شاعري، رقص ۽ موسيقيءَ سان ٽي ڏينهن
اياز ميلو 25-23 ڊسمبر 2022

 اها 23 ڊسمبر 2022 جي شام هئي، اياز ميلي جي پهرين ڏينهن، شام جو، دل جي ويجهو شاعر کي ڏسڻ لاءِ خانه بدوش رائٽرز ڪيفي ۾ اچڻ هميشه جيان پنهنجو فرض سمجهيو، پر فرض کان مٿي سندس شاعري، انهيءَ ۾ موجود رقص ۽ موسيقي کي محسوس ڪرڻ لاءِ. ماڻهن جي محبت جيڪا شاعر ۽ انهيءَ جي ڪلام سان آهي انهيءَ وفور ۽ مسرت کي پائڻ لاءِ، جڏهن شاعر سان ملاقات لاءِ انهيءَ موقعي تي پهتاسين ته دوست وزير حسين ميمڻ به همراهه هو. سڀ کان پهرين آرٽ جي نماءَ واري هال ۾ پهتاسين، جتي سندس تصويرن ۽ شاعريءَ جي خطاطيءَ جو نماءَ هو. پنهنجي تصويرن ۾ شاعر جي جيڪا نماڻائي آهي ۽ هن جي اکين جي خوبصورتي، جن لاءِ اهو مشهور هو ته ساڻس نظر ملائڻ مشڪل هوندو هو، اکين جي انهيءَ طاقت جو ذڪر ڪجهه ليکڪن تحريري طور ڪري ڇڏيو آهي، تنهن بعد اسين ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي ٻاهران جتي ڪتابن جي اسٽالن جو ڄڻ هڪ شهر آباد هو، اسان اتان ڪتاب خريد ڪيا، اهو معمول ٽئي ڏينهن جاري رهيو ۽ ڪتابن جي خريداريءَ جي حد اها هئي جو مون آخر ۾ رڳو رڪشا جو ڀاڙوئي بچايو ٿي. خانه بدوش جي اياز ميلي ۾ ادبي ڪتابن جي خريداري هاڻ ايتري ته پختي روايت آهي جو ناشر سڄو سال رٿابندي ڪري اياز ميلي لاءِ نوان ڪتاب آڻيندا آهن.

“ڪويتا” جي اسٽال تي موهن مدهوش خوش نظر اچي رهيو هو. شايد اها ڪتابن سان گڏ هجڻ جي خوشي هئي، نياز پنهور صاحب پيڪاڪ جي اسٽال تي مليو. جتي سندس نئون ڪتاب “زندگيءَ جي اڌوري ڪٿا” موجود هو. اهو سوچي ته ڪتابن جي هن دنيا ۾ جيڪا خانه بدوش پاران ملهايل اياز ميلي جي اهم سٽائن مان هڪ آهي. سوين، هزارين ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچن ٿا. اها ڪا گهٽ ادبي ۽ علمي خدمت آهي، هاڻي اسان خانه بدوش جي آڳر ۾ پهتاسين جتي ميلي جو افتتاح ٿي رهيو هو. محترمه عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو صاحبه ميزبان هيون. انهن شخصيتن هي اهڙو جهان پيدا ڪيو آهي، جو اياز ميلي جهڙو سمان ۽ خود مون کي اهڙي منظم ادبي تقريب ڪانه ٿي سجهي. جا صرف هڪ شاعر لاءِ منعقد ٿيندي هجي. افتتاحي تقريب ۾ محترم سردار شاهه صاحب، مدد علي سنڌي، جامي چانڊيو، نور الهديٰ شاهه، شاهه محمد مري، اسما شيرازي شامل هئا.

وري حاضرين ۾ هر شعبي سان لاڳاپيل ادب دوست، شخص ۽ اهم اديب شامل هئا، جن ۾ محترمه زاهده ابڙو به موجود هئي سندس رسالي همسري جي پوري ٽيم به موجود هئي ته جيئن اياز ميلي جي سرگرمين کي رڪارڊ ڪري “همسري سنڌ” يوٽيوب چينل تان نشر ڪجي.

