خاصدنيانيو‍‍ز

گنجن مردن لاءِ هڪ ٻيو مسئلو

ڪورونا وائرس تي ڪيل هڪ تحقيق جي نتيجي ۾ اهو انڪشاف سامهون آيو آهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس مان گنجا مرد وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته عام مردن جي ڀيٽ ۾ وارن کان محروم مرد ان وبا جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا. محققن طرفان گنجن مردن ۾ ان وبا جا وڌيڪ خطرا ۽ موت جي شرح جو سبب مردن جي “اينڊورجين” هارمون کي قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي محققن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو شڪار عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد وڌيڪ آهن. ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ مردن ۾ موجود هارمون “ٽيس ٽس اسٽيرون” ۽ ڪورونا وائرس وچ ۾ واسطي تي به تحقيق جاري آهي.