بلاگنئون

خوش نصيب

عدالت جو ڪمرو کڇاکڇ ماڻهن سان ڀريل هو، جيستائين نظر وئي پئي انسانن جا سر ئي سر نظر اچي رهيا هئا. اگهاڙا مٿا، ٽوپيءَ وارا مٿا، هيٽ پاتل مٿا، اڇن وارن وارا مٿا، غرض ته هر قسم جا مٿا نظر اچي رهيا هئا. ماڻهن جو ايترو وڏو هجوم هن کان پهرين عدالت ۾ ڪڏهن به جمع نه ٿيو هو. سڀئي فيصلو ٻڌڻ لاءِ بيچين هئا.
هجوم کي ٽوڙيندي هڪ شخص اڳتي وڌيو سڀئي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ لڳا. فضا ۾ هڪ هلچل مئي ويئي ۽ پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي. هو شخص تيزيءَ سان جج جي ڪرسيءَ جي طرف وڌيو. سڀني جون نگاهون هن نوجوان تي ڄمي ويون. هي عجيب قسم جو انسان هو، ويڪرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا، وار وکريل، چهري تي بُک ۽ اولاس جا ڪڪر ڇانيل، اکين مان وحشت ظاهر، هو ايندي ئي چوڻ لڳو “اصل قاتل آئون آهيان، سيٺ کي مون ئي قتل ڪيو آهي”
“تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟” جج چيو
“سيٺ کي مون قتل ڪيو آهي، هي شخص جيڪو بطور ملزم پيش ٿيو آهي، بلڪل بي گناهه آهي. عدالت جو فرض آهي ته هڪ بيگناهه انسان کي بچائي. هن کي قتل ڪرڻ سچائيءَ کي قتل ڪرڻ جي برابر هوندو” هو شخص ٿورو اڳيان جهڪيو.
“خاموش!” جج گرجدار آواز ۾ چيو “جرم ثابت ٿي ويو آهي، قاتل جرم قبول ڪيو آهي، عدالت جي سڄي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي، شاهد پيش ٿي چڪا آهن، اسان ڀلا تنهنجي چوڻ تي ڪيئن اعتبار ڪريون، هي عدالت آهي بازار ناهي، عدالت ڪنهن به شخص کي بنا ڪنهن تحقيق جي سزا نٿي ڏيئي سگهي؟”
“پر…”
“خاموش فيصلو ٿي چڪو آهي، تون هتان هليو وڃ” ۽ هو هتان هليو ويو، ڪنڌ هيٺ ڪندي، ٻانهون لڙڪائيندي ۽ شڪل کي بگاڙيندي.
ڇهن ڏينهن کانپوءِ،
عدالت جي فضا ۾ وري ارتعاش پيدا ٿيو، هڪ شخص وري اڳتي وڌيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جج تائين پهتو، سڀ حيران ٿي ويا.
جج هن ڏانهن ڏٺو، هي ساڳيو ئي شخص هو.
“سوداگر جي گهر کي مون باهه ڏني آهي، مون هن شخص کان بدلو وٺڻ پئي چاهيو، هن مون تي تمام گهڻا ظلم ڪيا آهن. آخر تنگ ٿي مون هن جي گهر کي تيلي ڏيکاري. آئون خوش هئس ته هي مري ويندو، پر بچي ويو. “جج هن کي خاموش ڪرائيندي چيو“ خاموش! تون غلط بياني کان ڪم وٺي رهيو آهين. سوداگر جي گهر کي هن خود باهه ڏني آهي، هن جي گهر جو ويمو ٿيل هو، هن ويمي ڪمپنيءَ کان رقم وصول ڪرڻ پئي چاهي، هن خود تسليم ڪيو آهي”
“هن خبر نه آهي ائين ڇو ڪيو آهي، حقيقت هيءَ آهي ته مجرم آئون آهيان” هن پنهنجي طرف اشارو ڪندي چيو.
