جيستائين خطو ڪنهن استحڪام جي قابل ٿئي، تيستائين اسان اهڙي شڪ شبهي جو شڪار رهندا اينداسين، معنيٰ جيستائين اهي پاڙيسري خطا ۽ ملڪ ترقي نه ڪندا، تيستائين اسان ٽين دنيا جا ملڪ ائين ئي دشوارين ۾ هونداسين ۽ رهنداسين. اها به حقيقت آهي ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ چين هڪ ترقي يافتا ملڪ به آهي، وري روس اسان جي مدد لاءِ تيار رهندو ٿو اچي، هڪ ڀارت آهي جيڪو اسان جي حق ۾ ناهي يا (اسان ان جي حق ۾ ناهيون)، پر افغانستان جي مدد لاءِ ته اسان هر وقت ثواب ڪمائڻ خاطر آتا هوندا آهيون. ان حقيقت کان نظرون چورائي نٿا سگهون يا جي اک ٻوٽ ڪنداسين ته شيون صحيح ٿي وينديون. ائين چئون ته ڪبوتر جيڪڏهن اکيون ٻوٽيندو ته ٻلي هلي ويندي، قطعن نه، پر خطو پوءِ به مسلسل پريشانيءَ جو شڪار رهندو ايندو. اسان جي ملڪن جا ريگيوليٽر ته مغربي ملڪ ئي آهن، اسان جي شين تي ضابطو ته مغرب جو آهي، پوءِ اها ايٽمي طاقت جي ڳالھ هجي، يورينيم جي پروليفريشن جي سائنس هجي، فيٽف (فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس) جي ڳالھ هجي، امدادن جي ڳالھ هجي، يو اين او وٽ ڪشمير جي ڪيس پيش ڪرڻ جي ڳالھ هجي، ڪشمير ۾ يونائيٽيڊ نيشنز جي ريفرينڊم جي ڳالھ هجي، آءِ ايم ايف جي ڳالھ هجي، يو ايس ايڊ جي تعليمي منصوبن جي ڳالھ هجي، يونيسيف جي تعليمي امدادن جي ڳالھ هجي، ڊبليو ايڇ او جي صحت جي لاءِ اپائن جي پريشرن جي ڳالھ هجي، ڪووڊ جي ڳالھ هجي يا ويڪسينيشن وغيره جي ڳالھ هجي. پوءِ اهي سڀ ڪنٽرول ۽ ممڪنه ضابطا سواءِ يورپ جي ڪنهن مشرقي ملڪ جي هٿ وس ناهن. ساڳي ڳالھ ته عرب ملڪن جا اختيار ۽ ايشيائي ملڪن جا ضابطا اسان جي مُٺ ۾ ناهن ته پوءِ اسان جا اهي ضابطا ڪير طئي ڪندو، ڪنهن جي آسري آهيون، جو اسان جي حال تي رحم ڪندو يا اسان جي شاندار ماضي کي ڏسي شرمندا ٿيندا. اسان جي مستقبل جو احساس ڪندا، جو افغانستان جي حالتن جي ڪري اسان جي نسلن جي تعليم، تربيت، معاشي حالتون، معاشرتي بيهڪون سڀ صحيح ٿي وينديون؟ اسان کي مڃڻ وارا مغربي ملڪ چوندا ته هاڻي افغانستان ۽ پاڪستان صحيح ٿا ڪن، سڀ ممڪن ڪري ويا آهن يا آخر تقابلي جائزو ڪهڙن بنيادن تي ورتو وڃي؟ جنهن تي جي پورو لهون ته مغربي دنيا مڃيندي (ڇو ته انهن جي هٿ ۾ اسان جي هر شيءِ قبض آهي) پوءِ اهي ڪڏهن اسان جي شين جي پيماني کي انصاف جي نظر ڏسندا يا انهن ملڪن کي اسان تي رحم ڪڏهن ايندو، آخر ڪڏهن ۽ ڪهڙي صورت؟