ج: منهنجو ننڍپڻ ايئن ئي گذريو جيئن ٻين ڇوڪرين جو هوندو آهي، ڇوڪرين واريون رانديون، گڏين سان کيڏڻ، لِڪ لڪوٽي ۽ ٻيون کيڏيوسين، ساهيڙين ۾ هر دلعزيز هئس، کوڙ هڪ جيڏيون هئم کُٿاب ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ ۽ اسڪول ۾ گڏ هوندا هئاسين، قرآن پاڪ چوٿين درجي ۾ پورو ڪري ڇڏيم، تعليم مختلف شهرن مٺي، عمرڪوٽ، ماتلي، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ڏيپلي مان ٿي جو بابا جون سرڪاري نوڪريءَ سبب جتي جتي بدليون ٿيون ته اسڪول مٽجي ويندا هئا. مٺيءَ ۾ پهرين درجي ۾ ناپاس ٿيس ايتري سادي هئس جو ڪونه سمجهيم ته سائين نتيجو ٻڌائڻ مهل چوي پيو ته، “پروين اختر بنت محمد موسيٰ ناپاس” ته اها ڪا افسوس جي ڳالهه آهي گهر ڊوڙي اچي ٻڌايم ته “بابا بابا! آئون ناپاس ٿي آهيان” بابا جي هٿ ۾ ڊان اخبار هئي آهستي سان منهنجي ڪلهي تي هڻي چيائين ته، “امان. ڍائيين تون!!” جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ناپاس ٿيڻ صحيح ڪونهي پوءِ رُنيس، نائيڪ بابا کي چيو ته، “سائين! توهان جي نياڻيءَ کي ڪيئن ناپاس ڪيو اٿن آئون ٿو وڃي چوان ته محمد موسيٰ مختيارڪار جي ڌيءَ آهي، پاڻيهي پاس ڪندا” ان زماني ۾ مختيارڪار جو عهدو وڏي ڳالهه هوندي هئي، پر بابا چيس ته، “نه بابا! ڪا ضرورت ڪونهي ڀلي ڇوڪريءَ جي پيڙهه پڪي ٿئي”، آئون ٻيهر پهريون درجو پڙهڻ لڳيس، اسان جي دور ۾ ماسترياڻيون توڻي ماستر سڀ مهربان هوندا هئا، هرو ڀرو ڪڏهن مار ڇا، پر دڙڪا به ڪونه مليم نه ئي ڪڏهن گهر ۾ دڙڪا مليا پڙهڻ جو شوق شروع ۾ صفا گهٽ، بلڪه نه هئڻ برابر هو، ٺٽي ۾ چوٿين ۽ پنجين ۾ منهنجي داخلا ڇوڪرن جي اسڪول ۾ ٿي جو ڪو به زنانو اسڪول ويجهو ڪونه هو. اسڪول ۾ ڪجهه ڇوڪريون هيون، پر پنهنجي ڪلاس ۾ آئون هڪ ڇوڪري هئس. استاد پڙهائيءَ جي معاملي ۾ سخت هئا، منهنجا اکر به خراب هئا ته حساب ۾ ڪمزور هئس، سائين مقبول جڏهن ڇوڪرن کي رول هڻندو هو ته مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو ته مون کي دڙڪا نه ملن ڇوڪرن جي منهن تي گهٽتائي نه ٿئي هڪ ٻه دفعا تنبيهون مليون مون تمام گهڻي محنت شروع ڪئي گهڻي ۾ گهڻو لکڻ تي ڌيان ڏنو ٻن ٽن مهينن ۾ ڪلاس ۾ نمبر کڻڻ لڳيس ۽ ايئن پوءِ ٻيون ۽ ٽيون نمبر اچڻ لڳيس اتان ئي پڙهائيءَ جو بنياد سڌريو. ڇهين درجي ۾ سانگهڙ جي اسڪول جي هوشيار ترين پنجابي ڇوڪريءَ فهيم اختر جي مقابلي ۾ مون پهريون نمبر کنيو، جو سلسلو پوءِ جاري رهيو مئٽرڪ ۽ انٽر فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ اڳيان پڻ ان ريت رهيو، ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪرڻ کانپوءِ وري سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ جو شوق ٿيو، 1988ع ۾ اها فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيم، پي ايڇ ڊي سنڌيءَ ۾ بعنوان “سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو” 2012ع ۾ مڪمل ٿي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ مان 2018ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيس، ادب ۾ دلچسپي پڻ ڇهين درجي کان ٿي جيئن تعليم جو شوق وڌيو ته گڏ ڪتابن ۽ اخبارن پڙهڻ جي هڪڙي چُوس وڌي، پاڙي ۾ لائبريريون مسواڙ تي ڪتاب چار آني ۾ ڏينديون هيون هڪ ڏينهن ۾ پڙهي واپس ڪري ٻئي ڏينهن ٻيو ڪتاب کڻندا هئاسين. ڍڳ ڪتابن جا پڙهياسين.