تقريب جي ابتدا ۾ ئي جڏهن ناصر عباس نير جي ڪُليدي تقرير شروع ٿيڻ واري هئي ته اسين خانه بدوش جي لان تي اچي ويٺاسين. جيئن اسين ناصر عباس نير جي تقرير ٻڌي سگهون اوڏي مهل شاعر ڀون سنڌي به اچي اسان سان شامل ٿيو. ناصر عباس جون ڳالهيون ۽ تحقيق نئين هئي، سندس شيخ اياز جي شاعري تي انهيءَ ۾ جيڪو تخيل آهي ۽ تخليق آهي، مطالعو آهي، مشاهدو آهي، Myth آهي، انهن سڀني پاسن جي اڀياس اسان کي حيران ڪري ڇڏيو. مون ڀون کي چيو ته اسانجي ملڪ ۾ جنهن ۾ ايتري گُهٽ آهي جو ڪو اهل علم پنهنجو مافي الضمير پوري طرح بيان نٿو ڪري سگهي ۽ تڏهن ناصر عباس نير جي جراتِ اظهار حيران ڪندڙ هئي، خانه بدوش پاران ملهايل ميلي جو فيض آهي جو ناصر عباس نير پوري طاقت سان شيخ اياز متعلق جامع ۽ نيون ڳالهيون ڪيون.

اسين سڀ، جي شاعري سان جيئون ٿا. خاص طور اياز جي شاعريءَ سان. مون ڀون کي چيو ته هي اياز ميلو ۽ هي حيدرآباد شهر ئي آهي، جنهن ۾ اهو جرات مند اظهار ٿي سگهيو آهي. ناصر عباس نير انهيءَ پيرائي ۾ اهي ڳالهيون لاهور جي ڪنهن تقريب ۾ شايد ئي ڪري سگهي هئا، پوءِ به اسان تي الزام آهي ته اسين وڪاميل آهيون ۽ اهو به ته شاعر مصلحت پسند هو. خانه بدوش جي منتظمين ۽ مهمانن دليريءَ سان تقريرن جو آغاز ڪيو. جتي جامي ويٺو هو، نور ويٺي هئي، شاهه محمد مري ويٺو هو، سيد سردار شاهه ويٺو هو، منتظمين جي سوچ ۽ همت کي سلام جو انهن ناصر عباس نير جي تقرير سان ميلي جي مقصد کي واضح ڪري ڇڏيو ته اياز ميلو هڪ ئي وقت عاشق ۽ باغي شاعر جو ميلو آهي.

اسانجي وزير سردار شاهه جي تقرير انهيءَ سلسلي جو هڪ وڌيڪ قدم هو ۽ هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته شيخ اياز لطيف سائين جو تسلسل آهي، هڪ ڳالهه ڪجي ته اسانجي ملڪ ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ گهڻا وزير آهن جن جو ڪيليبر سيد سردار شاهه جهڙو آهي.

وزير صاحب جيئن ته پاڻ به اهل قلم آهي، هن اياز کي شاهه سائين جي تسلسل ۾ جيئن پيش ڪيو اهو ٻڌڻ وٽان هو.

مون هڪ فرد طور اهي ٽيئي ڏينهن بي پناهه مسرت ۾ گذاريا آهن. جن لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. خانه بدوش رائٽرز ڪيفي سنڌ جي ثقافت کاتي سان گڏ اياز ميلي کي نئون عروج بخشيو آهي، جنهن لاءِ اياز ميلي جا منتظمين جس لهڻن. يقينن اياز ميلو پاڪستان جي ادبي، تاريخ جو اهم ۽ نمايان ترين ڪم آهي. جيڪو جرائت ۽ دانش سان انجام ڏنو ويو آهي. ٽئي ڏينهن ميلي ۾ ادب دشمن تاريڪ قوتن کي للڪار هئي. موجود سماجي ۽ سياسي حالتن ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا آهي جو ڪري سگهجي ٿو، پهرين ڏينهن مون جيڪي ڪتاب ورتا هئا، سنڀاليندو گهر پهتس. شيخ اياز جي شخصيت ۽ شاعري سان ملڻ جي ڪري پيدا ٿيل خوشي ۽ مسرت جو احساس رات دير تائين مون سان گڏ رهيو. شاعر جنهن جيل ڪٽيا، سختيون ڏٺيون، ڪتابن تي بندشون گوارا ڪيون، پر انهيءَ سڀ جي باوجود، سندس تخليقي جوهر ماٺي ٿيڻ بدران وڌيڪ تخليقي سگهه ورتي ۽ طاقت جي ڀاري برجن کي لوڏي ڇڏيو.

