اچو ته البانيا گهمون (قسط-11)
سٽي سينٽر تي سندرين جا سانگ
سٽي سينٽر، ترانا شهر جي جان آهي. البانيا جي گادي جو هنڌ ترانا جنهن جي ڪل پکيڙ 418 ڪلوميٽر اسڪوائر ۽ ڪل آبادي 418495 ماڻهن تي مشتمل آهي. هن جي اوڀر ۾ دجتي جبلن جو سلسلو آهي ته وري اُتر اولهه ۾ خوبصورت وادي آهي ۽ ٿوري ئي فاصلي تي وري ائڊرياٽڪ سمنڊ آهي. حيدرآباد جي لاهين چاڙهين جيان جبلن تي اڏيل هي شهر کليل وادين هئڻ سبب يورپ جي وڌ ۾ وڌ روشن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ هڪ سال ۾ 2544 ڪلاڪ سج جي روشني هجي ٿي ۽ وري سمنڊ جي ويجهو هئڻ سبب هن جو شمار يورپ جي وڌ ۾ وڌ گهميل آبهوا وارن شهرن ۾ ٿئي ٿو، هونئن ته هي شهر ڌاتوئي (Metallic age) دور جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي، پر هن شهر کي سڀ کان پهرين اوٽومين البانيئن جنرل 1614ع Syejman Posh Basgini ۾ ڳولي لڌو. اُن وقت هن شهر ۾ هڪ مسجد به تعمير ٿيل هئي. ترانا جي سٽي سينٽر تي جنهن وقت وڃو توهان کي رونق لڳل نظر ايندي. سٽي سينٽر کي الباني پنهنجي آزادي جي هيرو سڪندر بيگ جي نالي جي پويان الباني ٻولي ۾ Sheshi Skenderbej سڏين. هينئر تقريبن شام جا ساڍا ڇهه ٿيا آهن، پر جيئن ته آئون توهان کي اڳي ئي ٻڌائي آيو آهيان ته هتي سج تقريبن 4 يا 5 وڳي لهي وڃي ٿو، انهي ڪري ڏينهن ننڍا ٿين ٿا ۽ رات وڏي. تنهنڪري هتي رات جو منظر آهي. جيتوڻيڪ هينئر ڊسمبر جون شروعاتي تاريخون آهن ۽ ڪرسمس جو تهوار اڃا گهڻو پري آهي، پر پوءِ به ڪرسمس جون تياريون ۽ سرگرميون سڄي البانيا ۾ زور تي آهن. هونئن ته البانيا آهي ته مسلمانن جي اڪثريت وارو ملڪ ۽ ان ۾ عيسائين جو تعداد به ڪافي گهٽ، پر هتي جا ماڻهو مزاجن سيڪيولر يا مذهب کان پري آهن، تنهنڪري هتي ماڻهو ڪرسمس هجي يا ڪو ٻيو تهوار اُن کي مروجه سماجي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي طور ملهائين ٿا. اهو رواج هنن جي ابن ڏاڏن کان وٺي نسل در نسل هلندو اچي ٿو ۽ مذهب يا ٻيو ڪو عقيدو اُن ۾ ڪڏهن به حائل نه رهيو آهي.