س: پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ ان وقت جا تاثرات ڄاڻايو؟
ج: پهرين تحرير 1973ع ۾ هڪ افساني بعنوان “چري” سان هلال پاڪستان اخبار جي سگهڙين سٿ صفحي تي ڇپي جنهن جي گهڻي خوشي ٿي، اها اخبار اسان جي گهر ۾ پابنديءَ سان ايندي هئي، پر ان وقت آئون اها محفوظ ڪري رکي ڪونه سگهيس، جا اخبار هاڻي مون کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ مان ملي آهي، ساڳي ڪهاڻي 1980ع ۾ ميرپورخاص جي چانڊوڪي مئگزين ۾ ڇپايم.
س: ٻارن جي لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو، ٻالڪ ادب ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بابت ڄاڻ ڏيو.
س: توهان جي خيال ۾ هلندڙ وقت ۾ جيڪو ٻارن جو ادب سِرجي رهيو آهي اهو اطمينان جوڳو قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
ج: نه بلڪل نه! اسان وٽ اخبارون گهٽجي ويون آهن گهڻي ڀاڱي ته ڊمي اخبارون آهن جن جي ڪا خاص اشاعت ئي ڪونهي چند وڏيون اخبارون آهن سي به ٻالڪ صفحو نٿيون آڻين، جنهن جي هن وقت ۾ سخت ضرورت آهي ته رسالا به ڪونه پيا نڪرن “گل ڦل”، “مرلن” (مرلن ۾ سنڌي ۽ انگريزي ڀاڱا آهن) “ساٿي” رسالا آهن جنهن ۾ “ساٿي” رسالو هن وقت بند ٿي چڪو آهي، (مون ذاتي طور دلچسپي وٺي اخبارن ۽ رسالن وارن سان ڳالهايو آهي ته ٻارن جي لاءِ اڌ صفحو اخبارن ۾ 2 صفحا ڪم از ڪم رسالي ۾ رکن، ادي زاهده ابڙو منهنجي چوڻ تي پنهنجي رسالي همسري ۾ 2024ع کان ٻه صفحا مقرر ڪيا آهن، ٻالڪ ادب جي ليکڪن کي همسري ۽ عبرت مئگزين ۾ مواد موڪلڻ گهرجي) هاڻي اهڙي صورتحال ۾ ٻارن جو ادب ڪيئن وڌي ويجهي سگهندو، حڪومت ۽ حڪومتي ادارن پاران به ڪوبه خاص سهڪار ڪونهي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ جا ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتاب جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمي سان آندا وڃن ته اسان جي ليکڪن کي نه فقط نوان ٽرينڊ ملندا، پر پڙهندڙن جو به وسيع حلقو پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ان ئي ريت سائنسي مواد جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهبو.
س: ٻارن جي لاءِ لکيل ادب جي ورڇ جيڪڏهن ٻارن جي عمر جي حساب سان ڪجي ته ڇا اسان وٽ اهو موزون طريقي سان لکجي رهيو آهي؟
ج: انهيءَ سوال جي جواب ۾ اهو چونديس ته اسان وٽ گهڻو نظم ٿو لکيو وڃي، نثر گهٽ آهي ۽ جيڪو آهي ان ۾ خاص طور مضمون ناٽڪ، ناول ته نه هئڻ برابر آهن، انهيءَ ڪري موزونيت لاءِ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، اهو سڀ هوند تي منحصر آهي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٻارن لاءِ چند اديبن لکيو، پر وچ ۾ ڄڻ ڪجهه خال لڳي ٿو هلندڙ وقت لکڻ وارا ۽ پڙهڻ وارا ته آهن، پر پنهنجي خرچ تي ڪتاب ڇپرائڻا ٿا پون جنهن جي سگهه سڀ ساري نٿا سگهن حڪومتي ادارن جي مدد جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ٻارن جي ادب جي ترقي ٿئي. ڪو ادارو ٻالڪ ادب جي ترقيءَ لاءِ الڳ سان جُڙڻ به ضروري آهي.
س: اڄ جي ٻار کي ادب ڏي موڙڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟
ج: ٻار پڙهڻ چاهين ٿا، منهنجا پنهنجا ڇپيل ڪتاب تمام جلدي وڪرو ٿي ٿا وڃن جن جا ٻيا نوان ڇاپا به ڇپيا آهن. سنڌ ۾ پڙهندڙ ٻارن جو سٺو انگ آهي، اسين فقط انهن تائين سٺا ڪتاب ۽ رسالا پهچايون جيڪي معياري هجن ۽ مناسب قيمت ۾ به هجن، درسي ڪتابن معرفت ادب کي وڌايو وڃي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ادبي سرگرميون هئڻ گهرجن جهڙيءَ ريت مختلف ڪاليج پنهنجا ڪاليج مئگزين شايع ڪن ٿا، اهڙيءَ ريت هاءِ اسڪولن کي به ننڍا مئگزين شايع ڪرڻ گهرجن ته جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجون لکڻيون شايع ڪرائين ۽ سندن مطالعو ۽ اعتماد وڌي.
س : ٻارن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.
ج: ٻارن کي اهو پيغام ڏيڻ پسند ڪنديس ته اولين ترجيح پنهنجي درسي ڪتابن کي ڏيو، علم حاصل ڪريو پڙهائيءَ ۾ ڀڙ ٿيو، ان سان گڏ ادبي مطالعي سان ضرور لاڳاپيل هجو جنهن سان توهان جي تربيت ٿيندي ۽ ذهني طور صحتمند رهندا.