مون کي ياد آيو ته 1960 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ شيخ اياز منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان آيو هو. شهر جي سٽيزنس ڪلب ۾ نوجوان شاگردن، هُن لاءِ تقريب جو اهتمام ڪيو هو. “عوام جو آواز شيخ اياز” جي نعرن ۾ هو اسٽيج تي آيو، هن لاءِ سڄو شهر گڏ ٿي ويو هو، هو هڪ بختاور شخص ۽ شاعر هو. اهڙن ڪجهه شاعرن مان هڪ، جن کي اهڙو نصيب ملندو آهي جو اهي پنهنجي عهد جي ماڻهن سان سڌو هم ڪلام هوندا آهن. شاعر پنهنجي جوانيءَ کان سنڌ جي عوام سان هم ڪلام هو ۽ ماڻهو سندس آواز سان هم آواز هئا.

ياد جو هڪ وڌيڪ سلسلو جنهن جو مرڪز خانه بدوش رائٽرز ڪيفي ۽ شيخ اياز آهي. ان سال جڏهن اهو ڪيفي وجود ۾ آيو ته مون ان کي سٺو سنئوڻ سمجهيو ۽ وقت فوقتن پيو حاضر ٿيندو هوس. هڪ شام جو ڪيفي تي چڱا ماڻهو گڏ هئا، محترمه حسين مسرت هميشه جيان ميز جي سامهون پنهنجي نشست تي ويٺل هئي، امر سنڌو صاحبه به موجود هئي، جا پنهنجي ميز تي ڪنهن ادبي بحث ۾ مصروف هئي، انهيءَ مهل امر جو والد صاحب به اچي نڪتو ته امر سنڌو صاحبه مهرباني ڪري کين مون سان گڏ ويهاري ڇڏيو، هن سان خوب ڪچهري ٿي ۽ مون کي لڳو ته هو پنهنجي اولاد جي، خانه بدوش ڪيفي جي صورت ۾ نئين ادبي سرگرميءَ مان گهڻو خوش هو، روشن مزاجي ائين سموري خاندان ۾ هلندي آهي، اِهو امر سنڌو جي والد جي ڳالهين مان ظاهر هو. بخت جي ڳالهه آهي ته توهان جي هڪ الڳ قسم جي ادبي جدوجهد ۾ وڏن جو ساٿ به هجي.

24 تاريخ واري ڏينهن آئون شاعر ڀون سنڌي، ليکڪ غلام علي کوساڻي ۽ وزير ميمڻ گڏ هئاسين، فياض لطيف جي ڪتاب “شيخ اياز جي شاعري تحقيق، تنقيدي مطالعو” جنهن ۾ احسان دانش، نصير مرزا ۽ خود ليکڪ شرڪت ڪئي، نصير مرزا چيو ته آئون شيخ اياز سان مهد کان وٺي لحد تائين گڏ هوس. احسان دانش ۽ فياض لطيف ۽ نصير مرزا صاحب ڪتاب جو چڱو جائزو ورتو، ڪهاڻيڪار ريحانه نذير انهيءَ سيشن جي ماڊريٽر هئي، هڪ ٻيو سيشن اسان جي دلبر شاعر امداد حسيني تي هو. نياز پنهور ۽ امر سنڌو انهيءَ جي شاعري تي روشني وڌي. بلا شڪ هو شيخ اياز کانپوءِ اسان جو وڏو شاعر آهي. پروگرام جو ماڊريٽر نصير مرزا هو، ٽي ٻيا ڪتاب هئا، جن جو مهورت ٿيو:

