آئي ايم ايف جي مطالبي تي فيبروري ۾ 200 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو منصوبو

حڪومت آئي ايم ايف سان تعطل ٽوڙڻ لاءِ فيبروري ۾ لڳ ڀڳ 200 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائي سگهي ٿي، پر غير يقيني سياسي صورتحال جي ڪري حتمي فيصلن ۾ دير ٿي رهي آهي. عالمي اداري هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي (جولاءِ کان ڊسمبر) جي آخر  تائين سامهون ايندڙ 220 ارب رپين جو روينيو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ قدمن جو واعدو پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزير خزانه اسحاق ڊار بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي ڳالهه ٻولهه سميت نئين بجيٽ تجويز تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments