روشني ۽ آواز سان الزائيمر جو مرض گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي
الزائيمر جو مرض هن وقت سموري دنيا لاءِ هڪ چيلنج بڻجي چڪو آهي جنهن جي علاج جي هڪ غير روايتي راهه سامهون آئي آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته روشني ۽ آواز ذريعي ان تڪليف ڏيندڙ بيماري جي شدت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ ان مان ڪيترائي فائدا پڻ حاصل ٿيا آهن.
پبلڪ لائبرري آف سائنس ون ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق موجب شروعاتي تجربن ۾ هيءَ ٿراپي فائديمند ثابت ٿي آهي. جڏهن ته اڃا صرف ڪجهه ئي مريضن تي ان کي آزمايو ويو آهي. ميساچيوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ايم آءِ ٽي) جي پروفيسر لائي هوئي سائي ۽ سندس ساٿين ستن سالن تائين هن تي تحقيق ڪئي آهي. دماغ ۾ ٺهندڙ نقصان ڏيندڙ پروٽين الزائيمر جو سبب بڻجن ٿا.
ماهرن ڪوئن تي خاص روشني جا جهماڪا وڌا ۽ ڪجهه آواز ٻڌرايا ته نقصان ڏيندڙ پروٽين گهٽ ٿيڻ لڳا. مسلسل غور سان معلوم ٿيو ته 40 هرٽز جي روشني جادوئي خاصيت رکي ٿي ۽ علاج لاءِ موزون قرار ڏٺي وئي. ڪوئن کانپوءِ هن ٿراپي کي اسپتال ۾ 43 مريضن تي آزمايو ويو جن کي گيما اي اين ٽرينمنٽ يوزنگ سينسري سيموليشن (جينس) جو نالو ڏنو ويو، يعني ان تي مختصر وقفي لاءِ روشني وڌي وئي ۽ آواز ٻڌرايا ويا جڏهن ته ان دوران اي اي جي مان دماغ کي نوٽ ڪيو ويندو رهيو، پر ان ۾ تندرست ماڻهن سان گڏوگڏ الزائيمر ۽ مرگي جا مريض پڻ شامل هئا معلوم ٿيو ته دماغ جا گهڻا حصا 40 هرٽز جي فريڪوئنسي سان هم آهنگ ٿي وڃن ٿا.
وڌيڪ تحقيق مان معلوم ٿيو ته هن فريڪوئنسي جي روشني ۽ آواز گهڻا اهم آهن ڇو ته اهي نه صرف حسياتي هنڌن کي سرگرم ڪري رهيا آهن پر ايمگڊالا، هيپوڪيمپس ۽ انسيوله کي پڻ جاڳائين ٿا.