سٽي سينٽر جي سڄي ايريا ۾ توهان کي سائي، اڇي ۽ ٻين رنگن ۾ ڪرسمس جا وڻ خوبصورت رنگ برنگي لائيٽن سان سينگاريل ۽ چمڪندا نظر ايندا. گهٽين يا رستن تي رنگين لائٽن جون جهالرون ٻري وسامي وري ٻري ماحول کي ائين رومانٽڪ بنائي ڇڏيو آهي، ڄڻ اُڀ مان تارا هيٺ لهي ڌرتي تي لڪ لڪوٽي راند کيڏي رهيا آهن. سانتا ڪلاز جي روپ ۾ ڳاڙها ۽ اڇا پشم نما لباس پاتل ڪئريڪٽر سٽي سينٽر جي مختلف جڳهين (Locations) تي ٻارن توڙي وڏن جي دل وندرائيندي نظر ايندا. هتي هڪ تمام وڏو ۽ اوچو اسٽيج به ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي مختلف ڪلائن سان لاڳاپيل فنڪار ماڻهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وقت بہ وقت پرفارم ڪندي نظر ايندا. ايڪو سائونڊ جي ڌماچوڪڙي ۾ جنهن کي وڻي ته سانتيڪو بيهي موسيقي جو مزو وٺي يا خود ڊانس ڪرڻ شروع ڪري ڏي، ڪير به ڪنهن کي ڪجهه نه چوندو ۽ نه ئي روڪيندو. هونئن به جديد تحقيق اِها ٿي آهي ته جيڪڏهن صحتمند رهڻ چاهيو ٿا ته روزانه ڊانس ڪريو ۽ کلو ۽ خوش ٿيو. منهنجي خيال ۾ هاڻي پاڻ بہ گهڻي معتبري جتائيسين، اچو ته لطيف چواڻي، ”ننگ ڇڏي نڪري پئون“ ۽ ڊانس ڪري ماحول جو مزو وٺون ۽ پاءُ رت جو بہ وڌايون. سٽي سينٽر تي آس پاس وري ننڍا وڏا دڪان سجايل آهن، جيئن پاڻ وٽ اڪثر ميلن ۾ هوندا آهن. هتي چانهه، ڪافي، جوس ۽ هلڪي ڦلڪي چٽي وارن کاڌن سميت رانديڪا، هئنڊي ڪرافٽس، زيور، ميڪ اپ جو سامان، پرس، چاٻين جا ڇلا ۽ البانيا جون کوڙ ساريون مقامي يا ثقافتي شيون ملي وينديون. ٻارن جي کيڏڻ توڙي وڏن جي وندر لاءِ جهلملائيندڙ رنگ برنگي لائيٽن سان سجايل جهولا به نظر ايندا جن تي دل چاھي تہ چڙهي آسمان ۾ اُڏامو ۽ ڏاڏي ۽ ناني جي ٻڌايل ڪهاڻين جيان هڪ ڀيرو ٻيھر آسماني پري کي ماڻڻ واري دنيا ۾ هليا وڃو.
ترانا جي سٽي سينٽر تي سال جو هر ڏينهن ڄڻ ميلو لڳو پيو آهي، اهڙو ميلو جهڙو دبئي جي گلوبل وليج ۾ نظر ايندو آهي، جنهن ۾ ننڍي وڏي ٻار کان وٺي جوان ۽ ٻڍي تائين هر ماڻهو جي ذوق ۽ شوق موجب سٽاءُ نظر ايندي آهي. سٽي سينٽر گهمو ڦرو، کائو پيئو، جهونگاريو ۽ رقص ڪريو، باقي جي بدذوق آهيو ته هتي نه اچو. پاڻ وٽ حيدرآباد ۾ راڻي باغ بہ ھن ٽائپ جو تفريگاهه آهي، پر اُن جي سٽي سينٽر سان ڪهڙي ڀيٽ؟ هِتي صاف سٿرو کليو ۽ آزاد ماحول ۽ راڻي باغ ۾…؟ راڻي باغ جي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ تفريح جو شوق پورو ڪرڻ ائين آهي، جيئن قاسم آباد جي واڌو واهه جي گٽرن جي ڀرسان ٺهيل هوٽلن تي کيرپتي چانهه پيئڻ جو شوق پورو ڪرڻ! پر ڇا ڪجي؟ وري به پاڻ وارن شهرن ۾ ٿوري گهڻي انڌي منڊي تفريح آهي، پر ڳوٺن ۾ ته صفا ڀڀڙ ڀينگ لڳي پئي آهي. ان جو ذميوار ڪنهن کي ٺهرائجي؟ ملڪ جي ڪرپٽ حڪمرانن کي يا عام ماڻهن کي جيڪي اهڙن بدديانت ماڻهن کي ھر ڀيري اقتدار جي ڪرسي تائين رسائين ٿا؟ يا تو ۽ مون پارن سمجهو، ڏاهن ۽ جينيس ماڻهن کي، جن پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ بهرحال ڏکيو سکيو وقت ڪهڙو به هجي، سدائين ساڳيو نٿو رهي، ڪڏهن ته ڇٽ پٽن تي ضرور ڪرندا. ڪڏھن تہ ھن ڌرتي تي سڻائو واءُ ورندو، ان جو نه صرف مونکي يقين آهي پر تاريخ به اهو ئي ٻڌائي ٿي.
