زميني حقيقتون ۽ چنڊ جو سفر رياض ابڙو | مارچ 2022
مون هڪ عام فهم ڳالھ اها به آهي ته ماڻهن جي ڀروسه مندي يا سچائي يا قدامت انهن جي ڳالھ جي پختگيءَ جو ثبوت هوندي آهي. مثال طور: جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڳالھ ڀلي سچي به ڪري ته ڪوڙي سمجهبي. يا سچو ماڻهو ڀلي ڪوڙي ڳالھ ڪري ته به سچ سمجهيو ويندو يا ماڻهن جي شخصيت به ان ڳالھ جو انديشو کڻي ايندي آهي ته ان ماڻهو جي ڳالھ تي پت ڪيون يا نه. ملڪن جي ساخت به ڪجھ اهڙي وڃي بيٺي آهي جيڪا قومن سان وابستگي به رکي ٿي. ان ڪري آمريڪا واري چنڊ تي پهچڻ واري ڳالھ يا دعويٰ ۾ ڪا صداقت ناهي. ان ڪري ته اها 20 جولاءِ 1969 ۾ ڪيل دعويٰ هڪ پاساهين ۽ هڪطرفي هئي جنهن تي يقين ڪرڻ معنيٰ آمريڪا جي هر ڳالھ کي جيئن جو تيئن مڃڻ به هو يا ايئن به ناهي ته آمريڪا جي هر ڳالھ جي نفي ٿي ڪجي، پر ڪجھ ڳالهيون مثبت به آهن جن جي تعريف ڪجي. ڇو ته دنيا جي بهترين معاشرن جي ماڊل ۽ سيٽ اپ، لاهي چاڙهي، شروعات ۽ ابتدائي روشناسي آيل ئي مغربي معاشرن منجهان آهي جن ما انسانيت جو سبق حاصل ڪري سگهجي ٿو. (هتي مذهبي انارڪي ۽ نظريي کي گهڙي کن پاسي تي رکجي). ڇو ته اها ڊاڙ ان مهل جي هنيل آهي جڏهن دنيا ورلڊ ليگ جي چنبي مان نڪري اقوام متحده جي وڪڙ ۾ ڦاسي پئي هئي ۽ ان جي مقابلي ۾ ايندڙ ملڪ ان ڪوڙ کي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويا هئا. ڇو ته ان سچ ۾ جي ڪا صداقت هجي ها ته سڀ ملڪ ايتري طاقت ۽ ٽيڪنالاجي رکن پيا ته اهي به چنڊ جو سفر ڪري وٺن ها. مثال طور: روس، چين ۽ فرانس جهڙا ملڪ ان ڊوڙ ۾ ان مهل به هئا جو جڏهن زمين کان زمين تي مار ڪرڻ وارا ميزائيل ٺاهي پئي سگهيا. صنعتي ترقيون، جهاز، ڪمپيوٽر ۽ الائجي ڇا ڇا؟ پر ان چنڊ واري ڳالھ ۾ ڪابه سچائي ۽ انهن هٿ گھڙين تصويرن ۾ به ڪا اصليت لڪل نه هئي، پر هاڻي وري ان ڳالھ جي حامي وري به آمريڪا ئي ڀري آهي جنهن ۾ اهي مريخ تي رهڻ ۽ زندگي شروع ڪرڻ جي ڳالھ ۽ بحث ۾ آهن. اسان ۽ اسان جهڙا جيتامڙا ملڪ ته ڳڻپ ۽ شمار ۾ ئي ناهن ته انهن سان ٿيندو ڇا؟ بهرحال اسان ته ان چنڊ واري بحث ۾ ڦاٿا پيا هئاسين، پر آمريڪا جي هاڻوڪي دعويٰ اها آهي ته اهي سائنسدان مريخ تي هٿرادو آڪسيجن گئس، پاڻي ۽ هوا پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪا وري سوچن جو وڏو خال پيدا ٿي ڪري. ڇو ته اسان ته ان سطح جو بحث به نٿا ڪري سگهون ته آخر ٿئي ڇا ٿو؟ پر رڳو زميني حقيقتون، سائنسي ايجادون يا ٻيون اڻ ميون دولتون پنهنجي جاءِ تي، پر ڪجھ ڳالهين ۾ آمريڪا جي مڳي ۽ هٺ ڌرمي به آهي جنهن جا مثال آءِ. ايس. آءِ جي جنگي مشقن کان وٺي سلطنت عثمانيه جي ڊاھ ڊوھ کان وٺي جيڪا مها ڀاري لڙائيءَ کانپوءِ شروع ٿي يا ڪئي وئي هئي. ڇو ته برطانيه جي تسلط ۽ ڪالونيل ازم ۾ ۽ هاڻوڪي آمريڪي شهنشايت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. مثال طور: برطانيه ته پنهنجا ماڻهو موڪلي اتي گورنر ۽ حڪمران بڻائيندو هو ۽ ناڻي جا نوان ۽ جديد طريقا ڏسي وري ٽيڪس ۽ ڍل وٺي ڪجھ هتي ڪم ڪرائيندو هو (گھڻي ڀاڱي) ۽ باقي ناڻو ته برطانيه منتقل ٿيندو هو، پر آمريڪا جي بادشاهت ۾ ڪجھ ڦير گهير ۽ دٻڙ ڌئونس آهي. مثال طور: اهي ته پنهنجي مرضيءَ جا بادشاھ ويهاري انهن ئي ملڪن مان حڪمران چونڊي انهن تي ئي پنهنجي گرفت رکيو ويٺا آهن. ان ڪري برطانيه جون ايم. آءِ فائيو يا ڪجھ ٻيون ايجنسيون، پر آمريڪي سي. آءِ. اي انهن کان ٻيڻي آهي يا اهي اهڙي ڳالھ مڃائڻ جي لاءِ وڏين حرفتن کان ڪم به وٺن ٿا، جنهن سان تاريخ ڀري پئي آهي ته ڪيئن سي. آءِ. اي ملڪن ۾ پاڻ مڃايو ۽ هلندي پئي اچي. ان ڪري ته آمريڪا جي ڏاڍ مڙسي به هلندي پئي اچي. هاڻي کڻي روس ۽ چين جي ۽ ڪجھ مسلمان ملڪن جي ٽياڪڙين جي ڪري آمريڪا جو زور گھٽجي پيو آهي جو چين جي معيشت آمريڪا کان گھڻو اڳتي آهي، آباديءَ ۾ گھڻو آهي، کپت ۾ گھڻو آهي، پيداوار پوءِ اها صنعتي هجي يا زرعي انهيءَ ۾ به گوءِ کڻيو پيو وڃي. پر ڳالھ آمريڪي هٺ ڌرمي جي اڳتي وڌائجي ته جڏهن چنڊ تي هوا جو گذر ناهي يا مورڳو ئي ناهي ته پوءِ آمريڪي جھنڊو ڪيئن ڦڙڪيو؟ يا جڏهن سڀني ملڪن کي اهي راڪيٽ ۽ زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائيل به هئا ته پوءِ انهن چنڊ تي قدم ڇو نه رکيو يا هاڻي ته ٽيڪنالاجي ته اڃان به وڌيڪ زبردست ۽ نئين آهي پوءِ هاڻي وڃڻ ۾ ڪهڙي دير آهي، پر اسان به لڪير جا فقير آهيون جو اهڙين ڳالهين جي تصديق ڪرڻ بنا چئي ٿا ڏيون ته چنڊ تي پهتو آهي، سڀ ڦل انسان جي محنت جو آهي، پر تحقيق اها ڳالھ ثابت ٿي ڪري ته آمريڪا جتي پنهنجي مڃائي اتي ڪجھ ڪوڙ بدوڙ هڻي به ڪم ڪڍي ويا آهن، ان ڪري ته انهن انگريزي نصابي ادب جا ٻه حصا به ڪري ڇڏيا آهن. هڪ برطانيه جو ادب ۽ ٻيو آمريڪي ادب يا جڏهن برطانيه جي ادب ۾ شيڪسپيئر ٿا پڙهائين ته هي آمريڪي ادب ۾ وري جارج برناڊشا ٿا پڙهائين. ان ڪري آمريڪا هر ڳالھ ۾ پاڻ کي الڳ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو ۽ آهي. ان ربط ۾ پوءِ چوڻيون ڪيتريون به هجن، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“ يا ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ ۽ ان ڳالھ کي به مڃڻو پوندو ته صنعتي ترقي ئي سڀ ڪجھ آهي جو زراعت به صنعتي ترقي جي آسري ۽ آڌار آهي ته اسان جهڙن جيتامڙن ملڪن کي به ٻن گهرن جو مهمان نه ٿيڻ گهرجي ۽ صنعتي ترقي ۾ پنهنجي ٻارڻ کپي، بهرحال، پر چنڊ واري ڳالھ کي اڳتي وڌايون ته آمريڪين کي رڳو روس کي هيٺ ڪرڻ يا گھٽ ڏيکارڻو هو جو جڏهن جاپان تي بم ڪيرائڻ واري ڳالھ به هئي ته هنن آمريڪا وارن (فرينڪلن ڊيلانو روزويلٽ ان وقت جو صدر هو) جنهن ان وقت جي روسي صدر ”جوزف اسٽالن“ کي به اعتماد ۾ نه ورتو هو، پر هنن هر اها ڳالھ ڪئي جنهن ۾ روس (ڇو ته ان وقت جي وڏي طاقت هو يا سپر پاور جي ڊوڙ ۾ هو ۽ هاڻي صنعتي ترقي، حرفتن يا ڏاڍائي ۾ ايترو ناهي جيترو آمريڪا آهي. چين جي پاليسي اها آهي ته هو پنهنجن ماڻهن کي سڄي دنيا ۾ پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي پروڊڪٽ کي دنيا جي هر ڪنڊ تائين پهچائڻ چاهي ٿو. گوادر ۾ ڀلي هنن جا انجنيئر ماريا به وڃن يا تازو داسو (جيڪو 65 بلين ڊالر جو پروجيڪٽ آهي) واري هائيڊل پاور پروجيڪٽ جو مثال وٺون جتي 9 چيني انجنيئر ماريا ويا ۽ 13 ڄڻا ٻيا به پر چائنا پنهنجي ان عزم ۽ ارادي ۾ اڃان به اڳتي آهي جو گوادر هٿن مان ڀلي وڃيس، پر اسان جي صوبي جي ساحلي پٽي والاري ويندو) رڳو سياسي بنيادن تي هيٺ ڪرڻو هو يا ڪيرائڻو هو ان ڪري ته جيئن آمريڪا پنهنجي سپر پاوري ثابت ڪري ڏيکاري (۽ وري انهن سڀني اسلامي ملڪن کي چنبي ۾ ڪري ويو جيڪي سلطنت عثمانيه جا جاهه و جلال هئا، پر آمريڪين انهن جي ٽائرن مان به هوا ڪڍي ڇڏي). ڇو ته چنڊ واري ڳالھ ۾ اهو به آهي ته هنن ناسا وارن اهو سڀ هڪ ٽي وي اسٽوڊيو ۾ اهڙي ته فنڪاري سان فلمايو جو ماڻهن سمجهيو ته اهو چنڊ آهي جنهن تي رات جو چنڊ جي جوڀن وارين راتين ۾ ڪڏهن پوڙهو هر هلائيندي نظر ايندو آهي ته ڪڏهن پهاڙيون سمجھ ۾ اينديون آهن (يا اسان جي ايشيائي شاعرن جي شاعري جو محور، محرڪ، سونهن جي شبيھ يا محبوب جي ڀيٽا واري ڪم آيو) ۽ آمريڪا ان تي ڪوڙ گهڙي پنهنجي سپر پاوري جا ٺپا هڻندو آيو. ڇو ته ٽين دنيا جي ماڻهن جو اهو به ڪم هو ته جڏهن انهن دنيا جي مالڪ قومن کي جيئن پئي ٺاهيو تيئن پئي دنيا گهڙجندي وئي، ان ۾ پوءِ دنيا جا نقشا، کنڊ، ملڪن جي ورهاست، بادشاهتون، ايجادون ۽ ايمان جا ڦيرا گھيرا جوڙيندا ۽ ٺاهنيدا ويا، جو اسان اهوئي وات پٽي انهن جي ها ۾ ها ملائيندا ڊالر کائيندا ٿا وتون، پر اسان ته تحقيقن، علمن ۽ عقلن کان وانجهيل قومون آهيون جو اسان وٽ اهي جنت تي جھيڙا ۽ ڀرپور مقابلا اڃان پيا هلن ٿا ۽ اڻٽر ۽ نه ختم ٿيڻ جھڙا آهن. بهرحال اڌ آمريڪا ته ان ڳالھ کي نٿي مڃي ته نيل آرم اسٽرانگ ڪو چنڊ تي به ويو هو، ان سلسلي ۾ ”يل ڪيسينگ ۽ رينڊي ريڊ“ 1973 ۾ پنهنجي ڪتاب ”وي نيور وينٽ ٽو مون“ يا ”پوليٽڪس آف لينڊنگ آن مون“ ۾ ان ڳالھ کي ثابت ڪيو آهي ته اهو آمريڪا جو وڏو ڪوڙ هو ته اهي چنڊ تي پهتا آهن. ڇو ته هر ڳالھ ۾ آمريڪا جي سياست، سپر پاوري، مڳي ۽ ڏاڍائي جو جز شامل هو (۽ هاڻي افغان پاليسي به هڪ ڍونگ آهي) 14 جون 1970 ۾ ”نائيٽ مئگزين“ هڪ اسٽوري به ڇاپي هئي، جنهن ۾ هڪ تحقيق مطابق ٻه هزار کان مٿي ماڻهن کان انٽرويوز به ورتا ويا هئا، جنهن ۾ ان ڳالھ جي تصديق ڪئي وئي هئي ته ناسا وٽ اهڙو ڪو دستاويز ناهي جنهن ۾ ان ڳالھ جا ثبوت شامل هجن ته انسان ڪو چنڊ تي به پهتو آهي. ڇو ته گھڻي ڀاڱي ماڻهن جو اهو گمان به هو پوءِ سچ ثابت ٿيو ته آمريڪا رڳو چائنا ۽ رشيا کي هيٺ ڪرڻ جي لاءِ سياسي چال هليو ٻيو ڪجھ به ناهي.
(ليکڪ جي خيال سان اداري جو
متفق هجڻ ضروري ناهي).

