بلاگنئون

دنيا جي خبرن ۾ شام جي باغين جي ڪاميابي

فلسطين ۽ لبيا ۾ اسرائيلي ظلم و بربريت جون خبرون گردش ۾ ھيون جو شام ۾ حياتِ تحرير الشام نالي جنگجو گروپ ابو محمد الجلالي جي اڳواڻي ۾ نيٺ خطي جي حالتن مان فائدو وٺندي اسرائيلي سھڪار سان شام کي فتح ڪري صدر بشار الاسد کي فرار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ھن حيران ڪندڙ تبديلي تي دنيا جي ڪيترن ملڪن سميت عرب حڪمرانن ۽ خاص ڪري ايران جون اکيون کولي ڇڏيون آھن. بلاشڪ مسلم ملڪن کي ايڪو نه ڪرڻ سبب دشمن قوتون غلبو حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي مطلب واريون حڪومتون قائم ڪرڻ واري پاليسي ۽ خواھشن جي ڪاميابي تي خوش ٿيون آھن. شام سدائين بغاوتن جو شڪار رھڻ ڪري اتي جي معاشي حالتن ۾ تنگدستي عوامي بيچيني رھڻ لڳي ھئي جنھن ۾ اندروني طور فوج کي پريشاني لاڳو ٿي چڪي ھئي، پر پوءِ به بشار الاسد جي حڪومت حاوي رھي.

ٻئي طرف اسرائيلي حملن ۾ حزب اللہ جي مجاھدن جي مارجڻ بعد جھڙوڪر شام طرف پيش قدمي ۾ آساني جو دور شروع ٿي ويو، ڇو جو روس جيڪو شام جو حمائتي ملڪ رھيو ھو، سو يوڪرين سان جنگ ۾ ڦاسي ٺڳڻ سبب پنهنجن مسئلن ۾ قابو ٿي چڪو ھو ۽ ايران مٿان به سختيون ۽ جنگ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل رھيا آھن ھن مامري تي ترڪي جو به ڪردار باغين جي ساٿ ۾ رھندي ڏسڻ ۾ آيو. اھڙي حالتن مان باغين کي موقعو فراھم ڪيو ويو ته اھي شام طرف پيش قدمي ڪن. جديد ھٿيارن، ٻي فوجي مدد سان ۽ خاص سھولتڪاري سان ليس باغين جڏھن شام جي شهرن تي حملا ڪيا تڏھن شامي فوج سندن دٻاءُ کي برداشت نه ڪندي پٺتي ھٽڻ مناسب سمجهيو يا ھٿيار ڦٽا ڪري باغين جي فتح کي آسان ڪري ڇڏيو. ھن وہم گمان ۾ نه ايندڙ تبديل ٿيل صورتحال 15 سالن کان صدر رھندڙ بشار الاسد کي فرار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. دمشق جا رستا، چوواٽا، ايئرپورٽ، سرڪاري عمارتون باغين جي ڪنٽرول مان ٻڌايون وڌايون وڃن ٿيون.

شام ۾ اقتدار جي تبديلي سان ميڊيا جي خبرن ۾ به نمايان تبديلي ٿيڻ ڪري اها باغين جي حمايت ۾ بيان بازي ڪندي ٻڌجي ٿي. ھن تبديلي دوران باغين پاران افسوسناڪ حملا ڪري ايراني سفارتخاني کي تباھ ڪيو ويو آھي. شھرن ۾ ھٿيارن سان ڇتي فائرنگ ٿي رھي آھي خوف ۽ بيچيني جي فضا پيدا ٿي چڪي آهي، لڏپلاڻ به ٿيندي ڏسجي ٿي. انھيءَ دوارن صدر بشار الاسد جنهن جهاز ۾ ملڪ مان نڪري رھيو ھو ان جهاز جو  اڃان تائين پتو نه پئجي سگهيو آھي ھن بابت ڪي چون ٿا ته جهاز ڪٿي تباھ ٿيو يا مشينري جي خرابين سبب ڪنهن نامعلوم ھنڌ تي ڪِري پيو  آھي. اھڙيءَ ريت اسد جي خبر اڃان پئجي نه سگهي!؟

عوام رستن تي اسد جي حڪومت جي خاتمي تي خوشيءَ جا مظاهرا ڪرڻ لڳا آھن. شام ۾ ٿيل نه هن تازي تبديل ٿيل صورتحال تي جتي ايران لاءِ لمحه فڪر ٿيندو اتي خاص طور عرب بادشاھ لاءِ به ھي تبديلي جھڙوڪر پيغام سمجهيو وڃي. ان مان اھو به اندازو ٿئي ٿو ته آمريڪا جيڪو چوي ٿو “اسان جو شام م تبديلي سان ڪو واسطو نه آھي” البته اھو ابتو سمجھندي چئي سگهجي ٿو ته آمريڪا پنهنجي سھولتڪاري، سازشن ۽ چالبازين سان پنهنجي مفادن واريون حڪومتون قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندو ضرور آھي.

بهرحال شام جي نئين قيادت کي عوام ۽ مسلم ملڪن سميت دنيا جي امن سلامتي ڀائيچاري وارن ناتن لاءِ ھٿ وڌائڻ گهرجي. خاص ڪري ايران سان امن سلامتي واري حالتن ۾ ھٿ وڌائي اتحاد کي پختو ڪرڻ طرف قدم کنيا وڃن. اھڙي ريت شام جي عوام لاءِ معاشي حالتن ۾ بهترين، خوشحالي ۽ ترقي جا قدم کڻڻ کي اوليت ڏني وڃي.