(1) پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي جو اڀار (2) ڪهاني ايڪ شخص ڪي، (3) چانڊوڪي چمپا جي مالها. انور فگار هڪڙي جي انهيءَ مرتب ڪيل ڪتاب “چانڊوڪي چمپا جي مالها” جو روشن آرا مغل جي شخصيت ۽ تحريرن تي مشتمل آهي. انهيءَ ڪتاب جي طويل پيش لفظ جي ڌوم آهي جو مدد علي سنڌيءَ لکيو آهي. پنهنجي تحقيق، ٻولي ۽ پيشڪش ۾ نه صرف اهو مهاڳ تخليقي آهي پر شاهڪار پڻ آهي. اياز ميلي جي اها خوبصورتي آهي جو سڄي پاڪستان مان اديب ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. منتظمين، ثقافت کاتو سنڌ ۽ اسين جيڪي عاشقانِ شيخ اياز آهيون، اسان پنهنجي شاعر جي سڄي ملڪ جي ادب دوست حلقن ۾ مڃوتي تي گهڻا خوش آهيون.

اياز ميلي ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي اهم اديبن شرڪت ڪئي، ڪو نالو رهجي وڃي ته اڳواٽ معذرت. هڪ پاسي جتي مدد علي سنڌي، نور الهديٰ شاهه، نصير مرزا، انعام ڀٽي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙو، احسان دانش، ادل سومرو، نياز پنهور، زيب سنڌي، فياض لطيف، ريحانه نذير، عطيه دائود، شبنم گل، محمود مغل، تاج جويو، امداد چانڊيو، ظفر جوڻيجو، نصير ميمڻ، ڊاڪٽر سحر گل، مهيش ڪمار، شيرين ناريجو، ناز سهتو، حسين مسرت، امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح اياز ميلي جي مختلف سيشنز ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته ٻي پاسي ڊاڪٽر شاهه محمد مري، وسعت الله خان، شاهزيب جيلاني، اويس توحيد، سيد ڪاشف رضا، صادقه صلاح الدين، غازي صلاح الدين، نذير لغاري، نيلم احمد بشير، زاهده ابڙو، صبا حسين، انيس هارون، مهناز رحمان، اسما شيرازي، ناظر محمود جهڙا روشن خيال ليکڪ شيخ اياز تي ۽ اياز ميلي جي ڇانو ۾ ٻين ادبي، سماجي ۽ معاشي مسئلن تي به ڳالهائي رهيا هئا، هڪ طرف اها اسان جي شاعر جي ايڪهين صديءَ تي ڇاپ آهي، ٻي طرف ميلي جي منتظمين جي جرات ۽ روشن خيالي ۽ سموري ادبي سرگرمي ۽ انهيءَ ميلي ۾ سڄي ملڪ مان آيل، ليکڪن ۽ دانشورن جي شرڪت ڄڻ اهو عمل هڪ مدي خارج سماج سان پنهنجي قلم ۽ سوچ سان وڙهندڙ ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ هو.

سنڌي ادبي تاريخ ۾ اهڙو ۽ ايترو ڪم ته اڃا تائين ڪنهن نه ڪيو آهي جو اٺين اياز ميلي جي منتظمين ڪري ڏيکاريو آهي. محترم عائشه صديقه سان ڳالهه ٻولهه جي جرائت اسان وٽ ڪنهن ۾ آهي. ائين سمجهڻ ۾ آئون پاڻ کي غلط نٿو سمجهان ته اها جرائت هڪ طرف اسان جو قومي گُڻ آهي، ٻي طرف اياز جهڙي باغي شاعر اسان لاءِ جرائت جي انهيءَ رستي جو تعين ڪيو آهي. هن اسان لاءِ روشن خيالي ۽ روشن مزاجي کانسواءِ ٻيو ڪوبه گس نه ڇڏيو آهي.