هتي سٽي سينٽر جي بلڪل مرڪز ۾ البانيا جي آزادي جي هيرو سڪندر بيگ جو شاهي پتلو نصب ڪيو ويو آهي، جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ ته وري ٻئي هٿ ۾ تلوار آهي. هي ڪاري رنگ جو پتلو جيڪو مٽي هاڻي رنگ (آف وائٽ) جي جابلو پٿر جي وڏي چبوتري تي سجايو ويو آهي، اُهو البانيا جي مشهور سنگتراش Odhise paskah جو ٺاهيل آهي. البانيا جي آزادي جي هيرو جنهن سلطنت عثمانيه ترڪي (Ottoman Empire) جي خلاف سخت مزاحمت ڪري اُن کي ٽوٽا ڄمايا ۽ جيسين جيئرو رهيو، ترڪن جي همٿ نه ٿي جو هن سورهيه سالار کي شڪست ڏيئي سگهن. هن 1468ع ۾ ليزا (Lezhe) شهر ۾ وفات ڪئي، جيڪو ترانا کان 53 ڪلوميٽر پري آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته هن جو موت مليريا جي بخار وگهي ٿيو ته وري ڪن جو خيال آهي ته سلطنت عثمانيه سازش ڪري هن کي زهر ڏياري مارايو. بهرحال جيڪا به حقيقت هئي، هن کي وفات کانپوءِ سينٽ نڪولس چرچ ليزا ۾ دفنايو ويو. هن جي وفات کان تقريبن ڏهه سال پوءِ جڏهن سلطنت عثمانيه ليزا تي قبضو ڪيو ته ان چرج جو قبو (ٽاور) ڊاهي ان تي مينار ٺاهي، ان کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ا ڳتي ھلي بڪتاشي ڪميونٽي (شيعه فرقو) ان کي پنهنجين مذھبي سرگرمين لاءِ استعمال ڪندي ھئي. جڏهن البانيا تي ڪميونسٽ دور حڪومت شروع ٿيو ته ان مسجد جو مينار ڊاهي واپس اصل حالت ۾ آڻي ان کي سڪندر بيگ يادگار ۾ تبديل ڪيو ويو. هن يادگار عمارت ۾ جتي عظيم سپھ سالار سڪندر بيگ جي قبر به آهي ته اتي وري هڪ عاليشان ميوزم به قائم ڪيو ويو آهي. هن يادگار کي وزٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ ٽڪيٽ 100 ليڪ (الباني ڪرنسي) آهي ۽ هي يادگار اپريل کان سيپٽمبر صبح 8 کان 2 وڳي تائين ۽ آڪٽوبر کان مارچ صبح 8 وڳي کان 5 وڳي تائين کليو رهي ٿو. بدقسمتي سان وقت جي ڪمي سبب آئون هن روپلي ۽ دودي جهڙي دليري رکندڙ سورهيه سپهه سالار جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ ليزا ڏي وڃي نه سگهيس. باقي سٽي سينٽر تي نصب ٿيل هن جي قداور مجسمي کي ٻنهي هٿن سان نوڙي سلام ڪيو. مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿو ته مست گهوڙي تي سوار سڪندر بيگ جنهن جي هڪري هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ ته ٻئي هٿ ۾ تلوار آهي، البانيا جي ماڻهن لاءِ ان تناور درخت جي مثل آهي، جنهن جي ڇپر ڇايا ۾ البانيا جا ماڻهو انتهائي پرسڪون ۽ پر ڪيف ماحول ۾ آزادي جون خوشيون ماڻين ٿا ۽ موج مستيون ڪن ٿا. البانيا ۽ اسانجي ماڻهن ۾ فرق اهو آهي ته هو پنهنجي فاتح هيرو جو جشن ملهائين ٿا ۽ اسين پنهنجي شڪست کاڌل هيروز (دولهه دريا خان، دودو، روپلو…..) جو. پر اسانجا هيروز شڪست کائيندي به امر ٿي ويا ۽ هو اڄ به اسانجي دلين ۾ ائين ڌڙڪن ٿا ۽ اُتساهه ڀرين ٿا، جيئن البانيا جو فاتح هيرو سڪندر بيگ.