“تنهنجي چوڻ تي عدالت پنهنجو فيصلو نٿي بدلائي سگهي” جج چيو.
“پر…”
“خاموش! عدالت پر ور ڪجهه به ٻڌي نٿي سگهي. اسان جو فيصلو ٿي چڪو آهي، عدالت پنهنجو فيصلو نٿي بدلائي سگهي. تون هتان هليو وڃ” هي جج جو آواز هو.
۽ هو هتان هليو ويو ڪنڌ جهڪائي، ٻانهون لڙڪائي ۽ شڪل کي بگاڙيندي.
۽ وري هڪ هفتي بعد!
هو عدالت ۾ داخل ٿيندي ئي جج جي طرف ڏسي ۽ چوڻ لڳو “هي شخص بيگناهه آهي، هن ڇوڪريءَ کي مون اغوا ڪيو آهي، ۽….”
“خاموش! جج چيو “تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، دراصل توکي هن ڳالهه جو يقين ٿي ويو آهي ته تو ڪوبه گناهه نه ڪيو آهي، عدالت اهڙين بي مقصد ڳالهين تي يقين نه ٿي ڪري سگهي. تون يڪدم هتان نڪري وڃ، نه ته پاڳل خاني موڪلي ڇڏينداسين”
۽ هو وري اُڀو ٿي ويو “ڇا حقيقت جو اظهار ئي ديوانگي آهي. ڇا ڏوهه قبول ڪرڻ به ديوانگر آهي، ڇا…”
“خاموش! عدالت تنهنجي ڳالهين مان بيزار ٿي چڪي آهي. تون يڪدم هتان هليو وڃ نه ته عدالت کي ڪا ٻي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، عدالت اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي. تون هتان نڪري وڃ”
هو هڪ دفعو وري عدالت مان نڪري ويو. ڪنڌ جهڪائي، ٻانهون لڙڪائي ۽ منهن لٽڪائي.
۽ ٻي ڏينهن صبح هو بازار ويو، اُتان هن هڪڙو خنجر خريد ڪيو، ڌار تيز ڪرائي ۽ هڪ گليءَ ۾ وڃي هڪ بيگناهه معصوم ٻار جي پيٽ ۾ ڇرو گُهپائي ڇڏيو. اتفاق سان هن کي ڪنهن به نه ڏٺو. هو رت لڳل ڇريءَ سوڌو عدالت ۾ حاضر ٿيو ۽ ويندي ئي چوڻ لڳو “مون هڪ ٻار جو قتل ڪيو آهي، هڪ معصوم ٻار جو قاتل آئون آهيان، مونکي گرفتار ڪيو، مون تي ڪيس هلايو ۽ مونکي ڦاسيءَ جي سزا ڏيو”
جج جڏهن چوٿون دفعو هن کي عدالت ۾ ڏٺو ۽ ڏسندي ئي چوڻ لڳو “تون خاموش رهه، عدالت کي معلوم آهي ته تون هي چوڻ آيو آهين ته تو ڪو جرم ڪيو آهي، تون واقعي چريو آهين، اهڙن ماڻهن جي جاءِ پاڳل خانو آهي”
جج سپاهين کي حڪم ڪيو ته “هن شخص کي پاڳل خاني وٺي وڃو، هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي”
ٻن پهلوان سپاهين هن کي پڪڙيو ۽ هن کي ٻاهر گهلڻ لڳا. هو کلڻ لڳو ۽ هن چيو “خدا جو شڪر آهي، آخر منهنجي محنت ضايع نه ٿي، آئون ڪيترو نه خوش نصيب آهيان جو منهنجي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو مسئلو حل ٿي ويو”
هن اطمينان جو ساهه کنيو ۽ سپاهين سان گڏ عدالت مان نڪري ويو جتا هو ڪيترائي ڀيرا نااميد ٿي ٻاهر نڪتو هو.
پر اڄ هو خوشيءَ مان وڃي رهيو هو فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري.