آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اُٿي چوي ته اڄ آفيس نٿو وڃان ۽ اسيمبلي ٽوڙيان ٿو: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئين ۾ اهڙي ڪا گنجائش ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اُٿي چوي ته اڄ آفيس نٿو وڃان ۽ اسيمبلي ٽوڙيان ٿو، پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ئي وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سعيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اسيمبلي نه ٽُٽندي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبليون نه ٿيون ٽوڙي سگهجن. اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ وڏي وزير کي اختيار ضرور آهي پر ان جي پويان ڪي سبب هجن، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبلي نه ٽٽندي.