سٽي سينٽر ترانا جي وچ شهر ۾ وڏي ۾ وڏو سينٽر آهي. هن ايريا جو اسٽريٽ پئٽرن 20 صدي ۾ تبديل ڪري ان ۾ خوبصورتي جا رنگ ڀريا ويا آهن. هن ايريا ۾ ٻيون به کوڙ ساريون عمارتون آهن، جن کي ڏسڻ سان نه صرف گهمڻ ڦرڻ جو شوق پورو ٿئي ٿو، پر معلومات ۾ به اضافو ٿئي ٿو. انهن ڪافي پراڻين (ائنٽڪ) ۽ نين عمارتن ۾ (i) اٽلي ۽ ڪميونسٽ حڪومتي دور جون عمارتون، (ii) ثقافتي محل (Palace of Ctulure)، (iii) اوپيرا، (iv) Ethem Bey Mosque، (v) National Historical Museum، (vi) Largest square، (vii) Bunk Art-2 Museaum. سٽي سينٽر جي ويجهو بنڪ آرٽ-2 ميوزم جي گهمڻ جو ذڪر پاڻ اڳي ئي تفصيلي ڪري آيا آهيون، باقي مٿي ڄاڻايل ٻيون شيون ٽوئر جي مختصر پروگرام هئڻ سبب گهمي (ڏسي) ڪونه سگهياسين.
سٽي سينٽر تي مچيل ميلي مان لطف اندوز ٿي هاڻ پاڻ سوچيو ته ڇو نه پيٽ پوڄا ڪجي؟ ڇو جو خالي پيٽ آهي ته زندگي جا سڀ رنگ اڏاميو وڃن. شايد تڏهن ئي شيخ اياز (يا ٻئي ڪنهن؟ مونکي ياد ناهي) چيو آهي: ”خدا خدا آهي پر پيٽ ڏيڍ خدا آهي؟“ سو پاڻ هلون ٿا پيٽ کي ڇاٻ ڏيڻ. سٽي سينٽر مان ٿيندا پاڻ ٻاهر نڪري آيا آهيون رستن تي. رستن تي گاڏين جو شور، ڪراس ڪندڙ ماڻھو، هل هنگامو، ان جو به پنهنجو ھڪ جهان آهي. ڪرسمس جا ڏينهن ويجهو اچڻ جي ڪري رستن، بازارن ۽ گهٽين کي رنگ برنگي لائيٽن ۽ مختلف ڊزائنن ۾ ڪرسمس جي وڻن کي ٺاھي سجايو ويو آهي. پاڻ ان رنگين ماحول جو مزو وٺندا، ھلندا گھمندا دنيا جھان جو واس وٺندا، پھچي ويا آھيون ان ايريا ۾ ئي موجود چڪرا ريسٽورنٽ ۾. هي انڊين ريسٽورنٽ، آهي ننڍي، پر آهي ڏاڍي خوبصورت ٺهيل. انجي اندرين سٽاءُ (ڊيڪوريشن) ۾ ڪاٺ جو ٺهيل وڏو گولو چڪرو (يا چڪرا) ديوار تي نصب ڪيو ويو آهي، جيڪو انڊيا جي مشهور مهاراجا اشوڪا جي تخت راڄ جو علامتي نشان هو ۽ هن وقت انڊيا جي قومي جهنڊي ۾ به موجود آهي. اُن کانسواءِ ھن ريسٽورنٽ ۾ انڊيا جي ثقافت ۽ تهذيب سان لاڳاپيل پورٽريٽ، شيون ۽ ماڊل پڻ ترتيب سان سجايا ويا آهن ۽ وري هڪڙي سيڪشن ۾ ماني کائڻ جو انڊين بيٺڪ سسٽم به بنايو ويو آهي. هن هوٽل ۾ انڊين کاڌن کان علاوه