پاڪستان موبائل فون برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو
انووي ٽيلي ڪام طرفان مقامي سطح تي تيار ڪندڙ موبائل فونز جي ايڪسپورٽ جي تقريب پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿي. هيءَ تقريب انووي ٽيليڪام جي سيگو برانڊ جي آفريقي مارڪيٽ لاءِ متحده عرب امارات (يو اي اِي) کي ڪاميابي سان ايڪسپورٽ ڪرڻ واري پاڪستان ۾ تيار ڪيل هڪ لک 20 هزار موبائل فونز جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.