قرآن مجيد ۾ واضح حڪم آهي ته ھڪ انسان جو قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل آهي. ان جي باوجود ماڻهو ماڻهوءَ کي مارڻ ۾ خدا جو خوف نٿو ڪري ظلم، جبر، ڏاڍ مڙسي ۽ ناانصافيون اسان جي سماج کي ماڪڙ جيان کائي چٽ ڪري رهيون آهن. خاص طور تي لکيل پڙهيل ماڻهن جو قتلام سنڌ جي شعور کي ڳڙڪائي رهيو آهي. 2023ع ۾ پروفيسر اجمل ساوند کي شهيد ڪيو ويو هو، پئرس مان (پي ايڇ ڊي) ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ تعليم جي لاٽ ٻارڻ لاءِ وڏا وڏا خواب کڻي آيو هو، پر قبيلائي تڪرار جي ور چڙهي ويو ۽ کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو.
جڏهن ته اجمل ساوند جو ان قبيلائي تڪرار سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعلق نه هو کيس هڪ وڏي سازش تحت قتل ڪيو ويو اڃان ان جو درد دل مان جهڪو ئي نه ٿيو هو ته سنڌ ڌرتيءَ جي امن واري ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ دريا خان جلباڻي ۾ باشعور ۽ خانداني رئيس ڊاڪٽر نور محمد خان جلباڻي جي پٽ ۽ حاجي ذوالفقار خان جلباڻي جي ڀاءُ پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي کي پنهنجي سئوٽ بي دردي سان گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندو هو. هن پنهنجي ڊگريءَ جو غلط استعمال ڪندي بنگلي تي ويهي پنهنجي ڪورٽ قائم ڪندي 26 ڊسمبر جي رات پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي کي پستول جون گوليون هڻي فرار ٿي ويو، کيس ايترو به رحم نه آيو ته سندس معصوم ٻارڙن جو ڇا ٿيندو آخر رت کي باهه ڇو لڳي جيڪڏهن ڪو ٻني ٻاري جو مسئلو هو ته وڏن سان ويهي حل ڪري پئي سگهيو يا قانوني طور ڪيس ڪري پنهنجي وارثيءَ جو حق وٺي پئي سگهيو، پر ان وحشي ظالم هڪ پروفيسر کي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس ويڙهو ئي ويران ڪري ڇڏيو. اهو نه صرف ان خاندان جو پر پوري سنڌ جو نقصان آهي.
قتل ٿيل پروفيسر ڪراچي اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ انجنيئر هو سندس بيواھ سمرا جلباڻي انصاف جي منتظر آهي. سندس معصوم ٻارڙا بابا بابا ڪري سڏي رهيا آهن، پر ان کان وڌيڪ افسوس ان ڳالهه تي آهي ته ڏيڍ مهينو گذرڻ کانپوءِ به پوليس قاتل کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي. جنهنڪري سول سوسائٽي توڙي سندس گهرواري عدت ۾ هوندي به سوشل ميڊيا تي وڊيو ذريعي انصاف جي گهر ڪندي نظر اچي ٿي. سندس دردن جي دانهن جا پڙاڏا ۽ سڏ آخر ڪير ڇو نٿو ٻڌي، غمگينن جي غمن جو تدارڪ آخر ڪير ڪندو؟ ايس پي سنگهار ملڪ، پروفيسر جي تڏي تي پهچي کين يقين ڏياريو ته جلد قاتل کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻبو، پر سندس اهو واعدو ڪڏهن وفا ٿيندو؟ ايڪويھين صدي ۾ جتي چين جھڙي شھر ۾ مزدورن جي جڳهه تي روبوٽس جو ساڳي نوعيت جيان ڪم ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سچائي ۽ محنتن سان ھر ھڪ شيءِ تبديل ڪري سگھجي ٿي ته پوءِ هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ پوليس کان هڪ ڏوهاري ماڻهو ڪيئن ڳجهو رهي سگهي ٿو. پروفيسر علي مرتضيٰ جهڙي باڪردار کي بيگناهه قتل ڪيو ويو. هو پنهنجي ننڍي فيمليءَ سان خوشحال زندگي گذاري رهيو هو. سندس خواب سنڌ جي عوام کي تعليم يافته ڪرڻ هو، سندس وني جيڪا هڪ باشعور عورت آهي. هن وقت ڏکايل هوندي به پنهنجو ڪيس مضبوطيءَ سان پيش ڪري رهي آهي. ائين پيو لڳي ته ڄڻ پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي پنهنجي ونيءَ کان تعليم ۽ تربيت جو آغاز ڪيو هجي هونئن به اسان جي ساهتي پرڳڻي ۾ جيڪي به رئيس ۽ وڏيرا آهن تن وٽ نياڻين جي تعليمي شعور ۽ فڪري سوچ اترين علائقن کان وڌيڪ آهي. پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي. جڏهن سوشل ميڊيا تي سندس قتل جون پوسٽون اکين اڳيان گذريون ته منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا.
ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ منهنجي گهر ۾ ڪهرام ٿيو هجي. آخر ڪيستائين ائين باشعور ڪونڌر ڪسندا رهندا. هڪ استاد جو قتل سلجهيل معاشري جو قتل آهي جيڪو شاگردن کي جڳ ۾ جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ٿو، ان کي ائين بيدرديءَ سان بنا ڪنهن ڏوهه جي ماريو وڃي اهو قتل سنڌ پوليس جي خراب ڪارڪردگيءَ جو کليل ۽ واضح ثبوت آهي. پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي جون تعليمي سرگرميون ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو نوجوانن کي همٿائي رهيو هو ته ھر ظلم جو حساب تعليم سان وٺي سگهجي ٿو. هن بچپن کان جوانيءَ تائين ڪيترائي اڻانگا سفر ڪيا هوندا ۽ ڪيتريون ئي حسرتون سندس سيني ۾ سمايل هونديون، پر قاتل سندس سيني ۾ گوليون هڻي حسرتن جي چمن کي اجاڙي ڇڏيو، سندس علمي ۽ شعوري دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو. پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي جهڙا انمول انسان ته صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، پر هن بدبودار سماج ۾ رهندڙ غير تربيت يافته ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته انمول هيرا ڪيئن پيدا ٿيندا آهن.
دنيا جي سڌريل ۽ مهذب سماج ۾ ته پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، دانشور، قلمڪار، وطن جا محافظ ۽ سڃاڻپ هوندا آهن جيڪي پنهنجن پنهنجن مورچن تان وطن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن. پروفيسر علي مرتضيٰ جو قتل دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي ٿو؟ ڇا پڙهيل لکيل ۽ پرامن تعليم يافته ماڻهن کي معمولي ڳالهين جي بنياد تي قتل ڪيو ويندو؟ ڪيستائين نوجوان ونيون پنهنجن ورن جي بيگناهه قتلن تي زنده لاش بڻجي جيئنديون رهنديون؟ ڪيستائين گولين جو کاڄ بڻجندڙ ڀائرن جي يادن کي ساري ڀينرون عمر ڀر ڳوڙها ڳاڙينديون رهنديون؟ ڪيستائين اولاد پنهنجي مٿان يتيميءَ جو داغ لڳائي پنهنجي پيءُ لاءِ پار ڪڍي روئيندو رهندو؟ هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پروفيسر علي مرتضيٰ جلباڻي جي قاتل کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي. ٻي صورت ۾ خدا جي عدالت قاتل سان گڏ انصاف ۾ ڪوتاهيون ڪندڙن کي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي سخت کان سخت سزا ڏيندي، ڇو ته مظلوم جو مددگار پاڻ خدا آهي.