يورپين کاڌا به ملن ٿا. آڌر ڀاءُ ۽ سروس لاءِ سائي ۽ ڪاري رنگ مائل پلين ساڙهي پاتل جوان ڇوڪري موجود آهي. ساڙهي انڊيا جي قومي لباس ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ انڊين عورتن کي ساڙهي جچي به خوب ٿي. نراڙ تي بنديا (ٽِڪلو) ۽ جسم تي ساڙهي پاتل ريکا ۽ ماڌوري کي جنهن به ڏٺو هوندو ته اُن کان زبان مان سونهن جي تعريف جا لاتعداد لفظ لازمي نڪتا هوندا. پر هتي اهو ساڙهي جو لباس الباني ڇوڪري کي پاتل آهي. ريکا ۽ ماڌوري کي ته واقعي ساڙهي لڳي بيٺي هوندي آهي، پر هتي به يار گهٽتائي ڪونهي، جهڙو الباني ڇوڪري جو قد ۽ نازڪ ۽ سنهڙو بدن (Slim Body) اهڙي ئي وري مٿانئس ساڙهي سونهي ٿي. چوندا آهن ته سرمو هر ڪو پائي پر اک اک جو ڦير آهي. سو پنهنجي برصغير جو ماڻهو به هن سونهن ڀري سندري کي ڏسيو حيرتن جي جهان ۾ گم ٿيو وڃي. سندرتا تنهنجا ڀلا ڪيترا ۽ ڪهڙا روپ آهن؟ هڪڙو دل لڀائيندڙ مدهم روشني، ٻيو هوٽل جي سهڻي سٽاءُ ۽ مٿان وري ماني به ڀلي هجي ۽ سا به وري من موهڻي سندري پنهنجي نازڪ ۽ ڪومل هٿن سان اڳيان رکي، ته نه رڳو پيٽ جو پر اکين جو به ڍئو ٿي وڃي ٿو. مونکي ان ماحول ۾ اُستاد محمد ابراهيم جو ڳايل ڪلام، ”اکيون ميگهه ملهار صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو،“ من تي تري آيو. سو پاڻ به من کي سانت سڪون ۽ سونهن سان واسيندڙ ۽ موهيندڙ ماحول ۾ ماني کائي هوٽل کان ٻاهر نڪري آيا آهيون، روڊن تي. سگريٽ دکائي پيرين پنڌ (پسار ڪرڻ) هلڻ شروع ڪيو اٿئون. جرڪندڙ لائٽون، سينگاريل ڪرسمس جا وڻ هاڻ ڪجهه وڌيڪ ئي وڻي رهيا هئا. چوندا آهن ته جڏهن من اندر ۾ سونهن ۽ سرهاڻ اوتجي وڃي ته ٻاهريون ماحول اڃا به وڌيڪ موهيندو آهي. سٽي سينٽر کان منهنجي بڪ ڪيل هوٽل ڪمفرٽ ڪا ٻه ٽي ڪلو ميٽر جي پنڌ تي هئي، انهي ڪري آرام سان پسار ڪندو هوٽل تي پهچي ويس. جڏهن من اندر، سونهن ۽ سرهاڻ سان ڀريل هجي ته ماڻهو سڪون به واھ جو محسوس ڪري ٿو. سو بستري تي ليٽندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ننڊ وٺي وئي ۽ صبح جو اُٿڻ لاءِ رکيل موبائل جي الارم تي وڃي اک کلي.