اياز ميلي جي مشاعري واري رات خوب هجي ٿي، سڄي سنڌ مان شاعر اچي پنهنجي تخليقن سان اسان کي نوازين ٿا ۽ اياز ميلو ۾ جڏهن رات ٺرندي آهي ته موسيقي جي محفل شروع ٿيندي آهي. اها موسيقي ۽ رقص ڏسڻ وٽان هوندو آهي. نوجوان، بزرگ، فيمليز موسيقيءَ ۽ رقص جا عاشق اهڙو سمان پيدا ڪندا آهن. جو جيءُ خوش ٿي وڃي. موسيقي ۽ رقص جي عاشقن جي حاضري ايتري ته هوندي آهي جو محاورتن ائين چئجي ته تر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هوندي آهي. اياز ميلو ٽيئي راتيون هر حاضر ماڻهو، پر خصوصن نوجوانن ۾ اهڙو جوش ڀري ڇڏيندو آهي، جو سڄو ماحول موسيقيءَ سان ائين گونجندو آهي جو هر شخص رقص ۾ هوندو آهي. موسيقي ۽ رقص جو اهو گڏيل موقعو حيدرآباد ۾ اياز ميلو اسان کي فراهم ڪري ٿو. اسان جي پابندي مڙهيل سماج جو فن مخالف آهي. ملڪ جي وڏن ادارن ايستائين جو يونيورسٽين تائين ۾ رقص ۽ موسيقي ڄڻ منع آهي. اتي اياز ميلو انهن ديوارن کي ڊاهي ڇڏي ٿو. اهم ڳالهه هتي اها به رکڻي آهي ته ميلي جون منتظمين انهيءَ رقصان محفلِ موسيقي جو حصو هجن ٿيون. جڏهن توهان فن دوست آهيو ته موسيقي جي آلاپ تي رقص جا اسٽيپ ته کڄندا، اهو ڄڻ شاعر جو ئي ته پيغام آهي. “اڄ لال لهو جي سرگم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري….” ميلي ۾ رات دير تائين شاعري، رقص ۽ موسيقي جو جيڪو جهان آهي، اهو ميلي ۾ شريڪ نوجوانن کي پنهنجي اظهار جو اهڙو موقعو ڏي ٿو. جيڪو اسان جو سماج انهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

25 ڊسمبر ميلي جي آخري ڏينهن اسان دوستن جي چوياري گڏ هئي، سڀ کان پهرين ڪتابن جي اسٽالن تي وياسين، ڪجهه ڪتاب اڄ به خريد ڪيم، ائين به هو ته ٽيئي ڏينهن محترم يوسف سنڌي اسان کي ڪتابن جي وچ ۾ مليو، يوسف سنڌي سان دلي تعلق آهي. سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “اڏارون آڪاس ۾” اردن جي راڻي نور الحسين جي آتم ڪٿا آهي. اهو ڪتاب اياز ميلي ۾ دستياب هو. اهو ڪتاب به خريد ڪيم.

ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هڪ سيشن هو “ٻوڏ جي تباهي ۽ ماڻهن کي درپيش مسئلا” انهيءَ سيشن ۾ مون کي گهڻو علم مليو ۽ نيون ڳالهيون جيڪي باقاعدي انگن اکرن سان هيون، ٻوڏ جي آفت تي نئين معلومات ملي ته ماڻهن انهيءَ کي ڪيئن ڀوڳيو. جيئڻ لاءِ ضروري شين کان وٺي تعليم تائين ڪيترو نتقصان ٿيو آهي ۽ انهيءَ مان ڪيئن نڪتا آهيون ۽ ڪيئن نڪربو. ڳالهائيندڙن ٻوڏ جي انهيءَ آفت جي باوجود ماڻهن جي همت جي ڳالهه ڪئي ۽ اميد ڏني ته انهيءَ مان اسين نڪري وينداسين. نصير ميمڻ، شيرين ناريجو، صادقه صلاح الدين انهيءَ مسئلي تي علمي ۽ عملي روشني وڌي. اهو سيشن ٻڌي اسين فوڊ ڪورٽ ۾ اچي ويٺاسين اتي لڳل اسڪرين تي هڪ غير معمولي سيشن هلي رهيو هو، چانهه جي ڪوپ تي اسان چئني دوستن ڪتاب “دنيا ڪي فيمنسٽ عورتين” جو مهورت ڏٺو ۽ گفتگو ٻڌي. انيس هارون، مهناز رحمان، عطيه دائود انهيءَ نازڪ موضوع تي تفصيلي گفتگو ڪئي، پروگرام جي ماڊريٽر صبا حسين هئي.

