جيستائين خطو ڪنهن استحڪام جي قابل ٿئي، تيستائين اسان اهڙي شڪ شبهي جو شڪار رهندا اينداسين، معنيٰ جيستائين اهي پاڙيسري خطا ۽ ملڪ ترقي نه ڪندا، تيستائين اسان ٽين دنيا جا ملڪ ائين ئي دشوارين ۾ هونداسين ۽ رهنداسين. اها به حقيقت آهي ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ چين هڪ ترقي يافتا ملڪ به آهي، وري روس اسان جي مدد لاءِ تيار رهندو ٿو اچي، هڪ ڀارت آهي جيڪو اسان جي حق ۾ ناهي يا (اسان ان جي حق ۾ ناهيون)، پر افغانستان جي مدد لاءِ ته اسان هر وقت ثواب ڪمائڻ خاطر آتا هوندا آهيون. ان حقيقت کان نظرون چورائي نٿا سگهون يا جي اک ٻوٽ ڪنداسين ته شيون صحيح ٿي وينديون. ائين چئون ته ڪبوتر جيڪڏهن اکيون ٻوٽيندو ته ٻلي هلي ويندي، قطعن نه، پر خطو پوءِ به مسلسل پريشانيءَ جو شڪار رهندو ايندو. اسان جي ملڪن جا ريگيوليٽر ته مغربي ملڪ ئي آهن، اسان جي شين تي ضابطو ته مغرب جو آهي، پوءِ اها ايٽمي طاقت جي ڳالھ هجي، يورينيم جي پروليفريشن جي سائنس هجي، فيٽف (فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس) جي ڳالھ هجي، امدادن جي ڳالھ هجي، يو اين او وٽ ڪشمير جي ڪيس پيش ڪرڻ جي ڳالھ هجي، ڪشمير ۾ يونائيٽيڊ نيشنز جي ريفرينڊم جي ڳالھ هجي، آءِ ايم ايف جي ڳالھ هجي، يو ايس ايڊ جي تعليمي منصوبن جي ڳالھ هجي، يونيسيف جي تعليمي امدادن جي ڳالھ هجي، ڊبليو ايڇ او جي صحت جي لاءِ اپائن جي پريشرن جي ڳالھ هجي، ڪووڊ جي ڳالھ هجي يا ويڪسينيشن وغيره جي ڳالھ هجي. پوءِ اهي سڀ ڪنٽرول ۽ ممڪنه ضابطا سواءِ يورپ جي ڪنهن مشرقي ملڪ جي هٿ وس ناهن. ساڳي ڳالھ ته عرب ملڪن جا اختيار ۽ ايشيائي ملڪن جا ضابطا اسان جي مُٺ ۾ ناهن ته پوءِ اسان جا اهي ضابطا ڪير طئي ڪندو، ڪنهن جي آسري آهيون، جو اسان جي حال تي رحم ڪندو يا اسان جي شاندار ماضي کي ڏسي شرمندا ٿيندا. اسان جي مستقبل جو احساس ڪندا، جو افغانستان جي حالتن جي ڪري اسان جي نسلن جي تعليم، تربيت، معاشي حالتون، معاشرتي بيهڪون سڀ صحيح ٿي وينديون؟ اسان کي مڃڻ وارا مغربي ملڪ چوندا ته هاڻي افغانستان ۽ پاڪستان صحيح ٿا ڪن، سڀ ممڪن ڪري ويا آهن يا آخر تقابلي جائزو ڪهڙن بنيادن تي ورتو وڃي؟ جنهن تي جي پورو لهون ته مغربي دنيا مڃيندي (ڇو ته انهن جي هٿ ۾ اسان جي هر شيءِ قبض آهي) پوءِ اهي ڪڏهن اسان جي شين جي پيماني کي انصاف جي نظر ڏسندا يا انهن ملڪن کي اسان تي رحم ڪڏهن ايندو، آخر ڪڏهن ۽ ڪهڙي صورت؟
