بلاگنئون

سنڌ پوليس جا جڙتو مقابلا، سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي!!

سنڌ ۾ هن وقت مختلف قسمن جا مقابلا هلندڙ آهن. هڪ طرف وڏن ماڻهن پاران ميلا  لڳائي، ملھه پهلوانن جا ملھه مقابلا، گهوڙا ڊوڙائڻ جا مقابلا، ڀلا ڍڳا ڊوڙائڻ جا مقابلا ڪرايا پيا وڃن. ان کانسواءِ پکين کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڏا ماڻهو، ڪڪڙن جا ميل ڪرائي رهيا آهن. ايترو ڪجهه ڪرڻ جي به وڏن ماڻهن ۽ رياست جي رکوالن جي دل خوش نٿي ٿئي ۽ طاقت جي نشي ۾ اچي پوليس کي بڇ ڪري، مبينا ڪوڙا مقابلا ڪرائي، پوليس هٿان ماڻهو مارائڻ جي خطرناڪ موسم به هلي رهي آهي. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ شر برادري سان تعلق رکندڙ ٽن ڳڀرو نوجوانن کي ڪوٽ لالو ڀرسان پوليس جو مبينا ڪوڙو مقابلو ڏيکاري بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. مارجي ويل (قتل) نوجوانن ۾ غلام مجتبيٰ شر، مولا بخش شر ۽ عاقب شر شامل آهن. اهڙي خبر باهه جيان علائقي ۾ پکڙجي وئي. مٽن مائٽن ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، هر اک آلي ۽ چهرو غمزده نظر اچي رهيو هو. صورتحال ظاهر ڪري رهي هئي ته هي ڪو عام غريب ماڻهن جو پاڻ ۾ مقابلو نه آهي، پر هي عوام جي ووٽ تي ايم پي اي ٿيندڙ شوڪت راڄپر ۽ عوام درميان مقابلو (تڪرار) سامهون آيو آهي ۽ اهو تڪرار زمين تان ڪافي عرصي کان هلندڙ ٻڌايو ويو آهي. ان حوالي سان هن کان اڳي شر برادري جي گهرن کي باهيون ڏيڻ، مال ڪاهڻ، زمينن تي قبضا ڪرڻ جهڙيون خبرون سامهون اچي چڪيون آهن. جڏهن ته مارجي ويل نوجوانن سان ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر جي ڪيل ڳالهه ٻولهھ مبينا طور تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو شرن کي ڌمڪائيندي چئي رهيو آهي ته ڪنهن تي کڻي هزار ڪيس داخل هجن مون وٽ اچي سگهي ٿو. مون وٽ ڪشمور، بلوچستان، سانگهڙ ۽ پنجاب جا ڏوهاري رهيا پيا آهن ته ڇا هي ڪو مسئلو ناهي. اوهان کي ڪهڙي طاقت آهي زمين تي اچي ته ڏسو. ان کانسواءِ ڪوٽ لالو پوليس اهلڪار پرويز شر ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽن نوجوانن کي مارڻ وارو مقابلو ڪوڙو آهي. منهنجي سامهون ايس ايڇ او نورالدين کونهاري، مولا بخش شر ۽ عاقب شر ۽ غلام مجتبيٰ شر کي گهرائي زبردستي شراب پياري پرائيويٽ ماڻهن هٿان گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ مون تي پسٽل کڻي بيهي رهيو، سندس چوڻ مطابق هو اتان ڀڄي نڪتو. جڏهن ته وڪيل ارشد شر چيو آهي ته شر برادري سان تعلق رکندڙ ٽن نوجوانن جو ناحق ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سنڌ جاڳندي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پوليس هٿان وڌيڪ نوجوان قتل ٿيڻ کان بچي ويندا. ٻئي طرف ان واقعي کانپوءِ هر باشعور ماڻهو سخت ڪاوڙيل ۽ سراپا احتجاج آهي. ٻئي طرف پوليس جي مبينا ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن، سياسيي سماجي اڳواڻن وڪيلن هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي سخت سيءَ ۾  مهراڻ هاءِ وي ڌرڻو ڏنو هو. ڌرڻي وارن سان ڳالهيون به ٿيون جيڪي ناڪام ٿي ويون. مضمون موڪلڻ تائين ڌرڻو جاري هو ۽ ڌرڻي وارن جو چوڻ هو ته نوجوانن کي ايم پي اي شيراز شوڪت راڄپر ۽ ايس ايڇ او نورالدين کونهاري قتل ڪيو آهي. انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ مُئي مارائي کانسواءِ ڌرڻو ختم نه ٿيندو. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي مارجي ويل ٽنهي نوجوانن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڏکوئيندڙ خبر اها به آهي ته گارڊن ويسٽ ڪراچي جي هڪ معصوم نياڻي روئڻهارڪي ٿي ٻڌايو آهي ته منهنجا ٻه ڀائر چار ساله عاليان ۽ ڇھه ساله علي رضا هڪ سال کان گم آهن، حڪومت ۽ پوليس ڪجهه نٿي ڪري. ان کانسواءِ قاسم آباد حيدرآباد جي رهواسي پرائمري ماستر ياسين لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سندس ٻن پٽن نالي اڪبر ۽ وسيم کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو پٽن کي ڇڏڻ جا 14 لک رپيا گهري رهيو آهي. هن وڌيڪ روئندي چيو آهي ته پوليس بيگناهه سندس پٽ کڻي گم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن پنهنجي پٽن کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.