اياز جي ميلي جي منهنجي ذات تي اها مهرباني آهي جو اتي آئون پيو دوستن سان ملندو آهيان. ٿوري ڪچهري به ڪري وٺندا آهيون. نه ته انهن مقرر سيشنز جي ڪري اها ٿوري وقت لاءِ ملاقات به ڄڻ انهيءَ سال لاءِ منهنجي حاصلات هجي ٿي. فياض لطيف، احسان داش، امر لغاري، مير حسن مري، اختر حفيظ، ڪليم ٻٽ ۽ بخشل باغي انهن دوستن ۾ شامل آهن جن سان روح رچنديون آهن. ميلي جي آخري شام جو هڪ وڏي حاصلات جو ذڪر ڪجي ته آئون فوڊ ڪورٽ ۽ آرٽ جا نماءَ واري هال جي ٻاهران بيٺو هوس ته نوجوان شاعر سانول جمالي پنهنجو ڪتاب “خالي مزار” مون کي ڏنو. دوستو هن سان جيڪا شاعري ۽ نثر تي گفتگو ٿي، اهڙي گفتگو روبرو شاعر کان ٻڌي آئون حيران ٿي ويس. شاعر جيڪو تخليقي سگهه سان ڀريو پيو هو، شڪل ۾ معصوم ۽ لباس ۾ سادو. انهيءَ شاعر جڏهن ادب تي ڳالهايو ته سندس تخليقي اڏام حيران ڪندڙ هئي، فن ۽ تخيل جو اسپارڪ هو. اوڏي مهل مون کي لڳو ته هن نه صرف ماحول کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، پر منهنجي اندر ۾ به روشني کي اوتي ڇڏيو آهي. مون سان گڏ بيٺل دوست غلام علي کوساڻي، وزير حسين ميمڻ ۽ شاعر علي اظهار، سڀ شاعر جي تخليقي سرفرازيءَ تي حيران هئا، اياز ميلي جي منتظمين جي مهرباني جو اسان کي سانول جمالي جهڙي شاعر سان ملاقات جو موقعو مليو. هن چيو ته پاڻ هڪ ناول به لکيو اٿائين جو ايندڙ سال ڇپبو. يقين آهي ته هن جو نثر به سندس شاعريءَ جيان عاليشان هوندو، مون کي سال 2023 جي اياز ميلي جو انتظار آهي، جتي اياز سان گڏ، سانول جو ناول به هوندو.

مون رات جو ڪتاب پڙهيو، شاعريءَ جي انهيءَ اڏام مون کي موهي ڇڏيو. سانول جون هي سٽون ڏسو:

شادي!!!

هَوا وِنجَڻي هَڻندي آهي،

اُن مهل محُسوس ڪندو آهيان،

پَکين کي

پَگهر ٿيڻ وارو آهي،

۽ ڳوٺ جون ڇوڪريون

شادي جي لائِق ٿي وَيون آهن.

ٻي صبح يعني 26 ڊسمبر تي آئون ماهوار همسري جي آفيس آيس. هتي اهو واضح ڪجي ته راقم “همسري” جي ٽيم جو حصو آهي. مون سانول جي شاعريءَ جو ڪتاب همسريءَ جي ايڊيٽر زاهده ابڙو صاحبه کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. هن ڪجهه نظم پڙهيا. مون شاعر جي اسپارڪ جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو اسپارڪ نه هتي ته فائر (Fire) آهي. تخليق جي آڳ. ائين شاعر سانول جي مڃوتي هڪ اهڙي شخصيت ڪئي جا پاڻ صاحب ڪتاب شاعره آهي ۽ شاعريءَ جي پُرشوق پڙهندڙ پڻ آهي. شيخ اياز سائين! عرض آهي ته سنڌ ۾ توهان جي شاعريءَ جي رستي تي ٻيا به پانڌيئڙا آهن، شاعر شيخ اياز جو پيغام نه صرف نئين نسل ۾ منتقل ٿي رهيو آهي، پر Transform به ٿي رهيو آهي.