لڳي ائين ٿو ته جيستائين اسان مسلمان آهيون تيستائين اسان شدت پسند آهيون، دهشت پسند آهيون، جهادي تنظيمون پاليون ٿا، اسان جي ڪري مغرب جي ذهنن ۾ اسلامو فوبيا رهندي ايندي ۽ اسين اهو سمجهون ٿا ته اهي اسان جا سڄڻ ناهن ۽ انهن جي پاليسين تي هلي اسان دنيا ۽ دين جي پوئيواري نه ڪري سگهنداسين. اسان ته اهو طئي ڪيو آهي ته اهو سڀ ڪرڻو آهي، پوءِ جيڪي دنيا جي ٿنڪ ٽئنڪ آهن، جيڪي اهو به سمجھن ٿا ته مسلمان هنن جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهن ته پوءِ اهي به غلط ناهن، پر وچٿري پاليسي ڪير آڻيندو؟ آمريڪا جي سڄي عمر يا تا قيامت اهڙي پاليسي کڻي هلي، جنهن ۾ هي رڳو مسلمانن جي گروهن تي تهمتون هڻي، انهن کي تباھ ڪندي رهندي، جنهن جي نشاني تي جي طالبان آهن يا طالبان سي آءِ اي جي اشاري تي اندروني پاليسي هلي ٻي ۽ ٽين دنيا جي ماڻهن کي بيوقوف ڪندا رهن ٿا ته انهن جي اهڙي چال کي ڪير پڄندو؟ اهو ڪيئن چئون ته هاڻي روس جي انٽيليجنس سروسز (ايس وي آر يا ڪي جي بي) انهن طالبان جي پٺڀرائي ٿي ڪري، پر قطعن ائين ناهي، ڇو ته 1952، 1967، 1980، 2001 ۽ هاڻي طالبان جي پٺڀرائي ڪري سي آءِ اي مسلسل پوسٽ ڪولڊ وارز جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف افيئرس گذريل سال جي آخري هفتي ۾ هڪ ويبنار سڏرايو هو جنهن ۾ ”اناٽول ليون“ جيڪو ”ڪئينسي انسٽيٽيوٽ فار ريسپانسيبل اسٽيٽ ڪرافٽ“ واشنگٽن ۾ هڪ سينيئر ريسرچر آهي. هي 1980 ۾ مجاهدين سان صحافي جي طور تي ڪم به ڪري چڪو آهي، ان کانپوءِ هي افغانستان جو مسلسل وزٽ به ڪندو رهيو آهي. معنيٰ هي افعانستان جي حالتن ۽ واقعن جو اکين ڏٺو شاهد به آهي، هن جي آڏو اهي سڀ سي آءِ اي جون ڪارروايون به ٿينديون رهيون آهن. هن جي اکين جي آڏو اهي ڪميونسٽ پارٽي، ڪڏهن طالبان نظريي جون حڪومتون، ڪڏهن آءِ ايس آءِ جي هٿان طالبان جي گھڙت ۽ سي آءِ اي جون امدادون به پڳيون آهن، هن جي آڏو اهي افغانستان جون حالتون گذريل 34 سالن کان هلنديون ٿيون اچن. مطلب ته ايترين ڪوششن جي باوجود به روس جي مداخلت يا امداد جي باوجود، لوڪل ايجنسين جي همت ۽ مسلسل اچ وڃ جي باوجود به يا جيڪي سي آءِ اي جا ايجنٽ اتي افغانستان ۾ 30 سال هڻي ويا ته به ڪجھ نه ٿيو. انهن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ته اهي افغانستان جون حالتون بهتر ڪن، نئين افغانستان جو بنياد رکن. انهن جي ڪوششن ۾ اهو به هو ته اتان جو 18 ڪروڙ آبادي وارو افغان ملڪ تعليم، ترقي، معاشي طور تي پاڻ ڀرو ٿئي، اهي افغاني معاشرتي ليول تي هنن جي پٺڀرائي ڪن، ماڻهن (طالبان) جي زندگي ”اپ لفٽ“ ڪن، ترقي جا ڄار وڇائين، ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪن، ماڻهن ۾ علم جي روشني بيدار ڪن، پر حقيقت ۾ افغان باشندا پاڻ ئي نٿا چاهين ته انهن جي ڪا ڀلائي ٿئي، انهن جي ڪا ترقي ٿئي، پر ٿيو ڪجھ به نه. ڀلا جي روس جي ”ڊس انٽيگريشن“ کانپوءِ ته افغان نسل مڙئي ڪجھ بيدار ٿيو هوندو، ماڻهن ۾ شعور وڌيو هوندو، ماڻهن ۾ اسلامائيزيشن ڀلي وڌي، پر شدت ته گھٽي هوندي. ماڻهن ۾ مغرب جي لاءِ نفرت گھٽجي وئي هوندي، پر هي اهو نسل آهي جيڪو آمريڪي پاليسين کان انڪاري آهي، پر انهن کي ڊالرن واري امداد ڀلي ٿي لڳي. هي سڀ جا سڀ سي آءِ اي جي اشاري تي آهن، هِتي (افغانستان) ۾ هڪ مخصوص طبقو آهي، جيڪو هٿيارن جي راند رچائڻ ۾ خوش آهي، انهن جي نظر ۾ ويڙهاند ئي آخري حل آهي، پر ڪيستائين؟ هو عام ماڻهن جي حق ۾ ناهن يا عام افغاني هنن جي حق ۾ ناهي يا ڪير چاهي ٿو ۽ ڪير نٿو چاهي ته انقلاب اچي يا اسلام جي ڪهڙي صورت هجي. جيڪي پاڪستان ۾ مدرسا به هلائين ٿا، پاڪستان ۾ ملائيت به ڦهلائين ٿا، جيڪي 8 لک افغاني طالبان ڀڄي اچي پاڪستان جي بارڊر تي پهتا آهن، ڇا اهي افغاني نسل ناهن؟ يا جيڪي اسمگلنگ جي بهاني، هٿيارن جي راند رچائي اسان جا بارڊر اڪري اچڻ ۾ آتا آهن، انهن جو دين ٻيو آهي؟ ڇو ته ايران جي انقلاب جو جز الڳ هو، پر هنن جي انقلاب جو جز ڪهڙو هو (۽ آهي) جيڪو اسلامائيزڊ انقلاب پاڪستانين کي نٿو وڻي يا ڳچ افغاني ان حق ۾ ناهن، جيڪو هر انهيءَ افغاني کي نٿو وڻي، جيڪو هتي اچي پاڪستاني ٿيڻ لاءِ تيار آهي يا ساڳيو افغاني جرمني وڃي اتان جي 2400 ويزائن ۾ خوش آهي يا پاڙيسري سڀني ملڪن ۾ ڀڄي وڃڻ چاهي ٿو ته هو اتي رهي، پر افغانستان ۾ نه رهي.
ائين به آهي ته اهي افغاني سي آءِ اي کي پاڻ ميدان مهيا ٿا ڪن ته اهي آمريڪي ڪالوني ٺاهي وجھن يا سڀاڻي اهي ائين سي آءِ اي کي دعوت ڏين جيئن هاڻي آمريڪا ترڪيا کي دعوت ٿو ڏئي ته اهي ڪابل جي ايئرپورٽ کي قبضي ۾ وٺن ته جيئن آمريڪا کي ڪا تڪليف نه ٿئي ته اهي سڀاڻي خطي ۾ پنهنجا هٿيار آساني سان پڄائي سگهن. روايتي طور تي افغان طالبان ٻئي پاسا ٿا وهن ته جيئن افغان طالبان کي نالي ماتر قبضا به ڏين غير- طالبان ۽ پُرو- افغان ۾ به فرق ڪري سگهن ۽ آمريڪي پنهنجا مقصد خطي ۾ پورا ڪندو رهي، ڇو ته 197 افغاني ضلعن ۾ آمريڪا به طالبان کي ڏسڻ نٿو چاهي، وري ترڪيا جي مدد سان ايئر اسٽرائيڪ به ڪري سگهي ٿو. (حالانڪه ترڪي رشيا جو حمايتي آهي ۽ آمريڪا جي ڪنهن به اتحاد ۾ ناهي) اها به حقيقت آهي ته افغانستان ۾ رڳو افغان طالبان ۽ پُرو- طالبان کانسواءِ به ٻيا مذهبي، ڪميونسٽ گروهه ۽ رشين حمايتي گروهه به آهن، جن جي پالنا ڪري سي آءِ اي وري افغانستان ۾ پير پختا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته انهن جي مدد ڪري طالبان حمايتي سياست اڀاري، ڪمزور ئي سهي، پر پنهنجي مرضيءَ سان سياسي تبديليون آڻي سگهي، ڇو ته اتي موجود هزاره، پنجشيرز طالبان جي قبضي ۾ ڪڏهن به نه ايندا، ان ڪري وري اهڙن گروهن ۽ صوبن جي مدد ڪري سي آءِ اي جي پوسٽ ڪولڊ وار رهندي ايندي، ڇو ته سڄو افغانستان طالبان جي حوالي ڪري به افغانستان کي بين الاقوامي سپورٽ ملي نه سگهندي، ان ڪري لڳي ائين ٿو ته اڃان گهڻو عرصو مليل جليل رجحان سان افغانستان کي ساڳئي نموني ئي هلايو ويندو.