خاصنئون

 وزيراعظم عمران خان سنڌ جي ٻن هندو ڇوڪرين جي اغوائن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اطلاعات ۽ نشريات واري وزير فواد چوڌري پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم، وزيراعليٰ کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سنڌ مان اغوا ٿيل ٻن هندو ڇوڪرين جي باري ۾ اطلاع آهي ته اهي ٻئي رحيم يار خان ۾ موجود آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته انهن کي ترت بازياب ڪرايو وڃي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سنڌ ۽ پنجاب حڪومت کي اها هدايت به جاري ڪئي آهي ته هن معاملي تي گڏيل حڪمت عملي جوڙين ۽ سنڌ حڪومت اهڙن واقعن خلاف بهتر ڪارروائي ڪري. پاڪستان ۾ اقليتون اسان جي قومي جهنڊي جو اڇو رنگ آهن ۽ اسان کي پنهنجا سڀ رنگ عزيز آهن ۽ پنهنجي جهنڊي جي حفاظت اسان جو فرض آهي.