خاص

سنڌ ۾ ڪورونا جا 104 نوان ڪيس، 6 ڄڻا فوت، متاثر علائقا سيل ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ ڏينهن ۾ 104 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڪورونا ڪيس وڌڻ سبب ڪراچي اوڀر ضلعي جون 11 يوسيز سيل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن ۾ واپس ورتو ويو. اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪنهن به يونين ڪائونسل کي سيل نه ڪيو ويندو، سڄي سنڌ جي انهن علائقن/پاڙن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪورونا کان متاثر آهن. وڏي وزير پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته 104 ڪيس گڏيل طور ڪيل ٽيسٽن جو 20 سيڪڙو آهن. هن چيو ته اسان 531 ٽيسٽون ڪيون، جن مان 104 ٽيسٽون پازيٽو آيون آهن. موجوده انگن اکرن مان ظاهر پيو ٿئي ته صورتحال خراب ٿي رهي آهي ۽ ان معاملي ۾ اهم ڳالهه لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل نه ٿيڻ آهي. هن چيو ته ملير ۾ لاڪ ڊائون گهڻو ڪمزور هو، جنهنڪري مون وڌيڪ سختي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. ان کانسواءِ حيدرآباد ۾ به ڪيس وڌي رهيا آهن تنهنڪري لاڪ ڊائون سخت ڪري رهيا آهيون