هن تحرير جي شروعات ۾ مون اها ڳالهه ڪئي آهي ته خانه بدوش رائٽرز ڪيفي پاران منعقد ميلي ۾ ٻين سرگرمين ۾ شرڪت سان گڏ شيخ اياز سان ملاقات لاءِ به وڃبو آهي. “خانه بدوش” واري آڳر ۾ اياز تي هڪ سيشن جي دوران جڏهن مدد علي سنڌي ڳالهائي رهيو هو ته اسان سان گڏ ويٺل هڪ شخص کي فون آيو، ٿورو پويان وڃي هن ڳالهه ڪئي:

“آئون هينئر اياز ميلي ۾ آهيان سامهون شيخ اياز ڳالهائي رهيو آهي”

“…”

“يار شيخ اياز نه مدد علي سنڌي صاحب ڳالهائي رهيو آهي”

هن محترم شخص مدد علي سنڌي ۽ شيخ اياز کي جيئن گڏيو منهنجي لاءِ اهو حيران ڪندڙ نه هو. هن روشن آرا مغل تي ڇپيل ڪتاب “چانڊوڪي چمپا جي مالها” ۾ جيڪو پيش لفظ لکيو آهي. ان ۾ مدد شيخ صاحب سان ائين گڏ آهي جو شڪارپور ۾ گذريل صديءَ جي پهرين اڌ واري زماني ۾ جڏهن شيخ اياز پڙهي رهيو آهي ۽ عاشقي به ڪري رهيو آهي ته هن انهيءَ عهد جو پنهنجي طويل تحرير ۾ ذڪر ائين ڪيو آهي، ڄڻ سڀ هن تان گذري رهيو هجي!

هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ به ٿيا

                                   (شاهه)

اياز ميلي جي آخري ڏينهن ٻن هنڌن تي ڳالهه ٻولهه جا مختلف سيشنز هلندا رهيا. هڪ طرف خانه بدوش رائٽرز ڪيفي ۾ ٻي طرف ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾. اسين ڪڏهن هن سيشن، ڪڏهن هن ۾. منهنجي لاءِ اهو اهم هو ته جيئن پنهنجي ذاتي زندگي لاءِ نيون ڳالهيون سکي سگهان. ادب ۽ تخليق جي جهان ۾ جيڪو نئون آهي اهو معلوم ٿي سگهي. اياز ميلي هڪ فرد طور مون کي عزم ڏنو آهي تو 2023 ۾ جيترو به ٿي سگهيو، تخليقي ڪم ڪبو.

ائين اياز ميلي جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن دفعي گفتگو جا سڀ سيشنز اهم هئا. جن ۾ سڄي ملڪ جي اديبن، شاعرن، تعليمي ماهرن ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سان لاڳاپيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، اياز ميلي جو قافلو پنهنجي سفر ۾ جيئن پوءِ تيئن عروج جي طرف وڃي رهيو آهي.

جنهن جو ثبوت هن ميلي ۾ عاشقان شيخ اياز جي شرڪت گذريل ميلن کان مٿي هئي ۽ پروگرامن جي ورائٽي به قابلِ قدر هئي. عزت ۽ احترام آهي منتظمين لاءِ اسان پاران جيڪي شيخ اياز جا پڙهندڙ آهيون. پروفيسر عرفانه ملاح، محترمه امر سنڌو جي محنت ۽ جذبو قابل قدر آهي. محترمه حسين مسرت جو به ذڪر ڪجي ته نه صرف اياز ميلو، پر هوءَ ٻارنهن ئي مهينا خانه بدوش رائٽرز ڪيفي کي سنڀاليو پئي اچي. سلام آهي انهن والنٽيئر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي جن مهينن کان منتظمين جي رهنمائي ۾ اياز ميلي لاءِ ڪم ڪيو. اسان جو ماحول جنهن ۾ اڻ سهپ جو عنصر آهي ۽ اجائي تنقيد جو رجحان پڻ آهي. اياز ميلي جنهن سنڌ ۽ پاڪستان جي اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن وٽ پاڻ مڃايو آهي. عاشقانِ شيخ اياز هر سال ميلي جو انتظار ڪن ٿا. اهڙو منظم خالص ادبي ۽ علمي Event ملڪ ۾ شايد ئي ڪٿي ٿيندو هجي. هجي ته ڪو ٻڌائي. اسين ڇو شين جو مثبت پاسا ڏسڻ کان لنوايون ٿا. اياز ميلو هڪ مثبت علمي ۽ ادبي ڪم آهي. هڪ شاعر تي انهيءَ ميلي لاءِ هميشه ڀليڪار رهندي.

هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو

ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا

                                                                                (شيخ اياز)

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments