ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ھارين سان محبت ۽ پاٻوھ ڏسي سنڌ ھاري تحريڪ ۾ شموليت جو فيصلو ورتو، جنھن جي اھم مطالبن مان ھڪ ھارين کي بٽئي نظام تحت اڌ حصو ڏيڻ ھو، جتي پنھنجي تحريڪ جو دائرو وسيع ڪندي ڪامريڊ تحريڪ تيز ڪري ڇڏي ھئي. جيتوڻيڪ ان وقت ۾ ٽرانسپورٽ نه ھئڻ ڪري ميلن جا سفر پنڌ ڪرڻا ھوندا ھئا، انھيءَ باوجود سنڌ ھاري تحريڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچندي گھڻو وقت نه ورتو ھو، ٿوري عرصي ۾ تحريڪ وڏي پيماني تي پذيرائي حاصل ڪري وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام جي ھٺ ۽ آڪڙ آڏو ديوار بڻجي وئي ۽ وڏيرن پوليس ذريعي انتقامي ڪارروايون شروع ڪندي ڪامريڊ کي مختلف ڏوھن ۾ گرفتار ڪري جيل اماڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جنھن ۾ ڪامريڊ پنھنجي زندگي جا تقريبن 25 سال سنڌ جي مختلف جيلن ۾ گذاريا انھن جيلن ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، سجر، ملتان، ساهيوال، لائلپور (فيصل آباد) ڪوٽ لکپت ۽ لاھور شامل آھن.

ڪامريڊ جي سڪيلڌي ڌيءَ امان مھرالنساءِ پنھنجي صدارتي خطاب دوران ٻُڌايو ته ڪامريڊ غلام محمد ھٽ ھلايو، ٻيڙيون ٻڌيون، ڌوٻڪو ڪم ڪيو ۽ باغن ۾ مزدوري پڻ ڪئي، جتان پوءِ خاڪسار تحريڪ جي ڪارڪنن سان گڏجي بابا لاھور جلسي ۾ شرڪت لاءِ گھران ٻڌائڻ بنا ئي نڪري ويو ھو، جتان پوءِ گرفتار ٿيو ۽ ڪامريڊ اڃان ھڪ جيل مان آزاد ٿي گھر پھچندو مس ھو ته وري ٻي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿي ويندا ھئا، جيل ۾ سندس ملاقات ڪامريڊ ھيرا لعل سان ٿي جنھن کيس مارڪسزم جو لٽريچر پڙھايو ۽ چار سال جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ھڪ پورھيت دوست، محب وطن ۽ انقلابي ڪارڪن بڻجي نڪتو. امان مھرو ٻڌايو ته بابا اڪثر مون کي پنھنجي ڪلھن تي کڻي جلسن ۾ شريڪ ٿيندو ھو. اھڙيءَ طرح پنھنجي زندگي جو وڏو حصو جيلن ۾ گذاري ڇڏيائين ۽ جيلن ۾ گھڻو عرصو رھڻ ڪري پنھنجي والدين جو آخري ديدار تائين نصيب نه ٿي سگهيو ھو، پر ظالمن آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي ڪنڌ نه جھڪايائين، جيل ۾ رھڻ دوران به ڪامريڊ غلام محمد بغاوت جي جوالا مکي ٿڌي ٿيڻ نه ڏني، مزدور ۽ ھاري طبقي کي ٻٽي نظام تحت جدوجھد جاري رکي. ڏڪار سٽيل ماروئڙا ھجن يا مائي بختاور جو بيگناھ قتل، ڪامريڊ پنھنجي ڪارڪنن جي مالڪي ڪرڻ بخوبي ڄاڻندو ھو، ھارين ۽ مزدورن جي استحصال خلاف مارشلائي دور ۾ به سچائي جھڙي اخبار ذريعي مزدورن ۽ ھارين لاءِ سگهارو آواز بلند ڪندڙ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جون ڪاوشون قابل ذڪر آھن. جيلن جي بامشقت ۽ پرتشدد سزائن ڪامريڊ کي جسماني طور تي ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو، پر ڪامريڊ پنھنجي فولادي ارادن تي اٽل رھيو جتي وڏيرن خلاف ڳالهائڻ به گناھ سمجھيو وڃي، اتي ڪامريڊ اليڪشن وڙھي مھاڏو اٽڪائي طبقاتي نظام خلاف مزاحمت ڪئي. مزدور ۽ ھاري طبقي کي رياستي نظام خلاف ھڪ آزاد ۽ خود مختيار زندگي گذارڻ لاءِ ھمٿائيندو رھيو، ھارين، وڏيرن، جاگيردارن ۽ پوليس گردي خلاف منظم ڪري پاڻ پتوڙيندو رھيو.

ڪامريڊ عوامي ليگ جو مکيه ميمبر رھيو، مڪاني بورڊ ميرپورخاص جو پڻ حصو رھيو. سنڌي ووٽر لسٽن کي پرنٽ ڪرائڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن مختلف سماجي سرگرمين ذريعي مزدور طبقي جي حق لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ آخرڪار 14 آڪٽوبر 1982 ڌاري ڪامريڊ غلام محمد لغاري اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب راھ رباني ورتي، پر سندس روح اڄ به زنده آھي. ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جو اھو سپوت آھي جنھن ھارين، پورهيتن ۽ مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ طويل جدوجھد ڪئي آھي. سندس مزاحمتي ۽ اتساهيندڙ ڪردار تاريخ ۾ سدا امر رھندو. سنڌ کي اڄ به اھڙن بيباڪ اڳواڻن جي اشد ضرورت آھي، جيڪي غير طبقاتي ۽ مساوات تي مبني سماج جا حامل ھجن ۽ مزدور ھاري طبقي جي مالڪي بخوبي ڪري ڄاڻندا ھجن.

تقريب جي پڄاڻيءَ تائين کادي جي لباس ۾ ملبوس 80 سالا ضعيف امان مھرالنساءِ پنھنجي والد صاحب جي جاکوڙي خدمتن جي تاريخ ٻڌڻ لاءِ گرمي ۽ نٽھڻ اس جي شدت باوجود ويٺي رھي. اسين ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي 42 ورسي جي موقعي تي کين سرخ سلام ڪيون ٿا ۽ ڪامريڊ سريش ساڌواڻي، سندس ساٿين جون ڪاوشون جس لھن جن ھڪ وساريل ھاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جھڙي اتساهيندڙ ڪردار جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو. اسين اميد ٿا ڪريون ته تمام جلد ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي نالي سان منسوب لائبريري جو افتتاح ڪيو ويندو  ته جيئن ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي فڪر فھم ۽ پرچار جي لاٽ ٻرندي رهي، بھتر سماج خاطر ڏنل سندس قربانيون رائيگان نه ٿين ۽ ايندڙ نئين نسل ۾ پڻ اھڙي جدوجھد وارو جذبو زنده رھي سگھي.

***