حڪومت جي ايمنسٽي اسڪيم مان 81 هزار ماڻهن فائدو حاصل ڪيو
حڪومت پاران متعارف ڪرايل ايمنسٽي اسڪيم مان 81 هزار ماڻهن فائدو حاصل ڪندي قومي خزاني ۾ هڪ ارب 67 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ۽ ڏنڊ طور جمع ڪرايا آهن. هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2018 مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا بعد ۾ وڌائي 28 فيبروري 2019 رکي وئي هئي. هن ڏس ۾ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيم جي ختم ٿيڻ باوجود 6 لک 13 هزار 2 سئو 13 غير پگهاردار آڊٽ ڪيس زير التويٰ آهن.

